ڪراچي ۽ حقيقتون:احمد خان جمالي

تاريخي صداقتون ۽ زميني حقيقتون  نن\ي کنڊ جي ورهاڱي کي غلط ثابت ڪري چڪيون آهن اهڙي طرح ان وقت جي سياسي قيادت جي ”دورانديشي“ پڻ پاڻي ۾ ملي چڪي آهي. پر ان ورهاڱي جي نتيجي ۾ مختلف تاريخي قومن  ۽ عام عوام سان جيڪو به ظلم  ناانصافي ٿيندي رهي ان جو علاج  ازالو ڪرڻ جي لاءِ ڪير به تيار نه آهي.

ڪجهه ”قائد“۽ اڳواڻ جيڪي صرف پنهنجو پاڻ کي سچار  ايماندار سڏي رهيا آهن ۽ ٻين سڀني کي ڪوڙو  منافق قرار ڏيڻ ۾ اڳڀرا آهن اهي به فخر سان ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کي غلط ته قرار ڏيئي رهيا آهن پر ان غلطي جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل ٻين غلطين، زيادتين ۽ ناانصافين کي وري ٻين جي کاتي ۾ شمار ڪري رهيا آهن.

ورهاڱو وقت ٿُلهي ليکي صرف اهو طئي ڪيو ويو هو ته ”مسلمان اڪثريتي علائقن کي گڏائي هڪ جدا ملڪ جوڙيو ويندو“ يعني ورهاڱي وقت ”مسلمان اقليتي علائقن مان لڏپلاڻ جو ڪوبه ذڪر  ۽ تصور نه هو.

مسلمان اقليتي علائقن مان لڏپلاڻ ڪنهن شروع ڪرائي، فساد، ڪنهن  ڇو ڪرايا؟ لڏي ايندڙ خاندانن جي وڏي اڪثريت کي پاڪستان جي مختلف حصن ۽ صوبن ۾ ورهائي آباد ڪرڻ جي بدران صرف ۽ صرف سنڌ جي اهم شهرن ۾ آباد ڪرڻ جي پٺيان ڪنهن جو ”ذهن  ڪهڙي ”نيت“ ڪار فرما هئي؟ انهن تلخ حقيقتن تان پردو هٽائڻ  اعتراف ڪرڻ کان آخر ڇو نٽايو پيو وڃي؟؟ فسادن جي نتيجي ۾ جيڪي خاندان يا اڪيلا فرد، ڪنهن جذبي، شوق، مجبوري يا لالچ جي ڪري لڏي آيا، انهن کي ”مهاجر“ چئجي يا ”پناهگير“ سڏجي، انهن لفظن تي بحث ڪرڻ يا نفرت پکيڙڻ جو هن وقت ڪوبه جواز نه آهي، ڇاڪاڻ جو شروعاتي لڏي آيل جهونن همراهن مان وڏي اڪثريت هن وقت تائين فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري چڪي آهي ان ڪري انهن جي ”حيثيت“ تي تڪرار  ۽ بحث اجايا آهن پر ڇاڪاڻ ته ورهاڱي ۽ لڏپلاڻ جا عمل غلط هئا، ان ڪري انهن غلط عملن جي ڪُک مان نڪرندڙ لَڪيرن  ليڪن کي سولائي سان هضم به نٿو ڪري سگهجي.

اها هڪ تلخ حقيقت آهي ته انهن لڏي آيل خاندانن مان جيڪي ”نسل“ هن سرزمين تي پيدا ٿيا آهن انهن کي نه ته مهاجر سڏي سگهجي ٿو نه ئي کين پناهگير چوڻ درست آهي. سچي ڳالهه اها آهي ته اُهي ”سن آف دي سوائل“ آهن سڄي دنيا ۾ ”سن آف دي سوائل“ يعني ”ڌرتي ڄاوا“ هجڻ پنهنجو پاڻ لاءِ ”فخر“ سمجهيو ويندو آهي پر ان جي باوجود اسان جا هي هم وطن دوست الائي ڇو ان قابل فخر اعزاز کي قبول ڪرڻ کان ڪيٻائي رهيا آهن.

ورهاڱي ڪنهن سازش جو نتيجو يا ڪنهن حادثي جو سبب هو پر اها هڪ حقيقت آهي ته اهو هڪ ناخوشگوار ۽ مسلط ڪيل جبر هو جيڪو سمورا سنڌ واسي مختلف شڪلن ۾ مسلسل ڀوڳي رهيا آهن، سنڌ جي قومي وحدت  سنڌي زبان کي ختم ڪرڻ جي لاءِ جي ڪنهن، ڪنهن، ڇا ڇا نه ڪيو؟؟

جيڪي قائد ۽ اڳواڻ بظاهر سچائي، ايمانداري  حق پرستي جا دعويدار آهن اهي گذريل 67 سالن جي هر هڪ حڪمراني جو ايمانداري  ۽ سچائي سان ڇيد ۽ حساب ڪتاب ڪرڻ کان ڇو ڪيٻائي رهيا آهن؟ گذريل 67 سالن جي عرصي ۾ جيڪو حشر سنڌ، سنڌي زبان، سنڌ جي وسيلن ۽  عام سنڌين سان ٿيندو رهي، جيڪڏهين اهو ساڳيو حشر هنن همراهن سان ڪيو وڃي ها ته سندن ردعمل ۽ سندن احساس ڪهڙا هجن ها؟

ضياءُ الحق جو دور هجي يا پرويز مشرف جي حڪمراني هجي، ڪهڙيون سازشون، حرڪتون، حرفتون  زيادتيون ان دور ۾ نه ڪيون ويون؟ ان دور ۾ انهن سان ٻانهن ٻيلي ڀائيوار ڪير ٿيندا رهيا؟ ڪهڙا ڪهڙا فائدا نه ورتا ويا؟ ۽ ڪنهن کي نقصان پهچايو ويو؟چوڻ جي لا ته چيو وڃي ٿو ته سنڌ ۾ ڪنهن اردو ڳالهائيندڙ کي وڏو وزير ڇو نٿو مقرر ڪيو وڃي؟؟ انهن دوستن کان پڇي سگهجي ٿو ته ڄام صادق علي، لياقت علي جتوئي، علي محمد مهر، ارباب رحيم، غوث علي شاهه، ڪنهن جي طرفان  ڪنهن جي مفاد ۾ مقرر ڪيل وڏا وزير هئا؟ انهن کان ڪهڙا ڪهڙا ڪم ورتا ويا؟؟اڻ چونڊيل، غير جمهوري توڙي چونڊيل حڪمرانن کي مختلف طريقن سان دٻاءُ ۾ رکڻ  بليڪ ميل ڪرڻ جو مقصد آخر ڪنهن کي فائدو پهچائڻ ۽ ڪنهن کي نقصان پهچائڻ جي لاءِ ڪيو ويو؟

چيو وڃي ٿو ته اردو ڳالهائيندڙن کي نوڪرين ۾ نظرانداز ڪيو وڃي ٿو، ڇا انهن دوستن کان پڇي سگهجي ٿو ته اوهان سالن جا سال انهن ادارن ۾ صرف  صرف ڪنهن کي ڀرتي ڪندا رهيا آهيو جيڪي اوهان جي اختيار  اثر ۾ هئا؟

ڇا اها حقيقت نه آهي ته اوهان ته 18-19-20 اسڪيلن سميت اهڙن اسڪيلس ۾ به پنهنجا من پسند ماڻهو ڀرتي ڪندا رهيا جن جو قانوني طور اوهان کي اختيار به نه آهي.پورٽ قاسم، ڪراچي پورٽ  ٻين وفاقي ادارن ۾ اوهان هزارين ”من پسند“ ماڻهو ڀرتي ڪيا. ڇا اها حقيقت نه آهي؟؟ ڇا انهن مان ڪو هڪ به سنڌي آهي؟ پيپلز پارٽي  ٻين چونڊيل حڪومتن ته ٻين برادرين سان گڏ اردو ڳالهائيندڙ نوجوانن کي به روزگار ڏنو پر امڪان پنهنجن وزارتن ۾ صرف پنهنجي پارٽي سان وفاداري نڀائيندڙ مخصوص ٽولي کي نوازيندا رهيا. ڇا اهو سچ نه آهي؟؟

اوهان اردو ڳالهائيندڙ نوجوانن  شهرين جي ”احساس محرومي“ جي واويلا ڪندا رهو ٿا ڇا اوهان ٻهراڙين، ڳوٺن، ننڍن شهرن  واهڻن توڙي وڏن شهرن ۾ رهندڙ عام عوام جي حالت ڏٺي آهي؟؟ ڇا اها حقيقت نه آهي ته ٻين علائقن ۾ رهندڙ عام عوام جي ڀيٽ ۾ ڪراچي ۾ رهندڙ اردو ڳالهائيندڙ خاندان نسبتن وڌيڪ خوشحال  سکيا آهن؟ اسان ان تي به دل و جان سان خوش آهيون.

ڇا اها حقيقت نه آهي ته ڪراچي جي ڪنهن به خاندان ۾ جيڪڏهين پنج بالغ گهر ڀاتي آهن ته اهي سمورا ڪنهن نه ڪنهن روزگار سان لڳل آهن، جڏهن ته ٻهراڙين ڳوٺن  ننڍن شهرن جا رهواسي ويلا ڪاٽي رهيا آهن.احساس محرومي جو شڪار ڪير آهن؟؟

هر ڇهين مهيني ڪراچي جي ڪُل آبادي ۾ 25 لکن جو اضافو ٻڌائي، هن وقت ٻن اڍائي ڪروڙن تائين دعويٰ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته حقيقت اها آهي ته گذريل ٽن ڏهاڪن جي دوران ڪراچي ۾ سنڌين، بلوچن، پختونن، سرائڪين  افغانين جي آبادي ۾ واقعي واڌ ٿي آهي، جڏهن ته ان ساڳي عرصي جي دوران اردو  پنجابي ڳالهائيندڙ برادرين جو تعداد گهٽيو آهي، ڇاڪاڻ جو امن و امان جي صورتحال جي نتيجي ۾ وڌيڪ پڙهيل، خوشحال هجڻ  وڌيڪ موقعا ملڻ ۾ نتيجي ۾ اردو ۾ پنجابي ڳالهائيندڙ هزارين خاندان آمريڪا، يورپ، آسٽريليا، سائوٿ آفريڪا  دبئي ڏانهن منتقل ٿيندا رهيا آهن. اهڙي طرح ڪاٺيا واڙي ميمڻ، آغا خاني، بوهري ۽  پارسي برادري جا به هزارين خاندان ڪراچي مان پرڏيهه منتقل ٿي چڪا آهن.

ڪراچي جي آبادي هن وقت سوا ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آهي جنهن ۾ اردو ڳالهائيندڙ ڀائرن جو انگ ٻين برادرين جي گڏيل آبادي کان گهڻو گهٽ آهي ان ڪري ڪراچي جي آبادي جي باري ۾ گمراهه ڪرڻ مناسب نه آهي.

”انتظامي يونٽن“ جو لفظ استعمال ڪري ”صوبن جي وڪالت ڪئي پئي وڃي. ڇا هر هڪ صوبي اندر وقت بوقت وڌيڪ ٺهندڙ تعلقه، ضلع  ڊويزنون، انتظامي يونٽ نه آهن؟

پنهنجي پسند موجب ڪجهه مخصوص ملڪن جا مثال ڏيئي وڌيڪ صوبن جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي. ڇا آمريڪا ۾ اڄ به ساڳيا  هڪجيترا صوبا يا رياستون نه آهن؟ ڇا اتي به انتظامي طور تي وڌيڪ ميونسپلس، ڪائونٽيز ضلع نه ٺهندا رهيا آهن؟؟

جن ملڪن ۾ وڌيڪ صوبن جا مثال ڏنا پيا وڃن، ڇا اهي واقعي ”صوبا“ آهن؟؟ ڇا اتان جون حالتون  هتان جون حالتون هڪجهڙيون  ساڳيون آهن؟؟

اها دعوي ڪرڻ ته ”ڪراچي جو مينڊيٽ اسان وٽ آهي“ پر اهي ”سچار“  ايماندار اهو ٻڌائڻ لا تيار نه آهن ته اهو مينڊيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ هو مسلسل ڪهڙو ”نسخو“ استعمال ڪندا رهيا آهن؟؟

بدامني جي ڪري ڪراچي ۾ صنعتون  ڪاروباري ادارا سخت متاثر تباهه آهن. ڪيترائي صنعتڪار، ڪارخانيدار  ڪاروبار ڪندڙ ماڻهو، بنگله ديش، سائوٿ آفريڪا، دبئي  ٻين ملڪن يا پنجاب ۾ منتقل ٿي چڪا آهن. سامونڊي جهازن جي ذريعي ايندڙ مشينري، سامان ۽ مال تي وصول ٿيندڙ ڪسٽم ڊيوٽي  ٻيا ٽيڪس هاڻي رائج طريقه ڪار مطابق ٻين شهرن مان وصول ٿي رهيا آهن، ان ڪري ستر سيڪڙو معصول ڪراچي مان حاصل ڪرڻ جي دعويٰ ۾ هاڻي ڪابه صداقت نه رهي آهي.

جيتري قدر ”ڪوٽا سسٽم“ جي هجڻ يا نه هجڻ جو تعلق آهي ته ان سلسلي ۾ تعليمي ماهرن، انتظامي آفيسرن  سماجي اڳواڻن، دانشورن  محققن کي ان مسئلي تي اڄ جي موجوده حالتن جي روشني ۾ گڏجي فيصلو ڪرڻ گهرجي ته ”ڪوٽا سسٽم“ جي افاديت اڃا تائين آهي يا نه آهي. ڇاڪاڻ جو هاڻي سموري سنڌ جي مختلف تعليمي ادارن مان معياري تعليم حاصل ڪري شاگرد چٽا-ڀيٽي سان مئرٽ تي روزگار حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي رهيا آهن، جڏهين ته ڪراچي جي معياري تعليمي ادارن مان پاس ٿيندڙ شاگرد سرڪاري نوڪرين جي بدران بينڪن، نجي ڪمپنين ۾ ملٽي نيشنل ادارن ۾ ملازمت کي ترجيح ڏيئي رهيا آهن يا پرڏيهه موقعا حاصل ڪري رهيا آهن. ان ڪري اردو ڳالهائيندڙ نوجوانن کي روزگار ۾ نظر انداز ڪرڻ يا کين ”ڪوٽا سسٽم“ ۾ ڪسُ کائڻ ۾ ڪوبه امڪان نه رهيو آهي.

دراصل ڪراچي ۽حيدرآباد سان واسطو رکندڙ صوبائي ۽قومي اسيمبلين جا ميمبر ”ميڊيا“ کي خوب استعمال ڪري ملڪي ۽ غير ملڪي عام را کي گمراهه ڪرڻ لاءِ مسلسل غلط بياني ۽ ها گهوڙا ڪري رهيا آهن جڏهين ته کين رد ڪرڻ  حقيقتون بيان ڪرڻ جي لا نه ته سرڪاري ڌر پنهنجو فرض ادا ڪري رهي آهي ته نه ئي وري ٻيون سياسي قوتون سگهارو  قابل ذڪر ڪردار ادا ڪري رهيون آهن.

اها حقيقت آهي ته اردو ڳالهائيندڙ آبادي جي وڏي اڪثريت سڀ ڪجهه سمجهي رهي آهي  کين احساس آهي ته عالمي طاقتن جي مڪروهه راند ۾ کين قربان ڪرڻ لاءِ گهاٽ گهڙيا پيا وڃن، لکين اردو ڳالهائيندڙ خاندان غير ملڪي مفادن جي لاءِ قربان ٿيڻ جي لاءِ قطعي تيار نه آهن، اُهي اهڙي سازش ۽ سياست کان بيزار  لاتعلق ٿي چڪا آهن. ان ڪري سڀني انسان دوست قوتن کي گهرجي ته اهي مصنوعي پيدا ڪيل ”سنڌي اردو“ ڇڪتاڻ کي بروقت  هر سطح تي ختم ڪرڻ جي لا هڪ ٻئي سان ميل ميلاپ وڌائين  گڏيل سياسي توڙي سماجي سرگرمين ذريعي پنهنجائپ جو ماحول وڌيڪ مضبوط ڪن ته جيئن غير ملڪي سازشن کي ناڪام بڻائي سگهجي. ممڪن آهي ته پنهنجو_پنهنجو ”ووٽ بينڪ“ قابو ڪرڻ جي لاءِ پڻ اها ڇڪتاڻ پيدا ڪئي ويئي هجي پر ڪراچي کي Internationalise يعني بين الاقوامي رنگ ڏيڻ ڪنهن به خطري کان خالي نه سمجهڻ گهرجي، حيرت آهي ته اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ذريعي زوردار  جارحاني انداز ۾ ان سلسلي ۾ جيڪي تقريرون ڪيون پيون وڃن ۽ جنهن طريقي سان ”ڳالهه“ کي ڳالهوڙو بنايو پيو وڃي يا جنهن انداز سان ڪوڙا  وڌايل انگ اکر بيان ڪري پنهنجو پاڻ کي زبردستي مظلوم ظاهر ڪيو پيو وڃي، ان جي موثر ترديد ڪرڻ ڏانهن ڌيان نه پيو ڏنو وڃي، جڏهن ته ”ڌرڻي ڌڻي، هر قيمت تي نفرت  نفاق کي ٽاري رهيا آهن ته جيئن سنڌ جي قومي وحدت  سڀني سنڌ واسين جي سلامتي قائم ودائم رکي سگهجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *