ڪرپشن ۽ لاقانونيت سان عوامي وسيلن جو وڪرو؛حميد ڀٽو

سنڌ صوبو دهشتگردي، ڪرپشن، رشوتخوري، اقربا پروري، لاقانونيت، قبائلي جهيڙن، لساني دهشتگردي، تارگيٽ ڪلنگ، نشي جهڙي لعنت، ملڪيتن تي ناجائز قبضن جهڙي سماجي ناسوروارين بيمارين جي ور چڙهي چڪي آهي، تنهن جو ماضي ۾ ڪوبه مثال نه ٿو ملي. شاندار انساندوست، مهمان نوازي ۽ ڀائيچاري واري شاندار تاريخ رکندڙ سنڌ کي سماجي براين  جي ڌٻڻ ۾ ڦاسائڻ جهڙين ڪڌين سازشن ۾ غير سنڌين کان  سواءِ ڌرتي  ڌڻين جي مخصوص ٽولي جنهن ۾ سنڌي سياستدانن جو وڏو عمل دخل رهيو آهي، ان کانسواءِ سنڌ جي روايتي وڏيرن پڻ  سنڌ کي ڀينگ ڪرڻ ۾ اڳڀرا رهيا آهن. ملڪ قائم  ٿيڻ بعد وفاق جي مستي ۾جيتوڻيڪ  پنجاب صوبي جي بالا تر ۽ مخصوص سوچ جو عنصر موجود آهي  ۽ ملڪ جي دفاع جي لاءِ  خدمتون سرانجام ڏيڻ جي لاءِ فوج، رينجرز توڙي ايف سي ۾ پنجاب سان تعلق رکندڙ اهلڪارن جي اڪثريت سميت وفاقي پارليامينٽ ۾ مقرر وفاقي سيڪريٽرين (اسٽيبلشمينٽ) ۾تقريبن 80 سيڪڙو جي موجودگي جو فائدوحاصل ڪندي رڳو پنجاب صوبي کي ترقي وٺرائڻ سميت ملڪي ڪاروهنوار ۾ پنجابيت پرستي نمايان رڪارڊ ڪئي وئي آهي، اهو ئي سبب هو جو پنجاب جي اهڙي ڏاڍاين کان دل برداشت ٿيندي بنگلاديش پاڪستان  جي اڪائي ۾ وڌيڪ رهڻ بجاءِ آزادي حاصل ڪئي جڏهن ته سنڌ ۽ بلوچستان احساس محرومي سبب سدائين حق حاصل ٿيڻ لاءِا دانهون ۽ ڪوڪون ڪندا رهن ٿا. دنيا اندر طاقتور ڌريون ڪمزور ڌرين  کي  سندن مسئلن ۾ الجهائي انهن جا حق ڦٻائڻ لڳنديون آهن ۽ اهڙو طريقو هتي به اڻسڌي طرح سان رائج ڪري سنڌي  ماڻهن کي سازش تحت تعليم جي تباهي، غير صحتمند معاشرو، خراب سماجي زندگي، معاشي تباهي، بيروزگاري سميت بدامني جهڙن عذابن .کي هٿ وٺي ڇوٽ  ڇڏيو ويوآهي ته جيئن سنڌي ماڻهو پنهنجي عذاب ۾ ورتل هجن ۽ پنهنجي خلاف ٿيندڙ سازشن کي محسوس نه ڪري سگهن. اهڙي تسلسل هيٺ ڪرپشن جهڙي لعنت کي پڻ ڇوٽ ڏني وئي ۽ ڪرپشن کي وائکو ڪندڙ ڪيترن ئي ادارن جي موجودگي ۾ سرڪاري توڙي نجي ادارن ۾ اربين رپين جي ڪرپشن وائکي ٿي چڪي آهي، جنهن منجهان جند آجي ڪرائڻ جي لاءِ هاڻي جيتوڻيڪ سگهاريون قوتون رستا ڳولهي رهيون آهن، پر اهو وقت ئي ثابت ڪندو ته ڪرپشن کي روڪڻ جي لاءِ کنيل قدم اثرائتا ٿين ٿا يا اهي به ماضي جيان رڳو رڳو روايتي لفاظي ئي ثابت ٿيندا… سنڌ اسيمبليءَ ۾ هلندڙ بحث ۾ پڻ  سرڪار مٿان وڏيون دانهون ۽ ڪوڪون ڪندي مختلف ڪرپشن جا الزام لڳي رهيا آهن.

جڏهن ته پاڪستان جي وجود کان وٺي هن مهل تائين ملڪ جي مخصوص بيورو ڪريسي پنهنجي مرضي جا فيصلا مڙهڻ جي لاءِ جمهوري توڙي غير جمهوري ڌرين کي ڪٽ پتلي تماشي جيان آڱرين تي نچائي رهي آهي، جنهن سان ملڪ جي سمورن ننڍن صوبن ۾ هٿ وٺي اهڙا غير قانوني عمل ڪرايا وڃن ٿا جنهن سان صوبن جي مقامي آبادي ۾ احساس محرومي جنم وٺي ٿي ۽ اڳيون ايندڙ اقتداري ڌريون وري هميشه بيورو ڪريسي سان ملي ڀڳت ڪري پنهنجا گهر ڀرڻ وارن ذاتي مفادن جي لاءِ قوم جي عظيم مقصدن کي پاسيرو رکي سرڪاري آفيسن  آڳيان ”تين وال“ وارا بورڊ لڳائي پنهنجي ضمير  جو سودو ڪرڻ کان به نه ٿا ڪيٻائين. اهڙي ڀيانڪ صورتحال ملڪ جي تقريبن سمورن ننڍن صوبن ۾ موجود آهي. جيتوڻيڪ دنيا جي پٺتي پيل مخلتف ملڪن ۾ پڻ هاڻي اهڙي قسم جي ڪرپشن جهڙيون روايتون جنم وٺي رهيون آهن. اهڙي صورتحال هيٺ سنڌ صوبو مسلسل تباهي جي ور چڙهندو رهيو آهي. بدقسمتيءَ سان سنڌ صوبي کي ڪرپشن ڪندڙ بيورو ڪريٽس جو وڏو انگ مليو آهي، جيڪي مسلسل سنڌ جي اقتدار جون واڳون سنڀاليندڙ سياستدانن جي وڏي انگ کي ڪرپشن جي شيشي ۾ لاهي سنڌ جو ٻيڙو  ٻوڙڻ  ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهيا آهن. سنڌ جي هر پاسي کان ڪرپشن جون دانهن ۽ ڪوڪن جا پڙلاءَ ٻڌڻ ۾ اچي رهيا آهن پر ٿيندڙ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ذميوار ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهن جڏهن ته اسان جي ملڪ توڙي صوبي جي ناڻي کي مانيٽر ڪرڻ جي لاءِ آڊيٽر جنرل آف پاڪستان کان ويندي صوبائي آڊيٽر جنرل، آڊيٽر جنرل آف ملٽري، آڊيٽر جنرل آف نيول، آڊيٽر جنرل آف ايئر فورس موجود آهن، جن جي مدد سان ملڪ توڙي سنڌ مان ڪرپشن جو خاتمو اچي سگهي ٿو. سنڌ اسيمبليءَ ۾ سنڌ حڪومت جي پيش ٿيل آڊٽ رپورٽ ۾ ڇرڪائيندڙ حيرت انگيز انڪشاف ٿيا آهن. هر سرڪاري کاتي جي آڊٽ رپورٽ پنهجو پاڻ مٿان پردو کڻي ٿي ته سرڪار ۾ سنڌ جي ڪهڙي طريقي سان ڀينگ ڪئي وئي آهي. اسان جي ملڪ ۾ آڊٽ جو نظام ايترو ته ناقص ۽ بدعنواني جي ور چڙهيل آهي جو خود آڊٽ کاتي وارا ڪرپشن لڪائڻ جا رستا ڳولي ڏيندا آهن ۽ بدعنواني تي پردو وجهڻ جي قيمت وصول ڪري اربين رپين جي ڪرپشن کي ڪروڙين رپين ۾تبديل ڪري ڇڏيندا آهن پر تنهن هوندي به آڊيٽر جنرل آف پاڪستان سنڌ حڪومت جي مها ڪرپشن تان پردو کڻي اڇا ڪارا پڌرا ڪري ڇڏيا آهن. سنڌ حڪومت جا واسطيدار کاتن پاران مٿن لڳندڙ اعتراضن جو جواب به نه  ڏنو ويو آهي. آڊيٽر جنرل جو ادارو آئيني آهي، آئين جي