ڪرپشن سيڪريٽريٽ کان اسڪول تائين ؛عاجز جمالي

سنڌ جي تعليم جي ڀلائي خاطر هڪ ليکڪ جي صورت ۾ گذريل ڏهاڪو سالن دوران مون عبرت ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ هزار کن مضمون لکيا هوندا، جنهن ۾ سنڌ جي تعليم جا سمورا رخ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. بنيادي تعليم يعني پرائمري تعليم کان وٺي اعليٰ تعليم يعني يونيورسٽي تعليم تائين ڪيترائي ڀيرا ڪافي انگ اکر پڻ هن صفحي ۾ پيش ڪيا، مان بلڪل به عالم، فاضل يا ڪو تعليم جو ڄاڻو ناهيان، پاڻ کي بي علم ماڻهو سمجهندو آهيان، پر 22 سالن کان صحافت جي شعبي سان واڳيل هجڻ ڪري حقيقتون منهنجي سامهون اينديون رهنديون آهن، جيڪي عام طور تي ٻين ماڻهن، مطلب زندگي جي ٻين شعبن جي ماڻهن وٽ نه ايندا آهن. تعليم جي شعبي ۾ مون کان ٻين صحافين تمام گهڻو ڪم ڪيو هوندو، ڇو ته مان تعليمي رپورٽنگ جو به پاڻ کي ڄاڻو ڪونه ٿو سمجهان، پر زندگيءَ ۾ مون کي ترقي پسند تحريڪ، روشن خيال سياسي ماڻهن يا ڪميونسٽ تحريڪ کان سکڻ لاءِ جيڪا ڳالهه سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪندڙ ملي اُها ”ايمانداري“ آهي. گناهن جي دنيا ۾ رهندي مون هر ڪم ۾ ان نقطي کي اڳيان رکيو ته زندگيءَ ۾ جيڪو به ڪم ڪرڻ گهرجي، ايمانداريءَ سان ڪرڻ گهرجي، ان ڪري 22 سالن جي صحافت ايمانداريءَ سان گذاري. صحافت منهنجي پسند جو شعبو رهيو آهي. هونئن ته عملي صحافت ڪراچيءَ جي شهر مان جون 1992ع کان شروع ڪئي. جوهيءَ ۾ جڏهن مون اخبار جي نمائندگي شروع ڪئي، تڏهن مون کي اها خبر ڪانه هئي ته ڪو مون ترقي پسند تحريڪ ۽ ڪامريڊن سان گڏ رهڻ جي ڪري پاڻ کي ماستر ٿيڻ جي اهل ڪونه سمجهيو هو ۽ انٽر جو امتحان پاس ڪرڻ سان ئي رعايت ۾ جمالي هُجڻ ناطي پرائمري ماستريءَ جي سيٽ وٺڻ کان انڪار ڪيو هو. ان زماني ۾ ئي دوستن چيو هو ته اِها بيوقوفي آهي، نه انقلاب ايندو نه سماج تبديل ٿيندو، نه وڏيرا ختم ٿيندا. غريب هاريءَ جو ٻار آهين، سرڪاري نوڪري ڪرڻ خراب ڳالهه ناهي، پر الائي ڇو ته منهنجو ”ايمان“ اها ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار نه هو ته ڪو مون کي استادي جو اُهو عظيم شعبو اختيار ڪرڻ گهرجي، جنهن جو مرتبو مون کان تمام گهڻو آهي. ان ڪري مون نوڪري وٺڻ بدران اچي هڪ خبر لکي ۽ مرحوم سردار محمد بخش جمالي لاءِ لکيو ته کيس مليل پرائمري ماستريءَ جون هڪ سؤ سيٽون جمالي قبيلي ۾ ورهايون ويون.

1992ع ۾ انٽر پاس ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي دوست اسحاق سميجي (ناليوارو شاعر ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جو استاد) سان گڏجي ڪراچي گهمڻ آياسين. اخباري دنيا ۾ تڏهن جا ناليوارا ليکڪ انعام شيخ، رحمت الله ماڃوٺي، بدر ابڙو، هڪ ئي اخبار ۾ ڪم ڪندا هئا، ساڻن ملڻ جو شوق ان اخبار ۾ وٺي ويو. اتي اسان جو ڪامريڊ ساٿي سرور سميجو (اڄڪلهه سنڌ سرڪار جو انفارميشن آفيسر ۽ پي آر او) پڻ مليو. هيٺ ايراني هوٽل ۾ سرور چانهه پيئارڻ هليو، ڳالهين ڳالهين ۾ هن ٻڌايو ته اخبار ۾ نوڪري ڪرين ته مان اوهان کي بدر ابڙي (ايڊيٽر) سان ملايان، مون کيس چيو ”اها ته مهرباني هوندي مان بيروزگار آهيان، ان شام ئي بدر ابڙي صاحب سان ملاقات ٿي، هن وراڻيو اسان کي سب ايڊيٽر جي ضرورت آهي، ڀلي سڀاڻي کان ئي جوائن ڪريو. ٻارهن سؤ روپيه پگهار تي مون اخبار ۾ پهرين نوڪري شروع ڪئي. گلشن حديد ۾ ڳوٺاڻي استاد غلام رسول ٻٻر وٽ رهڻ جو سهارو مليو، ائين نوڪري جي شروعات ٿي. جون 1992ع کان وٺي اڄ تائين مان صحافت ۾ نوڪري ئي ڪريان پيو. اخبارون بدلايون، بس ايڊيٽر، ايڊيوٽريل انچارج، ٻارڙن جي صفحي جو انچارج وغيره وغيره. ٻن سالن کانپوءِ حيدرآباد مان نڪرندڙ وڏي اخبار ۾ رپورٽنگ شروع ڪئي ۽ 20 سالن کان رپورٽنگ ئي ڪريان پيو. رپورٽنگ دوران ”آف دي رڪارڊ“ ۽ آن دي رڪارڊ، ايتري ڄاڻ ملي، مون وٽ ايترا ته واقعا آهن جو مان سمجهان ٿو ته سنڌ جي تاريخ جا اُن ۾ ڪيترائي راز به آهن. اُهو پوري ڪتاب جو مواد آهي، پر اسان جي سماج جو الميو اِهو آهي ته سچ کي ثابت ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. جيڪڏهن مان هيئن چوان ته ”سنڌ جي فلاڻي وڏي وزير فلاڻي سال ۾ پنهنجي هڪ گرل فرينڊ جي فرمائش تي فلاڻو گرلز ڪاليج ٺهرايو“ ته مون سان اوهان سڀ اِهو ئي سوال ڪندا ته اِن جو ثبوت ڇا آهي؟ هڪ صحافي جيڪو مختلف ماڻهن سان اٿي ٿو، ويهي ٿو، مختلف آفيسرن جا چڪر ڪاٽي ٿو، مختلف سرڪاري کاتن ۾ ڏيٺ ويٺ ٺاهي ٿو، ان دوران وٽس هر اها ڳالهه ايندي آهي، جيڪا سماج ۾ ٿيندي آهي ۽ صحافيءَ وٽ اها ڄاڻ ٽن سببن جي ڪري ايندي آهي. سڀ کان وڏو ڪارڻ ته سندس ڏيٺ، ويٺ، ذاتي دوستيون، تعلقات، اٿڻ ويهڻ ۽ سندس صحافي هُجڻ آهي. ٻيو ڪارڻ سماج ۾ ٿيندڙ ”ذاتي تڪرار“ آهن. هر شخص کان ٻئي شخص سان پنهنجي ذاتي تڪرار ۾ پاڻ کي بي گناهه سمجهندو آهي ۽ پنهنجي مخالف کي سڀ کان وڏو گناهگار سمجهندو آهي ۽ مخالف کي هر قسم جو نقصان پهچائڻ چاهيندو آهي. ان مقصد لاءِ صحافت هڪ بهترين هٿيار آهي. ڇو ته هڪ صحافيءَ لاءِ ”خبر“ جي ضرورت سڀ کان وڏي ضرورت هوندي آهي، ان ضرورت لاءِ ”صحافي“ ٻن مخالف ماڻهن جي تڪرار مان فائدو کڻندو آهي يا ٻه تڪراري صحافيءَ کان به فاعدو کڻندا آهن. ڇو ته خبر جي حاصلات لاءِ ذريعو يا وسيلو گهرجي ٿو. ان لاءِ سماج اندر هلندڙ تڪرار مان ڪا هڪ ڌر صحافيءَ لاءِ ذريعو بڻجي ٿي ۽ هُو جڏهن صحافيءَ تي ڀروسو ڪرڻ لڳي ٿو ته پوءِ هُو بااعتماد ذريعو بڻجي وڃي ٿو. اوهان اڪثر خبرن ۾ اهو جملو پڙهندا آهيو ته ”اعتماد جوڳن ذريعن موجب“ اهو اعتماد جوڳو ذريعو سماج ۾ ڪنهن به سماجي تڪرار مان پيدا ٿيندڙ هڪ ڌر ئي هوندو آهي. 1990ع جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي تعليم واري وزير جي حرڪتن بابت مون کي حال احوال ٻڌائيندڙ منهنجو ذريعو ان وزير جي خاتون ”ٽيلي فون آپريٽر“ هوندي هُئي. ٽيلي فون آپريٽر هُئي ته سرڪاري ملازم پر وزير موصوف آفيس ۾ گهٽ ايندو هو، ان ڪري ٽيلي فون آپريٽر جي ڊيوٽي صاحب جي گهر تي هوندي هُئي. ٽيلي فون آپريٽر خاتون کي نه رڳو صاحب جا دڙڪا کائڻا پوندا هئا پر ان سان گڏ بيگم صاحبه جا به دڙڪا کائڻا پوندا هُئا. ان ڪري ٽيلي فون آپريٽر ڏاڍي خار کائيندي هُئي. 1990ع جي ڏهاڪي ۾ موبائل فون جو استعمال گهٽ هو، عام طور تي اسين ڪنهن صاحب سان ڳالهائڻ لاءِ آفيس يا گهر جي نمبر تي ئي فون ڪندا هُئاسين. سنڌي ٻولي جي وڏي اخبار جو رپورٽر هُجڻ ناتي مان ان ٽيلي فون آپريٽر لاءِ سندس ئي صاحب خلاف هڪ بهترين هٿيار ثابت ٿيو هئس ۽ مون کي پڻ خبرن لاءِ هڪ اهڙو ذريعو ملي ويو هو جو صاحب جي سمورين حرڪتن بابت ڄاڻ ملندي هئي. هي مثال صرف سولائي سان سمجهه ۾ اچڻ لاءِ ڏنو ته اسين صحافي سماج ۾ تڪرار، ٽڪراءُ يا اختلاف منجهان خبر جو ذريعو ڪيئن ڳولي وٺندا آهيون ۽ اسين خود به ڪيئن استعمال ٿيندا آهيون، پر اها ڳالهه صحافتي ايمانداريءَ ۾ شمار ٿيندي آهي ته خبر جو ذريعو ظاهر ناهي ڪرڻو. ويهن سالن جي رپورٽنگ ۾ منهنجا اهڙا هزارين ذريعا هوندا، جن کان مون کي لکين خبرون مليون هونديون. ان سفر ۾ اسان جا هزارين ذاتي دوست بڻجندا آهن، جيڪي اسان تي اعتماد ڪندا آهن. مون اها ڳالهه اڳي به ڪٿي لکي آهي ته سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير مرحوم عبدالله شاهه پنهنجي بااعتماد صحافين کي فون ڪري پاڻ خبر لکرائيندو هو، گهٽ ۾ گهٽ ٻه دفعا مون سان ائين ٿيو، شايد 1995ع جي آخر ڌاري رات جو هڪ دفعي مون کي سنڌ جي وڏي وزير پاڻ اها خبر ٻڌائي، ”ٻروچ مون کي ڪوڊ نه ڪجانءِ“ سندس جملو. وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو جي صدارت هيٺ ٿيل اعليٰ سطحي اجلاس ۾ سنڌ جي ترقياتي رٿائن بابت اجلاس ۾ هڪ وڏي رٿا کي خارج ڪيو ويو. عبدالله شاهه ان اجلاس ۾ رٿا خارج ڪرڻ تي شديد احتجاج ڪيو، پر عبدالله شاهه ڄاڻي رهيو هو ته ان احتجاج جي خبر جڏهن منظرعام تي ايندي ته سنڌي سماج ۾ وڏو بحث ٿيندو ۽ وفاقي سرڪار تي دٻاءُ پوندو. اها خبر ٻئي ڏينهن جي اخبار ۾ ”ليڊ“ جي خبر هئي، اوهان اندازو ڪريو ته وزيراعظم ۽ وڏي وزير جي اندروني تڪرار جي خبر لاءِ ”وڏو وزير“ خود ذريعو بڻيو، پر هڪ صحافيءَ لاءِ ايڏي وڏي خبر کي لڪائڻ ممڪن به نه هو. مون وٽ ويهن سالن جا اهڙا ڪيترائي قصا آهن، جيڪي ڪڏهن “آٽو بايو گرافي“ لکڻ جو موقعو مليو ته ضرور لکندس. ويهن سالن دوران صرف عبدالله شاهه مرحوم اهو وڏو وزير هو، جنهن کان مان ٿورو گهڻو متاثر ٿيو هئس. سندس وڏ وزارت جي سڄي عرصي ۾ سڌي ريت منهنجون ساڻس رڳو چار ملاقاتون ٿيون. مرحوم سان آخري ڀيرو منهنجي ڳالهه فون تي تڏهن ٿي جڏهن مراد علي شاهه 2002ع ۾ سڀ کان پهرين ايم پي اي چونڊيو ۽ هڪ ڀيرو ان اسيمبليءَ ۾ بهترين تقرير ڪئي، مون سندس تعريف ۾ لکيو، ان ئي ڪالم ۾ عبدالله شاهه جي تعريف لکي، ان شام مون کي پڻ عبدالله شاهه جو پرڏيهه مان فون آيو، جيئن هر انسان جا هاڪاري ۽ ناڪاري پهلو هوندا آهن، تيئن هر سياستدان، هر حڪمران، هر صحافي، اديب، دانشور جا ناڪاري ۽ هاڪاري پهلو هوندا آهن. جيترا به وڏا وزير آيا، مان انهن جي خلاف لکندو رهيس ۽ مان سڌي يا اڻ سڌي ريت انهن جو نشانو به بڻيس. لياقت جتوئي، غوث علي شاهه، ممتاز ڀٽو (نگران)، علي محمد مهر، ارباب غلام رحيم ۽ هاڻي سيد قائم علي شاهه، جيتوڻيڪ انهن وڏن وزيرن کي شايد ڳالهيون وسري به ويون هونديون، کين خبر نه هوندي ته کين ڪيئن سرڪاري آفيسرن منهنجي خلاف استعمال ڪيو هوندو پر ان ۾ ارباب غلام رحيم واحد ماڻهو آهي، جيڪو تسليم به ڪندو آهي ته هُن پنهنجي دور ۾ مون سان غلط رويو اختيار ڪيو. (اها سندس اخلاقي جرئت آهي) تازو واقعو سيد قائم علي شاه جي هٿان ٿيو، مان اڃا تائين به ائين پيو سمجهان ته کانئس اِهو ڪم ڪرپٽ ڪامورن ڪرايو، ڇو ته وڏو وزير جن به سمرين تي صحيحون ڪندو آهي، اُهي سرڪاري ڪامورا ئي کيس اماڻيندا آهن. مون بابت تازو شوڪاز نوٽيس ٻن ٽن سرڪاري آفيسرن ۽ آخر ۾ تعليم کاتي جي سيڪريٽري ذريعي وڏي وزير تائين پهتو هوندو. شوڪاز نوٽيس 20هين گريڊ جي خاتون آفيسر کي ڏيڻو هو، ان ڪري ان لاءِ اٿارٽي وڏو وزير آهي، پر ان سرڪاري شوڪاز نوٽيس ۾ هڪ خانگي ماڻهوءَ (عاجز جمالي، يا اعجاز جمالي) کي ڪيئن شامل ڪيو ويو، اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي. قصو انتهائي طويل آهي ۽ ڇو ته منهنجي ذات سان واڳيل آهي، ان ڪري مان هن ڪالم ۾ سمورا تفصيل ته بيان ڪونه ڪندس، پر جيترو حصو سنڌي عوام سان شيئر ڪرڻ ضروري آهي، اوترو ڪندس ۽ اوتري حصي جي شاهدي ”عبرت“ جي فائيلن ۾ موجود آهي. ڪير به پڙهي سگهي ٿو. مثال طور مان سنڌ جي تعليم جي بهتري لاءَ ڪيترن سالن کان عبرت ۾ لکندو پيو اچان. پير مظهرالحق جي وزارت دوران مون چار پنج قسطن تي ٻڌل ڊگهو مضمون لکيو هو، ان کانپوءِ نثار احمد کهڙو وزير بڻيو ته ٽي چار ڀيرا تعليم بابت ڊگها بحث ڪيا. ڇهه اٺ مهينا اڳ مون کيس ”عبرت“ ۾ ڇپيل پنهنجا مضمون اماڻيا، تعليم جي وزير نثار کهڙي سان الميو اِهو آهي ته هُو پنهنجي کاتي اندر فيصلا ڪرڻ ۾ آزاد ڪونهي تعليم کاتي ۾ فضل الله پيچوهي جو حُڪم هلندو آهي. مون ”عبرت“ ۾ نثار احمد کهڙي جي وزير بڻجڻ کان اڳ مضمون لکيو هو، جنهن ۾ سيڪريٽري تعليم جي ان بيان تي تنقيد ڪئي هئي، جنهن ۾ موصوف فرمايو هو ته ”ڪنهن به سينئر سياستدان کي تعليم جو وزير نه بڻجڻ گهرجي.“ مون تڏهن لکيو هو ته ”سنڌ سرونٽس ايڪٽ تحت ڪوبه سرڪاري آفيسر اهڙو بيان نه ٿو ڏئي سگهي.“ موصوف جيئن ته هِن وقت سنڌ جو سڀ کان سگهارو بيورو ڪريٽ آهي، مستقبل ۾ چيف سيڪريٽري بڻجڻ جو اميدوار آهي. جيتوڻيڪ کيس شايد اِهو اندازو ناهي ته نواز شريف جي اڳوڻي دور ۾ جڏهن هُو ڊپٽي ڪمشنر هو ۽ کيس لياقت جتوئي جي وڏ وزارت ۾ انتقام جو نشانو بڻايو ويو هو، مون تڏهن سندس حق ۾ لکيو هو ته ”صرف آصف زرداريءَ جو ڀيڻوئي هجڻ جي ڏوهه ۾ ڪنهن سرڪاري آفيسر کي نشانو بڻائڻ بداخلاقي آهي.“ پر جيئن ته صحافي کي صحافي ئي رهڻو آهي، تاريخ ۾ سچ لکڻو آهي. وزير، مشير ۽ ڪامورا عهدا ۽ پارٽيون بدلائيندا رهندا آهن. هُو سماج ۾ جيڪي به ڏوهه ڪندا آهن، سمجهندا آهن، هُو ٺيڪ ٿا ڪن. مون ڪجهه مهينا اڳ به هڪ مضمون لکيو هو تعليم بابت. ڪراچيءَ جي تعليم جو جيڪو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو، ان جي مقرريءَ خلاف پڻ لکيو هو، تڏهن کان وٺي هُو همراهه خلاف آهي. اسان جڏهن ميڊيا تي گوسڙو ماسترن خلاف مُهم شروع ڪئي ته گوسڙو ماسترن سان گڏ سيڪريٽريٽ سطح تائين پريشاني وڌي وئي. اصل ۾ تعليم کاتي جو هيٺين سطح تائين پريشاني وڌي وئي. اصل ۾ تعليم کاتي جو هيٺين سطح تائين جيڪو ٻيڙو ٻڏل آهي، ان جو ذميوار ته تعليم کاتي جو سيڪريٽريٽ آهي. ڪرپشن جڏهن اعليٰ درجي تائين هُجي ته پوءِ هيٺ ان کي ڪنٽرول ڪير ڪندو. وزير ۽ سيڪريٽري کان وٺي هڪ گوسڙو پرائمري ماستر تائين. هڪ وڏي زنجير ۾ پويل سڀ ڪڙيون ايتريون ته مضبوط آهن جو انهن کي ٽوڙڻ لاءِ سڄي سماج کي طاقتور بڻجڻو پوندو. ڇو ته ان زنجير کي ٽوڙڻ لاءِ جيڪو به اڳتي وڌي ٿو اهو الزامن جو نشانو بڻجي ٿو، ذاتي انتقام جو شڪار بڻجي ٿو. ائين ئي جيئن مون سان شوڪاز نوٽيس ۾ ٿيو، جنهن ۾ مون کي شامل ڪيو ويو. (ڊي او تعليم (فيميل) ڪراچي پاران جاري ڪيل شوڪاز نوٽيس جو هڪ الڳ پسمنظر آهي) ۾ پيرا نمبر 10 ۾ لکيو ويو آهي ته اوهان هڪ شخص اعجاز جماليءَ کي پي آر او مقرر ڪيو آهي، جنهن کي ماهوار لک روپيه ڏيو ٿا، اها ڳالهه به اوهان پاڻ ٻڌائي، هاڻي اعجاز جمالي ڪير آهي؟ پر تعليم جي سيڪريٽري ۽ ڊائريڪٽر ماڻهن کي اِهو ٻڌايو آهي ته عاجز جمالي ته ڊي او جو پي آر او آهي، ان ڳالهه جا ڪيترائي صحافي دوست شاهد آهن، پر جيئن ته شوڪاز وڏي وزير طرفان جاري ٿيو، ان ڪري مون سوشل ميڊيا ۽ اخبارن ۾ وڏي وزير کان اُن جي وضاحت گهري آهي. سنڌ جو وڏو وزير قائم علي شاهه، سنڌ جو تعليم وارو وزير نثار کهڙو پڻ گذريل 20 کان سالن کان ذاتي طور مون کي سُڃاڻيندا آهن، مان اهو ته سمجهان ٿو ته ڪنهن منهنجي ساک ۽ 20 سالن جي ايمانداريءَ سان کيڏڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ مون اِهو لکيو ته شوڪاز جي سرڪاري سطح تي وضاحت ڪئي وڃي، واپس ورتو وڃي ۽ جنهن به حرڪت ڪئي، ان خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ هڪ شهري جي صورت ۾ پنهنجي بنيادي انساني حقن جي پائماليءَ خلاف مان عدالت ۾ وڃڻ جو حق رکان ٿو. ڇو ته ”استحقاق“ انسان جو مجروح ٿيندو آهي، عهدي جو نه. قدرت جي قانون ۽ بنيادي انساني حقن جي چارٽر مطابق سڀني انسانن جا حق هڪ جهڙا آهن،(جاري)

چاهي قائم علي شاهه هُجي يا عاجز جمالي هُجي. ذاتي طور مان ان قسم جي حرڪت سبب شديد تڪليف ۽ ذهني دٻاءَ جو پڻ شڪار آهيان ته سماج ۾ 22 سال انتهائي ايمانداريءَ سان زندگي گذارڻ باوجود موٽ ۾ ڇا مليو؟ سماج ۾ ڪرپٽ، بي ايمان، ڪوڙو، چور، لوفر، گوسڙو، ڏوهاري، گندي سوچ رکندڙ ماڻهوءَ جي وڌيڪ اهميت آهي. ڇو ته اسان جو سڄو سماج تيزيءَ سان هڪ ڪرپٽ سماج ۾ تبديل ٿي رهيو آهي، هر ماڻهوءَ لاءِ صرف سندس ذات جي اهميت آهي. اجتماعيت جي ڀلائي جو تصور ختم ٿي رهيو آهي، پر ان جي باوجود مان سمجهان ٿو ته سنڌي سماج ۾ ان وقت تائين ڪابه بهتري ڪانه ايندي، جيستائين سنڌ ۾ تعليم جو سِرشتو بهتر نه ٿو ٿئي ۽ سنڌ ۾ تعليم جو سِرشتو سرڪار، وزير، آفيسر، اين جي اوز يا مافيائن جي صورت ۾ ڪم ڪندڙ هٺ ٺوڪيا ”سنڌ دوست“ نه ڪري سگهندا، ڇو ته اُهي سڀ ان کي خراب ڪرڻ ۾ شامل آهن. گوسڙو ماسترن خلاف سوشل ميڊيا تي شروع ٿيل مهم ڪنهن ڊسيپلين تحت نه پرعوامي سطح تي ماڻهن خود شروع ڪئي آهي، ان ڪري عوام کي خود سڀ ڪجهه بهتر ڪرڻو پوندو. ان مهم ۾ ڪافي دوستن وانگر مون به اڳتي وڌي ڪردار ادا ڪيو. جيڪڏهن اِهو ڪو ڏوهه آهي ته پوءِ ڀلي سرڪار ان ڏوهه جي سزا ڏئي، پر اِهو ڏوهه ڪرڻ جو سلسلو جاري رهندو.

هِن سر جي گدلي سينور ۾

هي نيل ڪنول به ته ڏوهي آ

ڪو به چڪور انڌاري ۾

اڏري ٿو ته دروهي آ

سو اهڙو ڏوهه فطرت جو آهي. سچ مري ڪو نه ويو آهي. دنيا جا سڀ انسان نه ڪوڙا نه ڪرپٽ آهن. سنڌ جي تعليم جي ڀلائيءَ خاطر جدوجهد جاري رهندي، گوسڙو ماسترن خلاف مهم پڻ ان جدوجهد جو حصو آهي.

(هلندڙ)

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *