ڪراچي ۾ واقعي آپريشن شروع ٿي ويو؟ ؛عاجز جمالي

ايم ڪيو ايم جي سياست کان واقفيت رکندڙ ماڻهو چڱي ريت ڄاڻن ٿا ته اربع جي صبح ساجهر ڪراچي جي علائقي عزيز آباد ۾ موجود ايم ڪيو ايم جي مرڪز تي لڳندڙ ڇاپو ڪو پهريون ڇاپو ناهي. ايم ڪيو ايم تي جڏهن به هٿ وجهڻو هوندو آهي، تڏهن اهڙا ڇاپا ئي لڳندا آهن، جهڙو ڪالهه صبح ساجهر جو لڳو. هي ڇاپو رينجرز هنيو، جيڪا فوج جي ڪمان ۾ هلندڙ پيرا ملٽري فورس آهي. مُلڪ جي اهم اداري آءِ ايس آءِ جو هاڻوڪو ڊائريڪٽر جنرل رضوان اختر ڪجهه عرصو اڳ تائين ڪراچي ۾ رينجرز جو ڊائريڪٽر جنرل هو.

رينجرز پنهنجي ڇاپي کان پوءِ سرڪاري طور جيڪا پڌرائي ڪئي آهي، اُن مطابق ايم ڪيو ايم جي مرڪز خورشيد بيگم ميموريل هال تي ڇاپو هڻي وڏي مقدار ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا ۽ ان سان گڏ ڇهه اهڙا ڏوهاري به گرفتار ڪيا ويا جيڪي ٽارگيٽ ڪلرز ۽ ڀتاخور آهن. سڀ کان وڏي ڳالهه ته انهن کي عدالت طرفان سزائون ڏنل هيون، سزائون به ڦاسيءَ جون، جن ۾ صحافي ولي بابر جي قتل جو فرار ٿيل مُک ملزم به شامل آهي، جنهن کي عدالت غير موجودگي ۾ سزا ڏني هُئي.

اطلاع آهن ته رينجرز ٻيا به ڪافي ماڻهو گرفتار ڪيا آهن، ۽ جيڪي هٿيار هٿ ڪيا ويا، اُنهن ۾ ڪجهه اهڙا به آهن جيڪي نيٽو جا چوري ٿيل آهن. رينجرز ٻڌايو آهي ته نائن زيرو تي ڇاپو انٽيليجنس رپورٽ جي بنياد تي هنيو ويو ۽ ڇاپو بامقصد لڳو آهي، اُن ۾ ڪو به بي گناهه گرفتار نه ٿيو آهي.

رينجرز جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم جي احتجاج دوران فائرنگ ۾ مارجي ويل ايم ڪيو ايم جو ڪارڪن رينجرز جي فائرنگ نه پر ٽي ٽي پستول جي فائرنگ سبب مارجي ويو. جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته ڪارڪن قتل کان پوءِ هڪ طرف شهر اپاهج ٿي ويو ته ٻئي طرف رينجرز خلاف احتجاج کي گرم ڪيو ويو.

ڪراچي ۾ دهشتگردن خلاف رينجرز جو آپريشن جاري آهي. گذريل هڪ سال دوران ڪيترائي دهشتگرد مارجي ويا، جن ۾ لڳ ڀڳ سمورين پارٽين جا ڪارڪن شامل آهن. ممڪن آهي ته ڪيترائي بيگناهه شهري به مارجي ويا هُجن، جيڪو غلط آهي، پر سڀ کان وڌيڪ ماڻهو لياري ۾ ماريا ويا، جن تي ايڏو وڏو گوڙ ڪونه ٿيو هُو. ۽ ڪراچي ۾ روزانو رينجرز هٿان ٽي چار ماڻهو مرندا آهن، لڳ ڀڳ روزانو سؤ سوا ماڻهو گرفتار ٿيندا آهن، پر ايم ڪيو ايم جي مرڪز تي ڇاپو لڳڻ بهرحال معمول جي ڪارروائي ناهي، نه ئي معمولي ڳالهه آهي.

نائن زيرو ان گهر جو نالو آهي، جيڪو الطاف حسين جي ملڪيت آهي، پر اُن گهر جي ڀرپاسي واري سڄي علائقي کي نائن زيرو چيو وڃي ٿو. ڀر ۾ به ايم ڪيو ايم جون ئي آفيسون آهن، جن ۾ خورشيد بيگم ميموريل هال- ايم پي هاسٽل ۽ ٻيون آفيسون شامل آهن. ڀرپاسي جي گهرن ۾ به ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن رهندا آهن، جن جا گهر آهن.

رينجرز جي ڪارروائي ۾ تازو تيزي تڏهن کان آئي جڏهن گذريل هفتي وزيراعظم ۽ فوج جي سربراهه جي ڪراچي آمد ٿي ۽ ٻنهي جي ون ٽو ون ملاقات به ٿي. ايپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ ئي اهو فيصلو ٿيو هو ته دهشتگردن جو گهيرو سوڙهو ڪيو ويندو، سياسي پارٽيون انهن مان هٿ ڪڍن. پر هاڻي واويلا شروع ٿي وئي ته آپريشن ڇو؟ ايم ڪيو ايم کان سواءِ باقي سڀئي پارٽيون رينجرز جي ڪارروائين کي درست ٿيون سمجهن. امڪان اهو آهي ته ان قسم جا ڇاپا جاري رهندا. ڪجهه ڌريون ايم ڪيو ايم لاءِ به هاڻي گُڊ ايم ڪيو ايم ۽ بيڊ ايم ڪيو ايم جو جملو استعمال ڪنديون آهن. اهو جملو اڳي طالبان لاءِ استعمال ٿيندو هو. ڪجهه ماڻهو وري مائينس ون جو لفظ به استعمال ڪندا آهن. پر خاڪي چون ٿا ته ايم ڪيو ايم جو سياسي رنگ ڀلي رهي، اُن جي سياست جي نالي تي زندگي اُهي پاڻ به چاهين ٿا پر کين هٿياربند ونگ تي ڪنٽرول گهرجي، جيڪا هاڻي ڪنهن جي به ڪنٽرول ۾ ناهي.

سينيٽ چيئرمين جي چونڊ جي عين ٻئي ڏينهن ايم ڪيو ايم خلاف گهيرو تنگ ٿيڻ معنيٰ رکي ٿو. ۽ وري ساڳي ڏينهن ڦاسي جي انتظار ۾ ويٺل ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن صولت مرزا جي موت جو پروانو به جاري ڪيو ويو. سو اصل مسئلو انهن جو ئي آهي، جيڪي ايم ڪيو ايم جا نانا آهن، جن نپائي وڏو ڪيو، ايم ڪيو ايم خلاف هر ڪارروائي، هر آپريشن اهي ئي ڪري سگهن ٿا، جيڪي سندس وارث آهن، ڪا چونڊيل سرڪار ته اهڙي همت نه ٿي ڪري سگهي. ڇو ته سياسي حڪومت کي محترما جي سرڪار جو زمانو ياد ڏياريو ويندو، جڏهن ڪراچي ۾ آپريشن دوران وزيراعظم ۽ سنڌ جي وڏي وزير جا ڀائر قتل ڪيا ويا هُئا.

ايم ڪيو ايم جي خلاف ايڏي وڏي ڪارروائي ٿيڻ باوجود کيس ايڏي وڏي عوامي همدردي حاصل نه ٿي سگهي. ماحول سندس خلاف آهي. ڪراچي جا ماڻهو بيزار آهن، اُن ڪري امڪان اهو آهي ته ايم ڪيو ايم هڙتالن جو رستو اختيار ڪونه ڪندي، جيئن پيپلز پارٽي جي گذريل سرڪار ۾ ڪيو ويو هو. پيپلز پارٽي سرڪار لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج اهو آهي ته هو ڪراچي ۾ شروع ٿيل آپريشن بابت پاڻ ڪو به فيصلو نه ٿي ڪري سگهي. ايڪيهين ترميم جي منظوري کان پوءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي سمورا اختيار موجود آهن ۽ شايد انهن سمورا اختيار سڀني جي خلاف استعمال ڪرڻ جو فيصلو به ڪري ڇڏيو آهي. ان سڀ ڪجهه جي باوجود به انهن لاءِ ڪراچي جو امن ۽ ايم ڪيو ايم، ٻئي مٿي جو سور رهندا. جيڪو اينٽي بايوٽڪ ۽ وڪس بام سان ختم ٿيڻ وارو ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *