ڪراچي مان هٿ ڪيل خطرناڪ هٿيار!: ارشاد ڪاغذي

ڪالهه ڪراچي پوليس ڪارروائي ڪندي نيٽو هٿيار هٿ ڪري ورتا. ڪراچي پوليس جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي هٿيار هٿ ڪرڻ جي ڪارروائي، عزيزآباد مان نائين زيرو جي ملڪيت ڄاڻايل جاءِ مان نيٽو هٿيار هٿيڪا ڪري ورتا. ايڊيشنل آءِ جي مشتاق مهر پوليس هيڊ ڪواٽر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته هٿيار هڪ سياسي پارٽي جي آفيسن مان هٿ آيا آهن. نائين زيرو ۽ ڀرپاسي مان نيٽو جا هٿيار هٿ اچڻ کانپوءِ ان ۾ ملوث پارٽي جو نالو وٺڻ جي ضرورت ناهي. ايڊيشنل آءِ جي پوليس سنڌ جو اشارو ايم ڪيو ايم ڏانهن هو. ڇاڪاڻ ته جتان هٿيار هٿ آيا آهن، اها ان جي ملڪيت ڄاڻائي وڃي ٿي. تنهن ڪري ان ۾ ڪو ابهام ناهي ته اهي هٿيار ٻي ڪنهن جا هئا پر ايڊيشنل آءِ جي ايم ڪيو ايم کي ملوث ڄاڻائي ٿو. هن تفصيل ٻڌائيندي چيو ته اربع جي ڏينهن صبح جو 5 وڳي عزيزآباد ۾ گھر تي ڇاپو لڳايو ويو، جتي پاڻيءَ جي ٽينڪي مان هٿيار هٿ ڪيا ويا. هٿيارن ۾ 84 آر پي جي راڪيٽس، 85 آر پي جي فيوز، 10 هزار رائيفل گرنيڊ، 200 هيڊ گرنيڊ، 10 جي ٿري، 11 سيون ايم ايم، هڪ ايم 16، 39 ايل ايم جيز، 39 ايل ايم جيز، 9 آر پي جيز سيون، 82 ايس ايم جيز، 11 اينٽي ايئر ڪرافڪٽ گنز، 12 سيون ايم ايم گنز، ۽ مختلف قسمن جون ساڍا 6 لک گوليون شامل آهن. ان کان علاوه بلٽ پروف جيڪٽون ۽ هيلمٽ به شامل آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته اهي هٿيار 9 ۽ 10 محرم الحرام تي دهشتگردي جي وارداتن ۾ استعمال ڪرڻا هئا، پوليس بروقت ڪارروائي ڪري محرم ۾ ٿيندڙ دهشتگردي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. سنڌ پوليس جي اهڙي ڪارروائي کي ساراهڻ ضروري آهي، جو هن ڪراچي ۾ ٿيندڙ ملڪ دشمن ڪارروائيءَ کي بروقت ٻنجو ڏئي خونريزي ٿيڻ کان ڪراچيءَ جي عوام کي بچائي ورتو. آءِ جي سنڌ پاران هٿيار هٿ ڪندڙ پوليس پارٽي کي 10 لک انعام جو اعلان ڪيو آهي. اسان سنڌ پوليس جي انهن جوانن کي سلام پيش ڪريون ٿا. شاباش، لک شاباشون پوليس جي جوانن لاءِ!

ياد رهي ته نيٽو جا 19 هزار ڪنٽينرز مان هٿيار چورايا ويا هئا پر ان وقت جي حڪومتن سياسي مصلحت خاطر ڪنهن به قسم جي ڪارروائي کان ڪيٻايو هو ۽ هي هٿيار ڪراچي ۾ استعمال ٿيندا رهيا. چون ٿا ته 12 مئي جي واقعي ۾ به اهي هٿيار استعمال ڪيا ويا ۽ ڪراچي ۾ قتلام ڪيو ويو هو. اهڙو انڪشاف ڪراچي پوليس جي هڪ تازو رٽائرڊ ٿيل پوليس آفيسر نالو نه ظاهر ٿيڻ جي شرط تي ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ پرنٽ ميڊيا ۾ رپورٽ پڌري ٿي آهي، جيڪا ان پوليس آفيسر جي انڪشاف تي مشتمل آهي ته بابر غوري جڏهن شپنگ جو وزير هو، ان وقت نيٽو جا هٿيار چوري ٿيا هئا. حڪومت جاچ شروع ڪئي ۽ اهو بنا نالي پوليس آفيسر به جاچ ۾ شامل ڪيو ويو. هو ٻڌائي ٿو ته جڏهن جاچ ڪئي وئي ته تصديق ٿي ته ڪنٽينرز چوري ٿيا آهن، جن جا نمبر ۽ هٿيارن جا تفصيل گڏ ڪري سرڪار کي ڏنا ويا. پر حڪومت جي دٻاءَ تي ڪيس کي ختم ڪيو ويو، جنهن ۾ آمريڪا جي مداخلت هئي ته جيئن بدنامي کان بچي پئي. هن آفيسر هڪ نئين ڳالهه ۽ انڪشاف ڪيو آهي. بقول هن جي ته جاچ دوران پتو پيو ته اصل ۾ اهي هٿيار چوري نه ڪيا ويا هئا پر بابر غوري ۽ پورٽ جي انتظاميا ۽ عملي جي ملي ڀڳت سان اهي هٿيار منتقل ڪري انهن کي ڏنا ويا هئا ۽ ان ۾ آمريڪا پاڻ به ملوث هو. مشرف جي دور حڪومت ۾ مفاهمتي پاليسي ۽ خاص مقصد تحت اهو ڪيس ختم ڪيو ويو. آفيسر جي چوڻ موجب اهي هٿيار ڪراچي جي مختلف خوني وارداتن ۽ خاص ڪري 12 مئي جي رتوڇاڻ ۾ به استعمال ۾ آندا ويا.

آگسٽ يا سيپٽمبر 2013ع ۾ سنڌ رينجرس جي ڊي جي ميجر جنرل رضوان اختر سپريم ڪورٽ کي آگاهي ڏيندي چيو هو ته نيٽو جا ڪيترائي ڪنٽينرز ڪجهه سال اڳ هٿيارن سوڌو گم ٿي ويا هئا، انهن جي ڪا خبر چار ناهي پئجي سگهي. جڏهن ميڊيا ۾ آمريڪا جي هٿيارن جي چوري بابت خبرون شايع ٿيون ته آمريڪا جي سفارتخاني پاران ميڊيا جي رپورٽ جو ترديدي بيان شايع ٿيو هو، جنهن ۾ سفارتخاني چيو هو ته ايساف يا نيٽو جي هٿيارن جي چوري ڪانه ٿي آهي. انهن رپورٽن کي رد ڪندي آمريڪي سفارتخاني جو هڪ بيان جاري ڪندي چيو ويو هو ته اهي خبرون ڪوڙيون ۽ گھمراهه ڪندڙ آهن. بيان ۾ چيو ويو هو ته ”آمريڪا معمول موجب ملٽري ۽ سفارتي ترسيل لاءِ ڪراچي بندرگاه استعمال ڪندو آهي، نه آمريڪا ۽ نه ئي وري ايساف ڪراچي بندرگاه جي ذريعي هٿيار يا گولا بارود موڪليو آهي.“ هن بيان مان اوهان اندازو لڳائي سگھو ٿا ته آمريڪا ڳالهه کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي. جڏهن ته هر ڪو ڄاڻي پيو ته هٿيار چوري ٿيا آهن پر جڏهن پوليس جو آفيسر جيڪو چوريءَ جي جاچ ڪري رهيو هو، ان جي چوڻ مطابق ته ڪنٽينرز چوري نه پر راضي خوشيءَ سان ڪراچي جي هڪ سياسي جماعت جي عسڪري ونگ جي حوالي ڪيا ويا هئا. ان جو مطلب ته ڪراچي ۾ جيڪا بدامني ٿئي پئي تنهن ۾ ٻاهرين قوتن جو هٿ هو ۽ آمريڪا ان ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ان کان علاوه اهي خبرون پيون ته ان سياسي جماعت کي ”را“ پڻ فوجي سکيا، تربيت، هٿيار ۽ پئسا ڏوڪڙ ڏيندي رهي آهي، جنهن بابت مصطفيٰ ڪمال ۽ ايم ڪيو ايم جا منحرف اڳواڻ ان قسم جي تصديق ڪندا رهن ٿا.

هينئر جڏهن ڪراچيءَ مان وڏي تعداد ۾ هٿيار، گوليون ۽ گولا بارود جو وڏو ذخيرو هٿ ڪيو ويو آهي ۽ اهي هٿيار ايڊيشنل آءِ جي سنڌ پوليس چواڻي ته محرم ۾ استعمال ڪري ڪراچيءَ ۾ بدامني ۽ رتوڇاڻ ڪري هڪ دفعو ٻيهر ڪراچيءَ کي دهشتگردن جي رحم ڪرم جي حوالي ڪري ملڪ جي سلامتيءَ کي نقصان پهچائڻ جي ناپاڪ سازش سِٽي وئي هئي ۽ سنڌ پوليس بروقت ڪارروائي ڪري ڪراچيءَ کي بچائي ورتو. عزيزآباد جي گھر تي ڇاپو هڻي ايم ڪيو ايم جي ملڪيت واري آفيسن ۾ جيڪي هٿيار هٿ ڪيا ويا، اهي پنهنجي نوعيت جا حساس ۽ موتمار هئا ۽ اهي محرم جي مقدس مهيني ۾ استعمال ڪري مذهبي، لساني ۽ فرقيواريت جي نفرت کي وڌائڻ جي سازش هئي. اهي هٿيار جيڪي هٿ ڪيا ويا آهن، اهي ته بنهه ٿورا آهن، انهن جي ذري پتي جيترا آهن ۽ هڪ سيڪري جي برابر به ناهن جيڪي ڪراچيءَ اندر ٻُڌايا وڃن ٿا. صولت مرزا ۽ ٻين ڏوهارين جي نشاندهي تي سنڌ پوليس ۽ رينجرس جيڪي ڪاروايون ڪيون آهن، انهن جي ڪري سوين دهشتگرد گرفتار ٿيا آهن ۽ انهن خود باسيو آهي. ايم ڪيو ايم جي سربراه پاڪستان خلاف جيڪي نعرا هنيا ۽ دشمن ملڪ کان مدد وٺڻ لاءِ جيڪي ڳالهيون ڪيون، ان مان صاف ظاهر ٿو ٿئي ته هو ملڪ دشمنن جي چوڻ تي هلن پيا. ۽ هينئر جڏهن هنن جي آفيسن ۽ جڳهن تان جيڪي موتمار هٿيار هٿ ڪيا ويا ويا آهن، انهن جي ڪري اها ڳالهه ظاهر ٿي وئي آهي ته هو غير ملڪي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيا آهن. هن وقت جڏهن ملڪ تي جنگ جا ڪارا بادل ڇانيل آهن ته دهشتگرد ڪراچي ۾ قتل عام ۽ ڏڦيڙ پيدا ڪري پاڪستان کي غيرمستحڪم ڪرڻ جون ڪوششون ڪرڻ وارا هئا پر پوليس جي بروقت ڪارروائي جي ڪري ڪراچي خونريزي کان محفوظ رهي.

اوهان کي ٻڌائيندو هلجي ته 2015ع جي شروعات ۾ ڪسٽم جي انٽيليجنس جي عملدارن ڪراچي شهر جي مختلف علائقن ۾ ڇاپا هڻي 400 کان وڌيڪ آمريڪي ڪنٽينرز هٿ ڪيا هئا. ڪسٽم جي اهلڪارن نجي ۽ ذاتي جڳهين، فارمن، واڙن، ڀينس ڪالوني، ماڙيپور ۽ ٻين هنڌن تي ڇاپا لڳائي اهي ڪنٽينرز هٿ ڪيا جن ۾ سرون، سريا ۽ سيمينٽ ۽ ان جا بلاڪ ڀريل هئا ۽ اهي موتمار هٿيار هٿ ٿي نه سگھيا. ڪسٽم جي حڪام مطابق ته ٻن ڪنٽينرز ۾ هيليڪاپٽر جا اسپيئر يا فاضل پرزا ۽ ٻيا ايٽم هٿ ٿي سگھيا. اها ڪارروائي سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ ڪراچي بدامني ڪيس جي ڪري ڪئي وئي هئي. ان وقت جي چيف جسٽس ميان افتخار چوڌري پاڻ مرادو نوٽيس وٺندي تحقيقات جو حڪم ڏنو هو. ان سلسلي ۾ سوين شڪي ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو هو ۽ انهن جا ڪيس مختلف عدالتن ۽ احتساب عدالت ۾ پڻ هليو ۽ ڪيترن بيگناهن کي عدالت آزاد پڻ ڪيو هو. پر وقت جي حڪومتن ۽ ايم ڪيو ايم جي زور بار تي آمريڪي ڪنٽينرس جي ڪيس کي چڱي نموني ڪونه هلايو ويو ۽ سياسي مصلحتن جي ڪري ملڪ کي هڪ اهڙي آڙاهه ۾ وڌو ويو، جنهن جو نقصان ڪراچي ۾ بدامني جي صورت ۾ ظاهر ٿيو. ڪراچي ۾ مشرف توڙي پيپلز پارٽي جي دور ۾ ايم ڪيو ايم اڇي ڪاري جي مالڪ هئي. ڪراچي هن کي حق ملڪيت طور ڏني وئي هئي. ڪراچي ۾ جيڪي سنگين ڏوهه ٿيا، انهن ۾ 12 مئي، 22 مئي، بينظير ڀٽو تي حملو، بلديا فيڪٽري کي باهه ۽ ٻين وارداتن ۾ ايم ڪيو ايم کان ڪوبه پڇاڻو نه ڪيو ويو. جنهن ڪري ڪراچيءَ جي صورتحال تمام سنگين ٿي وئي، جنهن کانپوءِ آپريشن جي نتيجي ۾ سندن ڏوهه ظاهر ٿيا ۽ ايم ڪيو ايم جا لاڳاپا را سان ڳنڍيا ويا پر پوءِ به ايم ڪيو ايم کي بچائڻ جا وس ڪيا ويا ۽ هن تي بندش نه لڳائي وئي ۽ مائينس الطاف حسين جي ٿيوري ذريعي ايم ڪيو ايم جي جان آجي ڪئي وئي. هينئر جڏهن اهي غير ملڪي هٿيار مليا آهن ته سرڪار تي واجب آهي ته اها ملڪ دشمن قوتن خلاف قانون مطابق ڪارروائي ڪري ۽ ملڪ دشمن عناصر کي سخت کان سخت سزا ڏئي.

****

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *