’ڪنهن جنهن نِينهَن نَنڌاهُ، جي مُون واجھائِيندي نه وَرو ؛محبوب درس

ڀٽ ڌڻيءَ جي ڀلاري ڀونءِ ۾، ڏات جي ٻرندڙ ڏيئن کي وقت جا وڏا طوفان به وسائي نه سگهيا آهن. سنڌ جي سينڌ سجائيندڙ مڻيادار ماڻهن کي، ڪڏهن به مُفلسيءَ جا گهاٽ گهڻا ماري مات ڪري نه سگهيا آهن، ڌرتي ۽ ڌرتيءَ واسين جا سور ساهه ۾ سانڍي، پاڻ پتوڙيندڙ املهه انسانن جي جبل جهاڳ جاکوڙ کي، ڪابه دنيائي طاقت ڪمزور ڪري نه سگهي آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته جيڪي فرد ٻين جي درد کي پنهنجو درد ٿا سمجهن، انهن جي زندگيءَ کي ناداري جو ناسور ناس ڪري ٿو ڇڏي، اُن هوندي به اهڙا اڏول انسان ڪنهن ايري غيري جي اڳيان جهول جهلڻ کي عيب ٿا سمجهن.

هونءَ ته سنڌ جون چارئي ڪنڊون علم ادب جي چٽسالي سان چٽيل آهن پر لاڙ پڇاڙ وارو هي خوبصورت خطو جنهن جي مٽيءَ مان، مولوي حاجي احمد ملاح، سرويچ سجاولي، منشي ابراهيم جهڙن محبوب شاعرن جنم ورتو، جن جي شاعريءَ جي سرهاڻ، سڳداسي چانورن جي خوشبوءَ وانگي سڄي لاڙ پٽن کي لذيذ ڪري ڇڏيو، اهڙوئي هڪ انمول ڪردار جيڪو نوري ڄام جي نينهن جي آخري نشاني ڪينجهر ڍنڍ جي ڪناري تي پيدا ٿيو، جنهن کي سنڌ واسي رسول بخش درس جي نانءَ سان سڃاڻن ٿا. کجين جي خوبصورت ننڍڙي ڳوٺ جهمپير جي جهوليءَ ۾ جنم وٺندڙ مهمانوازيءَ ۾ مشهور رسول بخش درس، جنهن جي قلم جي اُڏار ڪينجهر جي قد ۾ ويتر اضافو ڪري ڇڏيو، اهوئي رسول بخش درس جنهن کي جيجل ماءُ پورهيو ڪري رليون سبي پڙهايو هو، اُن پڙهائي پوري ڪري، درس تدرس جو دڳ وٺي ڪيترن ئي ڪوهستان جي ڪچڙن ذهنن کي علم ۽ ادب سان سنواريو، ادب جي اڙانگي سفر ۾ ڪهاڻي جي ڪومل صنف کي پنهنجو محبوب بنائي وڏا ڪامياب تجربا ڪيا. سندس ڪهاڻين جي اُڏارن، سندس اوچي قد ڪاٺ ۾ وڏو اضافو ڪيو، علي بابا کان ويندي نصير مرزا تائين، رسول بخش درس جي جهمپير واري ”مشهور ماڙي“ جا مريد ٿي ويا، انهي ڪري ئي ڌرتي جي ڀلوڙ شاعر حسن درس جهمپير تي هڪ طويل نظم لکي، رسول بخش درس جي مهمانوازي واري ڀاڪرن کي ڀيٽا ڏني هئي.

”سنڌ هيرن کاڻ“ جهڙا قيمتي ڪتاب ارپيندڙ رسول بخش درس هن وقت بيماري جي بستري تي حيدرآباد جي هڪ اسپتال ۾ بيحال پيل آهي، سرڪار سڳوري کان ويندي سنڌي ادبي سنگت واري سنگت اُگهور ننڊ ۾ ستل آهي، علم ۽ ادب کي حياتي ارپيندڙ رسول بخش درس جي گول گول وڏين اکين جو درد، ڀلي ئي ثقافت کاتي وارن کي سمجهه ۾ نه اچي پر ڌرتيءَ جي ساڃاهه وندن کي سڄي ماجرا جي پروڙ پوي پئي. درس جو اهو اخباري بيان ”ته هاڻي ڪنهن جي مدد جي ڪابه ضرورت ڪونهي“ ثقافت کاتي جي مُنهن تي چماٽ آهي، جس هجي سسئي پليجو، محمد علي مانجهي کي جن اسپتال پهچي هڙان وڙان مدد ڪئي، باقي سرڪار نامدار جو ڪوبه وزير مشير درس کي دلاسو ڏيڻ لاءِ به نه پهتو آهي. ٿر ۾ بُک وگهي معصوم ٻارن جو موت، سنڌ جي راڄڌاني ۾ بدامني جي باهه، سنڌ کي ٽڪرن ۾ ورهائڻ وارو ناڪام نعرو، قبيلائي جهيڙن جو قهر، انتهاپسنديءَ ۾ اضافو، اِهي سمورا عمل، سنڌ حڪومت جي ناروا سلوڪ جو سبب آهن. جتي هڪ وزير جي پروٽوڪول تي لکين روپيا خرچ ٿيڻ نيڪي جو ڪم هجي، اُتي هڪ بيمار ڏات ڌڻيءَ جي زندگي بچائڻ ڪهڙو ڪبيره گناهه جو ڪم آهي؟ سنڌ حڪومت کي وينتي آهي ته بيمار ڏات ڌڻي رسول بخش درس جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائي، سندس زندگي بچائي وڃي. جيئن مولوي حاجي احمد ملاح فرمايو:

”اي اميرو عام آهون رنگ لاهينديون ضرور،

نِت نماڻن جون نگاهون رنگ لاهينديون ضرور.“

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published.