ڪرپشن ۽ منظر تان غائب ٿي ويل مافيا! :ۡجاويد ابڙو

قومي سلامتي خلاف دشمن عنصر سرگرم هجڻ باوجود پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپا بهتر بڻائڻ، دهشتگردن خلاف مسلسل ڪارروائين، ڪراچي آپريشن ۽ بلوچستان ۾ ناراض ماڻهن جي جبلن تان واپسي جو سلسلو جاري آهي، اهڙي صورتحال ۾ سياسي پارٽين جون صفبنديون به منظر عام تي اچي رهيون آهن، خاص طور ڪرپشن خلاف ايف آءِ اي، نيب ۽ رينجرز جي ڪارروائين کانپوءِ ته اعليٰ کان اعليٰ حڪومتي عهدي تي رهندڙ ڪرپٽ شخصيتن ۽ سندن فرنٽ مين خلاف رستا سوڙها ڪيا پيا وڃن، ان جي ردعمل ۾ اسان کي ڪجهه پارٽين جو هل هنگامو ۽ احتجاج به نظر آيو، جنهن مان اهو تاثر پيدا ٿيڻ لڳو ته پڪ سان ڪرپشن، دهشتگردن جي مالي مدد ڪندڙن ۽ حڪومتي رٽ قائم ڪرڻ ۾ رنڊڪ بڻيل اهي ساڳيا همراهه آهن، جيڪي وڏي واڪي سان ڪرپشن، ٽارگيٽ ڪلنگ، ڀتاخوري، پلاٽن تي قبضن خلاف ڪارروايون ٿيڻ تي سياسي طور ٻوساٽجي چڪا آهن.

هن وقت مسلم ليگ (ن) به مطمئن نظر اچي رهي آهي ته سندس حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ ڪو به تڪرار ناهي، ملڪ ۾ سياسي ۽ عسڪري قيادت هڪ پيج تي آهن، سمورا اهم ترين قومي ۽ ملڪي معاملا گڏيل اتفاق راءِ سان طئي ٿي رهيا آهن، ان جو سڀ کان وڏو ڪارڻ عسڪري قيادت کي دهشتگردن خلاف هلندڙ ضرب عضب آپريشن ۾ مڪمل سياسي حمايت حاصل آهي، سياسي ۽ فوجي قيادت ۾ ڪراچي ۽ بلوچستان ۾ ٿيندڙ ڪارروائين تي به گڏيل اعتماد موجود آهي. اهڙي طرح پاڪ ڀارت ۽ افغانستان سان پاليسي جي حوالي سان به ڪي اختلاف نظر نٿا اچن، ان ڪري هاڻي اهو چوڻ غلط نه هوندو ته سڀ ڪجهه ٺيڪ هلي رهيو آهي پر گڙٻڙ رڳو اتي نظر اچي رهي آهي، جتي ڪرپشن خلاف ڪارروائين تي واويلا مچائي پئي وڃي، ان ڪري ملڪ ۾ هاڻي سياسي قوتن کي پنهنجي پنهنجي لڳل آهي، ڪي شخصيتون روپوش ٿي ويون آهن ته ڪي وري منظر عام تان غائب ٿي ويا آهن. عوام انهن چونڊيل نمائندن کي به ڳولي رهيو آهي جيڪي وزارت سنڀالڻ بعد روزانو شام جو پرائيم ٽائيم تي ٽي وي ٽاڪ شوز جي زينت بڻيل هوندا هئا.

سنڌ ۾ پيپلزپارٽي ڪرپشن جي الزامن کي منهن ڏئي رهي آهي ته ساڳئي وقت ايم ڪيو ايم امن امان واري صورتحال ۾ رڪاوٽ قرار ڏني وئي، ان جو سبب اهو آهي ته ڪرپشن خلاف ڪارروائين ۾ ملزم پڪڙجن ٿا ته نالو پيپلزپارٽي جو کنيو ٿو وڃي ۽ جڏهن ٽارگيٽ ڪلنگ، ڀتاخوري ۽ اسٽريٽ ڪرائيم خلاف آپريشن ۾ ڏوهاري پڪڙيا وڃن ٿا ته نشاندهي ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن جي ڪئي وڃي ٿي، ان جو تعلق حقيقت سان هجي يا اهي معاملا الزامن تائين محدود هجن، پر اها ڳالهه هاڻي واضح ٿي چڪي آهي ته حڪومتي صفن ۾ به اهڙا عنصر شامل رهيا آهن جن يا ته ڪرپشن جا ٺيڪا سنڀاليا يا ڪي وري قبضا مافيا ۽ ڀتاخوري جهڙن ڏوهن ۾ سرگرم رهيا، ڀلي اهي موجوده حڪومتي سيٽ اپ ۾ موجود نه هجن پر انهن عنصرن جي سالن کان هلندڙ ڪارروائين جو اثر حڪومتي ڪاروهنوار تي به پيو آهي، ڪرپشن جي ڪري حڪومتي ادارن ۽ کاتن کي کوکلو بڻائڻ توڙي امن امان جي صورتحال ۾ بگاڙ پيدا ڪرڻ جي ذميوار ۽ جوابده پوءِ به حڪومت ئي آهي، ڇو ته هن وقت جيڪي ڪارروايون ٿي رهيون آهن ۽ مختلف انتظامي معاملن ۾ سڌاري جو سبب بڻجي رهيون آهن ته اهڙيون اثرائتيون ڪارروايون ان وقت ڇو نه ڪيون ويون، جڏهن پيپلزپارٽي وفاقي اقتدار تي ويٺل هئي، نه رڳو وفاق پر سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب ۾ به حڪومتون ڪيون؟ يقينن پيپلزپارٽي جي اڳوڻي دور حڪومت ۽ موجوده اقتداري ڌرين جي ڪارروائين جي واضح فرق پيپلزپارٽي جي ڪارڪردگي تي ناڪاري ۽ هاڃيڪار اثر ڇڏيا آهن، جنهن سبب اڄ پ پ ۽ عوام وچ ۾ وڏيون وڇوٽيون پيدا ٿي رهيون آهن. عجيب صورتحال آهي ته جيڪو ماضي جي حڪومت ۾ جگري يار هو، اڄ ان کي دشمن جي نگاهه سان ڏٺو پيو وڃي. پارٽي اندر پارٽيءَ جي ئي ماڻهو کان ان ڪري خوف ڪيو پيو وڃي ته کيس سندس خلاف سلطاني گواهه بڻائڻ لاءِ تيار ڪيو پيو وڃي!

ايم ڪيو ايم جڏهن ڪراچي آپريشن سبب پاڻ کي متاثر ڌر پيش ڪرڻ لڳي ته ڪيتريون ئي ڪهاڻيون بڻجڻ لڳيون، پر ان ۾ به هاڻ ڌڙابندي شروع ٿي وئي آهي، ان ڳالهه جو الطاف حسين به اعتراف ڪري چڪو آهي پر پيپلزپارٽي ته ان کان مختلف جماعت آهي، جنهن جو منشور عوام جي خدمت ڪرڻ هو، تعليم، صحت ۽ زندگي جو معيار بهتر بڻائڻ هو، سوال اهو آهي ته پارٽي اندر احتساب ڇو نه ڪيو ويو، ڇو انهن عنصرن کي ڇوٽ ڏني وئي، جن جي ڪري ڪرپشن جي الزامن جو طوفان برپا ٿيو ۽ اها پارٽي، جنهن جي خالق هن ملڪ کي آئين ڏنو، قوم ۾ ترقي ۽ خوشحالي جو جوش پيدا ڪيو ۽ پارٽي جو اهڙو منشور ڏنو، جيڪو اڄ به سمورين سياسي پارٽين کان بهترين منشور سمجهيو وڃي ٿو، پر ان ۾ ڪاميابي نه ملڻ جو ڪارڻ صرف ۽ صرف انهن نظرين تي عمل نه ڪرڻ آهي، جيڪي شهيد ڀٽو عوام لاءِ پيش ڪيا هئا.

اهو تاثر به پيدا ڪيو ويو ته جيڪي شخصيتون ڪرپشن جي الزام ۾ گرفتار ڪيون ويون، انهن دهشتگردن جي مالي مدد به ڪئي، ان ڪري منجهن هٿ وڌو ويو. آخر ان ڳالهه کي تسليم ڇو نٿو ڪيو وڃي ته غير قانوني وسيلن، پلاٽن ۽ لاقانونيت سان دهشتگردي ۽ امن امان جي صورتحال خراب ڪندڙن کي ڇوٽ ملي ٿي، پلاٽن تي قبضن، ڀتاخوري ۽ اسٽريٽ ڪرائيم سان دهشتگردن جي ئي حوصله افزائي ٿئي ٿي، ان ڪري ڪرپشن جي گهيري ۾ ڀلي ڪنهن به سياسي يا غير سياسي ڌر جو ماڻهو آيو ته هن کي احتساب جي مرحلي مان گذرڻو پوندو. جيڪڏهن هن وقت دهشتگردن سان گڏ ڪرپٽ مافيا خلاف به ڪارروايون ڪيون پيون وڃن ته پوءِ واويلا، گوڙ ۽ شور ڇا جو؟ ڇا هنگامو ۽ احتجاج ڪري ڪرپشن ۾ ملوث هجڻ جي ثابتي ڏني پئي وڃي؟ ملڪ ۾ جتي به دهشتگردي، لاقانونيت، ڪرپشن ۽ اختيارن جو ناجائز استعمال ڪرڻ جو سلسلو هلندو، اتي پوري طاقت سان ڪارروائي ڪرڻي پوندي پوءِ اتي وفاقي حڪومت سان واسطو رکندڙ اعليٰ شخصيت يا عهديدار ڇو نه هجي.

جي ايڇ ڪيو ۾ يوم دفاع جي موقعي تي آرمي چيف جنرل راحيل شريف به پنهنجي خطاب ۾ اهو واضح ڪيو ته اهي عنصر، جيڪي نه رڳو ڪرپشن ڪن ٿا، پر ان سان گڏوگڏ دهشتگردن جا مالي مددگار ۽ همدرد بڻيل آهن، انهن خلاف به ڀرپور ڪارروائي ڪئي ويندي، سندس تقرير مان اها ڳالهه به پڌري ٿي چڪي آهي ته فوج به هن وقت دهشتگردن سان گڏوگڏ ڪرپٽ ماڻهن کي انجام تائين پهچائڻ جي خواهشمند آهي، اسان جي ملڪ ۾ هي پهريون موقعو آهي ته دهشتگردن، ڪرپٽ مافيا ۽ امن امان جي صورتحال ۾ رڪاوٽ بڻيل عنصرن خلاف ڪارروائين سميت ڪيترن ئي مفادن تي پارليامينٽ، سپريم ڪورٽ، پاڪ فوج ۽ ميڊيا سميت ملڪ جا سمورا ادارا هڪ پيج تي آهن، جيڪڏهن اهو ئي سلسلو جاري رهيو ته هڪ ڏينهن ضرور ايندو جو هن ملڪ کي ترقي، خوشحالي ۽ استحڪام کان ڪير به روڪي نه سگهندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *