ڪرپشن جو ٻڏندڙ ٽائٽانڪ ۽ وائلن وڄائيندڙ عوام: شوڪت لوهار

شل نه ڪا شيءِ ليڪ ٿئي جو ٻيهر اِها ڏکي بند ٿي سگهي ٿي. اصل ۾ ليڪ نالو ئي بيماري جو آهي جو جڏهن ڪِي شيون ليڪ ٿي پون ٿيون ته پوءِ ان ليڪ کي بند ڪرڻ لاءِ الائي ڇا ڇا بند ٿي وڃي ٿو. مون کي اِهو ڊپ کائي رهيو آهي ته مون جيڪي ننڍي هوندي پاڙيوارن جا ڪڪڙن چورايا هئا، ڇا انهن جي رپورٽ به ليڪ ٿي سگهي ٿي؟ توڙي جو تر جي سڀني اخباري ۽ ٽي وي نمائندن کي پنهنجي بڪتربند جهڙي اوطاق تي ڀت ۽ سيري جي دعوت به ڪئي اٿم ۽ اخباري نمائندن کي هڙ حاضر چانهه پاڻي به ڏنو اٿم، پر اڃا به ڊپ مان پيو ٿڙڪان ته خبر ناهي ته ڇا ڇا ليڪ ٿيندو. في الحال ته خير آهي، پر اِهو خير گهڻو وقت هلندو ڪين.

پوري دنيا ۾ ٻڙڌڪ مچي ويو آهي ته ماڻهن جا پاناما مُلڪ ۾ ڪي ڪوڙين نالن وارين ڪمپنين ۾ پئسا هئا ۽ هاڻي اِها پاناما ليڪس دنيا جي ڪيترين ئي حڪومتن ۽ حڪومتن جي گهرن ۾ جهيڙا ڪرائي رهي آهي.

پاناما ليڪس جا اثر اسان جي ريپبلڪ تي به گهرا پيا آهن جو آف شور ڪمپنين جي ليڪ ٿيڻ ڪري ماڻهن جا هاڻ پگهر پيا وهن. سنڌي ۾ چوڻي آهي ته ”ٽُٽل کي ڪهڙو ٽوپو“ سو هاڻ ڏينهون ڏينهن اِها پاناما ليڪس وڃي ٿي زور ٿيندي، ڏسجي ته هِن ڏکي ويل ڪير ٿو ڪنهن جو ڀرجهلو ثابت ٿئي؟

اسان وٽ روزانو ڪيترن ئي واهن ۽ شاخن کي گهارا لڳندا رهندا آهن ۽ اهي گهارا شگاف هِڪ قسم جون واهن جون ليڪس آهن، جيڪي اسان وٽ موجود دنيا جي بهترين آبپاشي نظام جي پت وائکي ڪري وجهن ٿا.

هِن وقت لڳي ائين ٿو ته ڄڻ ڪرپشن جو ٽائٽانڪ ڪنهن لڪل سامونڊي پٿر سان ٽڪرائجي ويو آهي ۽ ان ۾ شگاف ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن. ڪرپشن ۽ پاناما ليڪس جو پاڻ ۾ دامن ۽ چوليءَ جو ساٿ آهي. موجوده وقت ۾ جڏهن اسان جا سياستدان، واپاري ۽ ادارا سڀ ڪنين ٻوڙ ڪرپشن جي گپ ۾ گرچيا پيا آهن، ان وقت ۾ ملڪ جي سپهه سالار طرفان پنهنجي گهر مان ڪرپشن خلاف صفائي مهم شروع ڪندي ٻارنهن عملدارن کي گهر ڀيڙو ڪيو ويو آهي، جيڪو هِن ريپبلڪ ۾ هِڪ اعليٰ پائي جو مثال آهي. اِهي ٻارنهن عملدار جيڪي برگيڊيئر جنرل ليول جا هُجن، اِهو ڪو معمولي عمل ڪونه آهي. توڙي جو جنرل راحيل شريف جي اهڙي عمل کانپوءِ حڪومت جي سڪرات پڻ شروع ٿي چڪي آهي ۽ هاڻوڪي حڪومت ۾ موجود ڪارين رڍن ۾ لِڪ لڪوٽي واري راند شروع آهي. پر چوڻ وارا چون ٿا ته خاڪي وردي وارن وٽ اهڙي قسم جون ننڍيون وڏيون ڪارروايون ٿينديون رهن ٿيون ۽ انهن کي پبلڪ ڪونه ڪيو ويندو آهي، جو بعد ۾ ٽي وي اينڪرز ۽ ٽاڪ شوز کي وڏو اشو ملي سگهي ٿو. بهرحال اسان جي ويجهي ماضيءَ جي تاريخ جو اِهو تاريخي ڪم آهي، جيڪو نواز حڪومت لاءِ ڏکيائين جي هِڪ گهنٽي ثابت ٿي سگهي ٿو.

گذريل رات وزيراعظم هِڪ ڀيرو ٻيهر قوم کي خطاب ڪيو آهي ۽ ان ۾ به سندس تقرير جو محور پاناما ليڪس کانپوءِ لڳندڙ الزامن ۽ انهن ۾ سندس ۽ خاندان جو دامن صاف هجڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونه هو.

وزيراعظم جيئن ئي لنڊن علاج کانپوءِ واپس ٿيو آهي ۽ پنهنجي وزيرن سان مشاورت ڪئي آهي ته ان ۾ پاناما ليڪس خلاف ڪميشن جي جوڙجڪ ۽ ملڪ جي اعليٰ عدالت کي هِن معاملي جي جاچ ڪرائڻ لاءِ خط لکڻ تي اتفاق ٿيو آهي. وزيراعظم پنهنجي تقرير ۾ اِهو چيو ته هن ڪڏهن به پنهنجي پگهار ڪونه کنئي آهي ۽ انهن ماڻهن کان ڪير پڇاڻو ڪندو، جيڪي خانگي جهازن ۾ سفر ڪن ٿا وغيره.

هاڻي مسئلو اِهو آهي ته اسان وٽ صفا پاڪ ۽ کير ڌوتل ته ڪو سياسي اڳواڻ آهي ئي ڪونه! اُتي پنهنجي ايماندار هجڻ ۽ پنهنجي پاڪ دامني جون وضاحتون عوام جي دِل ۾ جاءِ پيدا ڪرڻ لاءِ ائين آهن جيئن انڌو ماڻهو پرائي گهر ۾.اسان وٽ ڪرپشن جي ڪهاڻي ايتري پراڻي آهي جيتري ڊائنوسار جي لڌل ڍانچن جي تاريخ! ايتري حد تائين جو هاڻ ڪرپشن کي جائز ۽ حق حلال سمجهي ورتو وڃي ٿو. رشوت جي هِن وهندڙ ندي ۾ ڪهڙي سياسي پارٽي ۽ ماڻهو هٿ نه ڌوتا آهن؟ يا ڪهڙي اداري کي ڪرپشن جي وڻ ويڙهي ڪونه ورايو آهي؟ اِها حد مقرر ڪرڻ لاءِ ڪي هزار سالن جي محنت درپيش آهي ۽ ڪي لکين محنتي ماڻهو، جيڪي رشوت، اقربا پروري، ميرٽ جي لتاڙ ۽ پنهنجا نواز پاليسي جي جاچ پڙتال ڪن ۽ پوءِ اڇا ڪارا پڌرا ڪن.

اسان وٽ رشوت جا ننڍي ۽ وڏي پئماني تي ڪي ايس آءِ يونٽ جهڙا ماپا ۽ ماڻا قائم ٿيل آهن. اسان وٽ رشوت جي لسانيات تي جيڪڏهن ڪو پي ايڇ ڊي ڪرڻ چاهي ته ان کي گهڻو ئي مواد مِلي ويندو. مثال طور اسان وٽ، چانهه پاڻي، خرچي، مٺائي کيسو گرم ڪرڻ، ياد ڪرڻ، پنهنجو سمجهڻ، چندو ڏيڻ، فصل پوک پچڻ تي حِصو پتي ونڊڻ وغيره کوڙ اهڙا لفظ آهن، جيڪي اسان وٽ رشوت جي اتهاس ۽ ان جي قديم آثارن جي نشاندهي ڪن ٿا. اسان وٽ گذريل ٽن چئن ڏهاڪن ۾ ڪرپشن ۾ به ائين ئي اضافو ٿيو آهي، جيئن آباديءَ ۾!

معاشري جو معيار ئي بدلجي ويو آهي، جيڪو ماڻهو سرڪاري نوڪري ۾ الله جو خوف يا پنهنجي ضمير جي بار هيٺ رشوت نٿو وٺي ته ان کي ان اداري ۾ ”چريو“ ۽ معاشرتي طرح ويڳاڻو چيو وڃي ٿو. اسان وٽ رشوت وٺي ان مان ٻارڙن کي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ پڙهائڻ، مهانگين اسپتالن مان علاج ڪرائڻ، وڏن وڏن شاپنگ مالن مان خريداري ڪرڻ، وڏا بنگلا ۽ پاڻي جي جهاز جهڙيون گاڏيون کڻي روڊ تي هلڻ ۽ انهن ئي رشوت جي پئسن مان خير خيراتون ڪرڻ/ ڪرائڻ، محفلون ۽ خوشامدي ماڻهن طرفان پنهنجي ثنا ۽ خوشنودي لاءِ قصيده ٻڌڻ هِڪ عام رواجي ڳالهه آهي. منهنجي پنهنجي ڳوٺ ۾ کوڙا اهڙا مثال آهن، جو ڪئين اهڙا رشوتي، ڪرپشن جا وڏا جهاز جهڙا ماڻهو خير خيراتون ڪندي نه ٿڪبا ۽ هِڪ ڪلوميٽر تي هِڪ مدرسو جوڙائي وڃي آجا ٿيندا. مجال آهي ته انهي رشوت جي پئسن مان ئي صحيح ڪنهن اسڪول، ڪاليج يا يونيورسٽي جوڙائي هجي. ڇوڪرين جي تعليم لاءِ ڪو اسڪول قائم ڪيو هجي، بلڪه ڇوڪرين کي ته جرڳن ۽ برادري فيصلن ۾ ”وکر“ طور استعمال ڪري ڌرين کي کيرکنڊ ڪيو ٿو وڃي. اهڙو ڏينهن ڪڏهن ايندو، جڏهن ڌرين کي کيرکنڊ ڪرڻ لاءِ سڱ ۾ ڪجهه ڇوڪرن کي ڏنو ويندو؟

پٽيوالي جي نوڪري کان ويندي آفيسر ليول تائين جا مختلف اگهه مقرر آهن. نوجوان محنت ڪري نور نچوئي ڪميشن پاس ڪن ٿا، پر ان جي نتيجن کي به رشوت جي ور چاڙهيو وڃي ٿو. اسان وٽ ڪرپشن بلڪل هِڪ سرشتي وانگر شامل ٿي چڪي آهي ۽ هِڪ ئي ڌڪ سان بند ڪرڻ بجاءِ جيڪڏهن آهستي آهستي قانون جي بالادستي قائم ڪجي ته ڪجهه اميد ڪري سگهجي ٿي، نه ته هي لهر به ٻي لهر جيان وقتي ثابت ٿي سگهي ٿي. هن وقت پاناما پيپرز دنيا ۾ ٻائيتال ۽ ٻڙڌڪ مچائي ڇڏيو آهي. برطانيا ۾ Dirty David جا نعرا آهن، آئسلينڊ جي وزيراعظم استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، پر هتي سوال اِهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا هِي رساڪشي صرف ٽي وي ۽ اخبار تائين محدود رهڻ جو نالو آهي. هن هيڏي ساري ڀونچال ۾ هِن مُلڪ جو عوام ڪٿي آهي؟ عوام جيڪو سڀ کان وڏو اسٽيڪ هولڊر آهي، اهو ڪنهن سان گڏ آهي. عوام ڪهڙي پارٽي سان گڏ آهي. اسلام آباد ۽ پنڊي جي وڌندڙ سرد مهري ۾ عوام ڪٿي بيٺو آهي؟ حڪومت مخالف پارٽين ڪڏهن اِهو سوچيو آهي ته هِن وقت جنهن اهم شيءِ جي ضرورت آهي، اها آهي عوامي سپورٽ، عوامي حمايت! ڪهڙي پارٽي عوام کي آگاهي ڏيڻ يا عوام کي ڪنهن جي استعيفيٰ لاءِ مجبور ڪرڻ جهڙي مهم لاءِ ڪو هوم ورڪ ڪيو آهي. جڏهن اسان جون سياسي پارٽيون پنهنجي سياسي محلاتن مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ تيار ڪونه آهن ته پوءِ عوام جي مٿي جو ڪهڙو سور، جو هو وڃي پاناما ليڪس تي لٺيون کائي. اسان وٽ سياست ڪڏهن به ڊرائنگ رومن مان ٻاهر ڪونه نڪتي آهي سواءِ ذوالفقار علي ڀٽو جي. هِن وقت سنڌ توڙي پوري ملڪ ۾ ڇتي گرمي جي موسم ڦهليل آهي. ڪالهه ڪراچي ۾ گرمي هيٽ اسٽروڪ وگهي ٻه ماڻهو پنهنجي جان جي بازي هارائي ويا آهن. هِن وقت جڏهن گرمي ۾ بجليءَ جي ڇتي لوڊشيڊنگ جاري و ساري آهي، تڏهن ڪهڙي عوامي نمائندي کي مٿي ۾ سور پيو آهي جو جوهي، لاڙ ۽ گهوٽڪي ۾ ٿيندڙ ارڙهن کان ٻاويهه ڪلاڪ جي لوڊشيڊنگ جو نوٽيس وٺي؟ ماڻهن کي واڌو بلن ۾ پنائڻ جهڙو ڪيو ويو آهي. سنڌ ۾ معاشي وسيلا سُسُي سوڙها ٿي ويا آهن. روزانو هِڪ ٻه ماڻهو خودڪشي ڪري رهيا آهن، اهڙي صورتحال ۾ ماڻهو پاناما ليڪس بجاءِ پنهنجي زندگين ۾ آيل ليڪس کي بند ڪرڻ لاءِ ڀڄ ڊڪ ڪري رهيا آهن.

حڪومت مخالف پارٽين کي پنهنجي ٿڌن ڪمرن مان نڪري عوام جي درن تائين وڃڻ جي ضرورت آهي، جيڪڏهن هُو هِن معاملي ۾ واقعي سنجيده آهن ته! جيڪڏهن اهي عوام کي صرف اِهو ٻارڻ Fuel سمجهن ٿا، جيڪو اليڪشن جي جهاز کي هلائڻ مهل ڪم ايندو آهي ته پوءِ هِي پاناما ليڪس به ڏيئي وٺي ”ڪَم مٽي“ ٿي ويندو. ها البته سپهه سالار جي کنيل قدم هِڪ ٻيو قدم وڌايو ته اِهو ملڪ ۾ ڪرپشن خلاف ضرب عضب ثابت ٿيندو.

shoukatali.lohar@gmail.com

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *