ڪنهن چيو ڪرپشن گهٽجي وئي…!؟: جاويد ابڙو

ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پنهنجي سالياني رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته ڪرپٽ ملڪن ۾ پاڪستان جي درجابندي ۾ گهٽتائي يعني بهتري آئي آهي ۽ بدعنواني تي ڪجهه ڪنٽرول ٿي رهيو آهي، اهڙي طرح سارڪ جي ميمبر ملڪن ۾ پاڪستان جي پوزيشن به بهتر ٻڌائي ٿي وڃي، اهڙين رپورٽن تي اها ڳالهه ڪرڻ به ذڪر جوڳي آهي ته ملڪ ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن هجي يا مفاهمت جي يارن خلاف هلندڙ ڪارروايون، ان جو ڪريڊٽ هر ڌر پاران پنهنجي نانءُ ڪرڻ جي بيانن مان به صاف ظاهر ٿي رهيو آهي ته قومي يا صوبائي سطح جي هر ڌر عوام ۾ سرخرو ٿيڻ جي جستجو ۾ رُڌل آهي، پر ملڪ ۾ جيڪڏهن ٿوري گهڻي صورتحال بهتر ٿي به آهي ته ان جو ڪريڊٽ حاصل ڪرڻ جون مستحق اهي ئي ڌريون آهن، جن ايمانداري، سچائي، حب الوطني ۽ مخلص نموني سان قومي مفادن، امن جي قيام ۽ ملڪي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪم ڪيو آهي ۽ اڃا به اهي اهو سلسلو جاري رکنديون پيون اچن.

نيب ڪرپشن جي خلاف مهم ضرور هلائي آهي ۽ هر سال اينٽي ڪرپشن جو ڏهارو به ملهايو ٿو وڃي، يوٽيلٽي بل هجن يا بئنڪن جا دروازا، انهن تي ان مفهوم جا بينر به لڳايا وڃن ٿا ته بدعنواني کان نفرت ۽ انڪار ڪريو، پر اها حقيقت آهي ته انهن ئي اينٽي ڪرپشن جي بينرن جي ڇانو ۾ بدعنواني ٿيندي رهندي آهي، ماضي توڙي موجوده حالتن کي اڳيان رکندي پاڪستان کي ڪرپشن فري ملڪ قرار ڏيڻ ته ناممڪن آهي، پر ان ۾ ڪمي ضرور آڻي سگهجي ٿي ۽ جيڪڏهن ان تي واقعي سنجيدگي سان ڪم ڪيو وڃي ۽ ٿوري به ڪاميابي ملي وڃي ته اهو ڪنهن به حڪومت يا اقتدار ڌڻين لاءِ وڏو ڪارنامو هوندو. اسان جي ملڪ ۾ ڪرپشن ڪنهن هڪ روپ ۾ ناهي، پر ان جا ڪيترائي خوب نرالا رنگ آهن، ڪڏهن ڪو سياسي ڳٺجوڙ يا مفاهمت يا وري ڪرپشن لاءِ رستو نه ملڻ تي مزاحمت جا اعلان، پر انهن ۾ نمايان ڪردار گهڻي ڀاڱي بيوروڪريٽس ۽ حڪومتي نمائندن جو ئي شامل هوندو آهي، پوءِ اهو ڪنهن اعليٰ حڪمران جو ڪنهن به سطح جو ملازم هجي يا وري اهو حڪمران پنهنجي سر پاڻ بدعنواني جي ميدان تي ڇانيل ڇونه هجي.

ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل شايد ان کان اڻ ڄاڻ آهي ته عدالت ۾ انصاف لاءِ ايندڙ سوالي کي ڪيترو ڦريو ۽ لٽيو ٿو وڃي، ايتري تائين جو عدالتي حڪمن جون ڪاپيون حاصل ڪرڻ به ڪنهن شهري لاءِ رشوت ڏيڻ بنا ممڪن ناهي هوندو، سرڪاري ادارا جيڪي ترقياتي ڪمن جا ذميوار هوندا آهن، اهي ته پلاٽ خريدڻ، وڪڻڻ ۽ روڊ رستن جي تعمير ۾ ڪرپشن تي ڇانيل هوندا آهن، ملڪي حڪمرانن جي گڏ ڪيل رقم، جيڪا ٻاهرين ملڪن جي بئنڪن ۾ جعع ڪرايل آهي، ڇا ان ۾ ڪرپشن وسيلي ڦُريل هڪ رپيو به شامل نه هوندو!؟ اهو اندازو اوهان پاڻ ملڪ جي اڳئين ۽ موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکي ڪري سگهو ٿا. روينيو کاتي ۾ جائز ڪم لاءِ تپيدار کان ويندي مٿئين سطح تائين هڪ عملدار جي رڳو هڪ صحي تي ڪيترا ڏوڪڙ ورتا وڃن ٿا، اهڙي طرح ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل ڪڏهن پاڪستان جي ڪنهن پوليس اسٽيشن تي وڃي سروي ڪري ڏسي ته يقينن سندس ان رپورٽ تي کيس ٻئي هٿ مٿي تي رکڻا پئجي ويندا. ڪڏهن ڪنهن تڪرار جي ڪري ڪي ڌريون ٿاڻن تائين پهچن ٿيون ته انهن کان پوليس عملدار توڙي سپاهي رينڪ جا اهلڪار ڪهڙي طرح ٿا کيسا خالي ڪرائين، اهو ڏسي شايد ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل کي ڏندي آڱريون اچي وڃن، پاڪستان ۾ ڪرپشن جي گهٽتائي ٿيڻ جي دعويدار ان عالمي تنظيم کي اهو ڄاڻڻ گهرجي ته پاڪستان ۾ ڪهڙا ۽ ڪيترا سڻڀا کاتا آهن ۽ اتي ڪيتري ڪرپشن ٿي رهي آهي، انهن سڻڀن کاتن ۾ ته سفارشن وسيلي ۽ لکين رپيا ڏئي ڪامورا عهدا ماڻين ٿا ۽ اتي ڪنهن به طرح عهدو ماڻي ڦرلٽ جي بازار گرم ڪئي ٿي وڃي، ڇوته ڊپوٽيشن تي ڪنهن کاتي جو عهدو ملڻ کانپوءِ ڪرپشن ڪندڙ هر ڪامورو اهو ڄاڻيندو آهي ته کيس ڪيتري مدي لاءِ هتي موڪليو ويو آهي، جتي پٽيوالي جي نوڪري به وزير پئسن تي وڪرو ڪن، ٻوڏ ۽ زلزلي متاثرن لاءِ ملندڙ امدادي سامان دڪانن تي وڪامجڻ لڳي ته اتي ڪرپشن گهٽجڻ جي ڳالهه ڪرڻ تعجب ۾ وجهڻ ۽ مذاق کان گهٽ ناهي.

ٻه ٽي ڏينهن اڳ آڊيٽر جنرل آف پاڪستان سنڌ ۾ رستن جي تعمير لاءِ وڏي پئماني تي ڪرپشن جو انڪشاف ڪندي اين ايڇ اي جي منصوبن ۾ 137 ارب 50 ڪروڙ رپين جي بيضابطگين جي نشاندهي ڪئي، سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ هڪ ڪلوميٽر 10 ڪلوميٽر جي لاڳت سان تيار ٿيو آهي، پر رستا ڪٿي به نظر نه ٿا اچن، لاڙڪاڻي پئڪيج جا 18 ارب 36 ڪروڙ، جيڪب آباد سکر سيڪشن جا 11 ارب 25 ڪروڙ، ٻوڏ سبب تباهه ٿيل رستن جي بحالي جي نالي  تي 4 ارب 50 ڪروڙ رپيا هضم ڪيا ويا آهن، جيڪڏهن اهڙي قسم جون ٻه چار ٻيون رپورٽون ۽ انڪشاف اڳيان رکجن ته پوءِ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل کي پاڪستان ۾ ڪرپشن جي خاتمي بابت بهتري جي رپورٽ ڏيڻ جو ڪو جواز باقي نه رهندو.

اسان جي ملڪ ۾ هيٺين سطح تي جيڪا ڪرپشن ٿي رهي آهي، ان جا ڪارڻ مختلف آهن، ان جو ننڍڙو مثال اهو آهي ته حڪومت گهٽ ۾ گهٽ پورهيت جي اجرت يا پگهار 12 هزار رپيا ماهوار مقرر ڪئي آهي، پر پرائيوٽ سيڪٽرن ۾ ان تي عمل ٺپ نه ٿي رهيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو جن ماڻهن کي سندن پورهئي جي اجرت پوري نٿي ملي، هو مهانگائي کان تنگ ٿي ڪرپشن جي راهه تي هلڻ شروع ٿي وڃن ٿا ۽ پوءِ اهي معمولي ڪمن لاءِ به رشوت وٺڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيندا آهن، ساڳي ريت سرڪاري کاتن ۾ هيٺين سطح جا ملازم به گهڻي ڀاڱي ڪرپشن ۾ وڪوڙيل آهن، ميگا پراجيڪٽس ۾ ته ڪروڙين ۽ اربين رپين جي ڪرپشن ڪئي ويندي آهي، ان حوالي سان قومي احتساب بيورو ۾ هلندڙ ڪيسن جا تفصيل ڪڏهن حاصل ڪري پڙهيا وڃن ته سڀ خبر پئجي ويندي ته ڳجهه ۾ هلندڙ ڪرپشن جي بازار ۾ ڇا وهي واپري پيو.

ڏٺو وڃي ته هتي ملڪ جو هر شهري ڪرپشن خلاف شديد جذبا رکي ٿو ۽ سندس اها خواهش هوندي آهي ته کيس ڪرپشن کان پاڪ ماحول ملي ۽ اها ذميواري يقينن حڪومت جي ئي هوندي آهي، پوءِ چاهي اهي صوبائي يا قومي اقتدار جا ڌڻي ڇونه هجن، عوام کي ڪرپشن کان پاڪ معاشرو ۽ ماحول فراهم ڪرڻ جي ذميواري انهن تي ئي لاڳو ٿئي ٿي. ملڪ ۾ ڪرپشن خلاف مختلف ادارا ڪم ڪري رهيا آهن، نتيجي ۾ ڪجهه عرصو اڳ ميگا اسڪينڊلز جي ملزمن جي گرفتارين کانپوءِ کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو ويو ته ان سان ڪرپٽ مافيائن تي ڪجهه اثر پيو آهي، پر پوءِ به اهڙا قدم ضرور کڻڻا پوندا، جن سان ملڪ ۾ ڪرپشن جو مڪمل خاتمو ممڪن بڻجي سگهي. ان سان گڏوگڏ بهتر اهو ئي آهي ته جيڪو عملدار جنهن کاتي ۾ مقرر ڪيو وڃي ٿو، اهو ان ئي کاتي ۾ ڪم ڪري، ان کانسواءِ جيڪڏهن ميرٽ تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي ته ان صورت ۾ پڻ بدعنواني تي وڏي حد تائين ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو، ڇوته ميرٽ کي لتاڙيندي ڪوبه شخص عهدو ماڻيندو آهي ته هن لاءِ يقيني طور تي ڪرپشن جون سڀئي حدون پار ڪرڻ ڏکيو ڪم ناهي هوندو، اسان وٽ ڪرپشن جي حوالي سان جيڪي ڪهاڻيون عام ٿيون آهن، جيڪڏهن انهن جي تهه تائين وڃي ڏسبو ته پتو پئجي ويندو ته جنهن شخص کي ميرٽ جي خلاف ڪنهن عهدي تي مقرر ڪيو ويو آهي ته هن پنهنجن ئي سرپرستن لا ڪمائي ڪئي ۽ گڏوگڏ پنهنجو پيٽ به ڀريو ۽ جيڪڏهن هو پنهنجي سرپرستن جو خيال نه ڪري ته گهڻي عرصي تائين هو ان سيٽ تي ويهي نه سگهندو، ان ڪري ضروري آهي ته هر قسم جي بدعنواني جي خاتمي لاءِ نه رڳو وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن، پر گڏوگڏ هر شهري کي گهرجي ته هو ان معاملي تي سجيدگي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪري ته جيئن اسان جو ملڪ حقيقي معنيٰ ۾ ترقي ۽ خوشحالي جي منزل ماڻي سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *