دنيا جي تاريخ ۾ ڪجه اهڙا انمول ڪردار هوندا آهن جيڪي پنهنجي ننڍڙي ڄمار کان وٺي آخر تائين عظيم انسان واري زندگي گذاريندا آهن ، ۽ اهي انمول ڪردار همشه پنهنجي سماج جي ڏيک تي ڳالهائيندا آهن لکندا آهن ، ڪي وري پڙهندا، آهن، پوري دنيا اندر ادب جو وڏو معيار رهيو آهي ادب اندر شاعري افسانا ڪهاڻي ناول، گهڻو ڪجه آهي ادب روحاني سڪون جو نالو آهي ، ادب جٿي صرف موتي جا گل ملي سگهن ٿا ، ڪنڍا ڪڏهن به نه ادب ته عاشقو جو نالو آهي، ادب ته محبت جي پرچار جو نالو آهي، مان هڪ اهڙي رائيٽر جو ذڪر ٿو ڪيان جنهن پنهنجي پوري ڄمار لکڻ کي ڏني جنهن جي هر ناول ۾ محبت جو پڙاڏو هيو ، جنهن جي لفظن ۾ ماڻهو گم ٿي ويندا آهن ، نه ڄاڻ هن جي ٻولي ۾ سنڌودريا به رقص ڪندو هيو ، اها عظيم رائيٽر ، ڪلا پرڪاش، هئي جيڪا ڪجه ڏينهن پهريان اسان کان همشه لائي موڪلائي وئي آهي ڪلا پرڪاش، جو وڇوڙو ادب لاء هڪ وڏو نقصان آهي ، ڪلا پرڪاش . جو قلم ادب لائي وڏو زخيرو هيو،
جديد توڙي پراڻي ادب کي گڏ ڪري ناول ڪهاڻي ۽ افسانا نگار جي صورت ۾ اسان کي ڏئي وئي آهي ڪلا پرڪاش جي هر ناول ۾ هڪ پڪار پئي رهي آهي سماج جي بي حيا رسم عورت جي غلامي تي جيترو ڪلا جو قلم هيو اوترو شايد ڪنهن جو نه هيو، ڪلاش پرڪاش جو جنم سنڌ جي ضلع نوشهروفيروز ، ڳوٺ خان واهڻ ۾ ٿيو ، ڪلا پرڪاش جي خاندان موجب ته ڪلا پرڪاش کي ننڍڙي هوندي کان ادب سان هن جو چاه هيو هو هر شيء کي ڏسندي گم ٿي ويندي هئي ۽ ان شيء مان ان جو مطلب ڪنڍڻ جي ڪوشش ڪندي هئي شايد ڪلا پرڪاش جي اک ۾ ان شيء جو مطلب يا ان جو عڪس نظر اچي ويو هجي، ڪلاء پرڪاش جو تعلق پڙهيل لکيل خاندان سان هجڻ ڪري کيس ، تعليم سٺي ملي ۽ پنهنجي محنت تحت سٺي تعليم حاصل ڪئي ، پڙهائي دوران به ڪلاء پرڪاش کي مطالعي سان ڏاڍو پيار هوندو هيو هو ڪهاڻي ناول افسانا شاعري هر موضع کي شوق سان پڙهندي هئي ۽ اهو پڙهڻ کيس منزل ڏانهن وٺي ويو هيو ، ڪلا پرڪاش کي لکڻ جو ته وڏو شوق هيو پر ان وقت ۾ ڪلاء پرڪاش جي رهنمائي لاء ڪو استاد نه هيو تنهن ڪري ڪلاء لکڻ.به گهٽ ڪيو هيو پر وقت جي لهرن مان ڪلاء لاء ڪا اهڙي لهر آئي جنهن ڪلاء جي لکڻي ئي امر بڻائي ڇڏيو ، ڪلا پرڪاش جي جڏهن سنڌ ۽ هنڌ جي مشهور ليکڪ موتي پرڪاش سان شادي ٿي شادي کان پوء موتي پرڪاش کي احساس ٿيو ته ڪلا به هڪ سٺي رائيٽر بڻجي سگهي ٿي جيڪڏهن وقت سر ان جي رهنمائي ڪجي ، ان کان پوء مسلسل موتي پرڪاش ، ڪلاء جي مدد ڪندو رهيو جنهن کان پوء ڪلاء کوڙ سارا ناول ڪهاڻيو افسانا لکيا ، اڪثر هر پروگرام ۾ ڪلاء کان ايو سوال ٿيندو هيو ته اوهان جو ادبي زندگي ۾ استاد ڪير آ تڏهن ڪلاء چوندي هئي ته جيڪڏهن مان موتي سان شادي نه ڪيان ها ته شايد مان رائيٽ نه هجان هان، اڄ مان جيڪو ڪجه آهيان اهو سڀ ڪجه موتي جي مهرباني سان . منهنجو ادبي استاد ۽ رهبر موتي آهي جنهن هر موڙ تي منهنجو ساٿ ۽ منهنجي رهنمائي ڪئي آهي، تنهن ڪري مان ٿورائتي آهيان موتي جي، ورهاڱي کان پوء ڪلاء پرڪاش جي فيملي کي سنڌ ڇڏڻي پئي ۽ ان کان پوء ان جي ڪيفيت اڃان گهڻي تبديل ٿي وئي ڪلاء جو موضع اڪثر محبت هوندو هيو پر جلاوطن ٿيڻ کان پوء سماج عورت سان ٿيندڙ نانصافي اگور مسئلن تي ڪلاء جو قلم لکڻ لڳو ڪلاء پرڪاش جي رهنمائي ڪندڙ موتي پرڪاش هيو ۽ رهنمائي کان پوء ڪلاء پرڪاش لکڻ ۾ به زور ورتو ، ڪلاء ڪهاڻيون به لکيون پر ڪهاڻي کان وڌيڪ کيس ناول نگاري ۽ رومانوي انداز کي ماڻهن پسند ڪيو هر ناول جي اندر اها پنهنجي ڇڪ هئي جيڪا ان ڏانهن پڙهندڙن کي وٺي پئي وئي، مان ڪجه مختصر ڪجه ناولن جو حوالو رکان ٿو ، هڪ دل هزار ارمان ، وقت جون وڇوٽيون شيشي جي دل جا ترتيب ،
191، 1960، 1988، ۾ ڇپيا جنهن کان پوء ماڻهن جي دل ۾ ڪلاء جي لکڻي گهر ڪري چڪي هئي ۽، ڪلاء پرڪاش صدين جي رائيٽ هئي ، اسان جي معاشري ۾ اڪثر عورت کي محبت کان پري رکيو ويندو آهي مرد شريفن کي ويجهي جنهن ڪري اسان جي عورت سماج اندر نفسياتي غلامي جي زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويندي آهي اسان وٽ عورت کي ٻار ڄمڻ جي مشين ۽ گهر جو ڪم ڪار ڪرائيڻ لاء شاديون ڪرايون وينديو آهن، انهن سڀني مسئلن تي ڪلا پرڪاش جي قلم خوب لکيو هيو خاص ڪري عورت جي غلامي تي ڪلاء پرڪاش گهڻو لکي وئي آهي، اڄ اسان وٽ ڪلاء ته ناهي پر ان جا لکيل ناول اسان وٽ اڄ به اسان جي دل جي لائبريري ۾ پيا آهن جٿي اڄ به محبت جو سج اڀرندو آهي،