آرٽيڪل 169 تحت ٺهيل ان اداري جو هر قدم آئيني آهي، تنهن ڪري سنڌ حڪومت جا کاتا ان آئيني اداري جي حڪم کي مان نه ڏئي آئين جي ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهن اهڙي صورتحال ۾اينٽي ڪرپشن، ايف آءِ اي هجي يا نيب سڀ ادارا اڻسڌي طرح سان پنهنجي حيثيت وڃائي ويٺا آهن. هاڻي اهي رياست جا ملازم نه پرسياستدانن ۽ بيورو ڪريٽس جا غلام آهن. سنڌ ۾ ٿيندڙ اهڙي ڪرپشن جي خلاف واويلا ڪندڙن ۾ اڳوڻا اقتدار ڌڻي دانهون۽ ڪوڪون ڪري رهيا آهن، جيڪي سنڌ ۾ پورا جا پوراڪرپشن جي رنگ واري تالاب مان ٻڏل آهن، جيئن هڪ مهاوري جيان ” هلو ڙي پڇ ڪاري“ چوڻ کان به نه ٿا لهرائين. سنڌ جو ماڻهو سياسي ۽ بيورو ڪريسيءَ جي ڪيل ڪرپشن کان انتها درجي تائين تنگ اچي چڪو آهي. هن وقت سنڌ ۾ دهشتگردي، سياسي گردي، بيورو ڪريسي، پوليس گردي، رشوت گردي، صحت گردي، تعليم گردي سميت هر طرح جي صرف سنڌ جي تباهي گردي ئي گردش پئي ڪري. سنڌ جا سوين آمدني وارا کاتا ڪمائوپٽ وزيرن ۽ ڪامورن جي ور چڙهيل آهن، جيڪي معصوم شڪل ٺاهي پاڻ کي فرشته صفت سمجهندي انهن کاتن جا ٺيڪيدار بڻجي ابي ۽ ڏاڏي جي جاگيرن جيان انهن ادارن جو ٻيڙو ٻوڙڻ  ۾ اڳڀرا آهن. تن کان ڪير به  پڇاڻو نه ٿوڪري  سگهي. ڇاڪاڻ ته مون جهڙا ڪيترائي ماڻهو اهڙن ماڻهن جي واهه واهه ڪرڻ  ۾اڳڀرا آهن.هن وقت عسڪري قوتن ڪرپشن ۽ لاقانونيت ۽ مخلتف گردي گيري واري گردي ڪندڙن جو هر ممڪن خاتمو آڻڻ جي لاءِ گڏجاڻين وارا سلسلا شروع ڪري ڏنا آهن، جنهن سان چڱائي جي اميد رکي سگهجي ۽ هر پاسي اهڙي عمل جي ساراهه ٿي رهي آهي ته سنڌ مان ڪرپشن جي خاتمي  لاءِ ڪنهن سوچيو آهي پر ماضي ۾ ائين ٿيو آهي ته عسڪري توڙي جمهوري ڌرين ڪرپشن توڙي مختلف گردين جي خاتمي لاءِ  وڏا اعلان ڪيا پر اڳتي هلي پاڻ ئي انهن بيمارين جو شڪار بڻجي ويا ۽  ڪک پتيءَ مان ارب پتي بڻجي ويا ۽ هن وقت به اهو سوچي سگهجي ٿو ته جيڪي ڌريون ڪرپشن سميت مختلف براين جو خاتمو آڻڻ چاهن ٿيون اهي به ساڳيو ئي حشر سنڌ سان ته نه ڪنديون. ڇاڪاڻ ته سنڌ کي پنهنجن توڙي پراون سواءِ وڍڻ ۽ ڪٽڻ جي عملي طور تي ڪجهه به نه ڏنو آهي. سنڌ جا سمورا وڏا سرڪاري کاتا اهڙن وزيرن ۽ ڪامورن جي حوالي ڪيا ويا آهن جيڪي هر قسم جي ٻئي نمبري واري ڪم کان ڏهه نمبري تائين وارا سمورا ڪڌا ڪم ڪرڻ جا ايڪسپرٽ بڻيل آهن، جن جي نالن ۽ ماضيءَ کان سنڌ واسي چڱيءَ طرح سان واقف آهن.اهڙي طرح سان سنڌ جي انهن سڻڀن کاتن منجهان هڪڙا چور وڃن ٿا ته مٿان ٻيا مور بڻجي ويهي رهن ٿا.

اقتداري ڪرسين تي ويهڻ دوران ڏسڻ ۾ پيا مور لڳن ۽ سندن عملن کي ڏسبو ته مور جي پيرن جيان انتهائي ڪنا ۽ بڇڙا لڳن ٿا.سنڌ جا روينيو ڏيندڙ سمورا کاتا هن  وقت سخت تباهي  جي ور چڙهيل آهن رڳو ڦر مار جي بازار گرم آهي، سنڌ جي صحت واري کاتي جو ٻيڙو ٻڏو پيو آهي، سنڌ جي سمورن شهرن جي سرڪاري اسپتالون انسان  جي وڌندڙ موت جو سبب بڻيل آهن، جتي علاج ٿيڻ بجاءِ انسانن کي الله تعاليٰ جي مرضي جي حوالي وارو هڪڙو لفظ چئي پنهنجو پاڻ  کي آجو قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪن پيا. ڪراچي، لاڙڪاڻو، نوابشاهه (بي نظير آباد)، خيرپورسميت سنڌ جي سمورن وڏن شهرن ۽ سنڌ جي اقتدار ڌڻين جي رهائش وارن ضلعن  ۾ اهڙا ميڊيڪل سپرينٽينڊنٽ مقرر ڪيا ويا آهن جيڪي ڪروڙين رپين جي سرڪاري دوائن سميت سمورا اسپتالن جا فنڊ هڙپ ڪرڻ جا ايڪسپرٽ ۽ مريضن جو رت چوسيندڙ ڄورون بڻيل آهن، جيڪي لاش کپائي پنهنجا ضمير وڪڻڻ ۾ به انتهائي درجي جا ماهر ليکيا وڃن ٿا تن ذريعي صحت کاتو تباهي ٿي رهيو آهي ۽ دوائن جون فيڪٽريون هڪ رپئي جي ٽيبليٽ هڪ سئو رپين ۾ وڪرو ڪن ٿيون پر کين ڪير به پڇڻ وارو ناهي، ڇاڪاڻ ته ڏينهون ڏينهن صحت کاتي جي ملي ڀڳت سبب سستيون دوائون مهانگيون ڪيون پيون وڃن جنهن ڪري عام ماڻهو پنهنجو علاج نه ٿو ڪرائي سگهي ۽ نتيجي طور موت جي منهن ۾ ڌڪبو پيو وڃي. ملڪ ۾ صحت گردي جيڪا دهشتگردي کان وڌيڪ خطرناڪ آهي، ان کي روڪجي ته لکين انسانن جون حياتيون بچائي سگهجن ٿيون جنهن لاءِ صرف ميڊيڪل جي دوائن جا اگهه جيڪي هن وقت 90 سيڪڙو اضافي آهن، تن کي پنهنجي اصلي قيمتن تي آڻجي هڪ سئو رپئي واري دوا جو اصلي مُلهه رڳو 10 رپيا آهي، جنهن ڪري مريض دوائون خريد ڪرڻ کان قاصر آهن انهن خلاف قدم کڻي مريضن جي حياتين کي بچائي سگهجي ٿو، جنهن لاءِ نوان صحت مرڪز قائم ڪرڻ بجاءِ موجوده صحت وارن مرڪزن ۾ سڌارا آڻي ڊاڪٽر گردي جو خاتمو آڻي دوائن جي اگهن کي ڪنٽرول ڪرڻ گهرجي. تعليم گردي ذريعي سرڪار سڳوري رڳو اعلانن مٿان اعلان ڪري رهي آهي پر حقيقي طور تي سنڌ جي مستقبل جي بهتر تعليم ڏانهن ڪوبه ڌيان ناهي رڳو تعليم جي نالي تي وڏا شوشا ڇڏي ڦرمار جي بازار گرم ڪئي وئي آهي، جنهن تي جيترو لکجي اوترو گهٽ آهي. جڏهن ته 18 ترميم بعد اين ايف سي ايوارڊ تحت صوبن  جي آمدني وڌڻ گهرجي جيڪا آمدني تعليم، صحت ۽ بنيادي انفراسٽرڪچر جي ترقي تي خرچ ٿيڻ گهرجي پر بدقسمتيءَ سان 18 هين ترميم بعد سنڌ جي وسيلن وڌڻ توڙي گهٽجڻ سان سنڌ جي عام ماڻهو کي ڪوبه فائدو ڪونه ٿيو آهي، جنهن جو ڪارڻ سنڌ ۾  مهاڪرپشن جو چوٽ چڙهڻ به آهي، عسڪري قوتن پاران ڪرپشن خلاف وٺ پڪڙ جي سلسلي ۾ منعقد ٿيل اهم اجلاسن باوجود ڪرپشن جا تيز گهوڙا ڊوڙائيندڙ ڪيترن اهم شخصيتن جي حاصل ٿيل آشيرواد وارا ڪرتا  ڌرتا سنڌ ۾ ٿيندڙ ڪرپشن کي گهٽائڻ بجاءِ عسڪري قوتن جو خوف ڏياري ويتر ڪرپشن جي رقم کي ٻيڻو ڪري اهو چئي رهيا آهن ته هاڻي اڃان مٿي به ڪجهه ڏيڻو آهي، جنهن سان ويتر سنڌ جي قوم ڪرپشن مٿان سپرمها ڪرپشن جي ور چڙهندي پئي وڃي. ڪرپشن ڪندڙ ڌرين کي هنن سٽن ۾ پنهنجو ڀيانڪ عڪس ضرور نظر ايندو… ”ڇا حال پڇو ٿا منهنجي  ڪاروبار جو، ڪرپشن سان حڪومت وڪڻان ٿو سنڌ ۾.“

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *