ڪراچي- دهشت جي رياست ڪيئن بڻي؟ ؛عاجز جمالي

عام چونڊن ۾ پيپلز پارٽي جي وڏي طوفان باوجود سنڌ ۾ پهريون دفعو پيپلز پارٽي ۽ مذهبي جماعتن کان سيٽون کسي ايم ڪيو ايم کي سرڪار ۾ شامل ڪيو ويو. جي ها 1988 جي عام چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم جي عمر صرف 3 سال هُئي، پر ڪراچي ۽ حيدرآباد جي شهري علائقن ۾ ايم ڪيو ايم قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون سيٽون کٽي آئي.

اُن وقت فوج جو سربراهه اردو ڳالهائيندڙ جنرل مرزا اسلم بيگ هو، اُن جي زماني ۾ ئي اڳتي هلي بينظير حڪومت خلاف اسلامي جمهوري اتحاد ٺهيو هو، جنهن ۾ مهراڻ بئنڪ جو پئسو استعمال ٿيو هو. بينظير ڀٽو جي حڪومت ڪل 2 سال به نه هلي سگهي ۽ آءِ جي آءِ ٺهي. مهراڻ بئنڪ جي پئسن ۾ ايم ڪيو ايم جو نالو به لسٽ ۾ شامل آهي. هي ياد رکڻ جي ڳالهه آهي ته ايم ڪيو ايم جلد سرڪار کان الڳ ٿي سرڪار کي ڊاهڻ واري صف ۾ شامل ٿي وئي، اُن زماني ۾ ئي حيدرآباد ۾ پڪي قلعي ۾ آپريشن شروع ٿيو هو. ايئن ئي نائن زيرو وانگر اتان هٿيار نڪتا هُئا پر اهو آپريشن روڪيو ويو پر جلد ئي پيپلز پارٽي جي سرڪار جو به خاتمو ٿيو.

اليڪشن کان پوءِ آءِ جي آءِ جي سرڪار ٺهي. ايم ڪيو ايم ان سرڪار جو حصو هُئي. ڄام صادق وڏو زوير هو. ايم ڪيو ايم وٽ سينئر وزير ۽ اسپيڪر جا عهدا هئا. وفاقي سرڪار ۾ به ايم ڪيو ايم شامل هئي. پر ايم ڪيو ايم ان زماني ۾ ئي ڪراچي تي مڪمل ڪنٽرول چاهيو. سندن ڪارڪن ڏوهن ۽ دهشتگردي ۾ ملوث ٿيا. 1991 جي آخري ڏهاڙي فوج جي هڪ ميجر کي اغوا ڪري مٿس تشدد ڪيو ويو. تاريخ پاڻ کي شايد ورجائي رهي آهي. اڄ کان 23 سال اڳ به ميجر ڪليم تي تشدد ڪيس ۾ الطاف حسين خلاف ايف آءِ آر داخل ٿي هُئي. اڄ وري رينجرز جي هڪ ڪرنل طاهر کي ڌمڪين ملڻ جي ايف آءِ آر الطاف حسين تي داخل ٿي.

ان سرڪار ۾ ئي ايم ڪيو ايم خلاف آپريشن جو فيصلو ٿيو. ڇو ته مُلڪ ۾ فوج جو سربراهه تبديل ٿي چُڪو هو. جنرل آصف نواز نئون چيف آف آرمي هو. اُن زماني ۾ الطاف حسين سميت ڪافي اڳواڻ روپوش ٿي ويا. ايم ڪيو ايم جي حڪومت ۾ ايم ڪيو ايم خلاف 19 جُون 1992ع تي فوجي آپريشن شروع ڪيو ويو. ان زماني ۾ ئي جناح پور ٺاهڻ جو منصوبو منظرعام تي آيو، فوج نقشا منظر عام تي آندا هئا.

هڪ طرف ايم ڪيو ايم 1988ع کان وٺي اسٽبلشمينٽ جي اتحادي به رهي مٿان وري ان جي خلاف آپريشن به شروع ٿيو. سرڪار بدلجڻ يعني پيپلز پارٽي جي ٻيهر سرڪار اچڻ باوجود آپريشن جاري رهيو. هاڻي اهو آپريشن سول حڪومت ڪري رهي هُئي. هي ڪراچي جو سڀ کان خطرناڪ دور هو. جڏهن عام ماڻهن جو قتل ڪيو پئي ويو، نصيرالله بابر جي اڳواڻي ۾ زوردار آپريشن ته ٿيو پر وڏي وزير عبدالله شاهه جي ڀاءُ ۽ الطاف حسين جي ڀاءُ سميت ڪيترائي سياسي اڳواڻ به قتل ٿيا.

بينظير ڀٽو سرڪار جي خاتمي تائين هي سلسلو جاري رهيو. مرتضيٰ ڀُٽو جي قتل تي بينظير سرڪار جو هڪ دفعو وري خاتمو ٿيو. سرڪار جو خاتمو ڪندڙ پيپلز پارٽي جو پنهنجو ئي صدر فاروق لغاري هو. اُن سرڪار تي سڀ کان وڏو الزام ڪراچي ۾ بدامني جو لڳو.

اُن کان پوءِ ايندڙ نواز شريف سرڪار ۾ ايم ڪيو ايم وري شامل رهي، پر ڪراچي بدامني جاري رهي. اڄڪلهه ڦاسي جي انتظار ۾ ويٺل صولت مرزا تڏهن جي واقعن ۾ گرفتار ٿيل آهي. جڏهن حڪيم سعيد جو قتل ٿيو ته نواز شريف سنڌ سرڪار کي ختم ڪري گورنر راڄ آندو. اڄڪلهه جو صدر ممنون حسين تڏهن سنڌ جو گورنر بڻيو ۽ غوث علي شاهه چيف ايڊوائيزر. نيٺ هي سرڪار به ختم ٿي وئي. مطلب 1988ع کان وٺي 1999ع تائين لڳ ڀڳ هر سرڪار ۾ ايم ڪيو ايم شامل رهي پر سرڪار ختم ٿيڻ کان ڪجهه عرصو اڳ سرڪار کان الڳ ٿيندي رهي.

پر نواز شريف سرڪار جي خاتمي سان جنرل مشرف جي آمرانه سرڪار جي ايم ڪيو ايم اهم پارٽنر رهي. بلدياتي نظام هجي، صوبائي يا وفاقي سرڪار هجي، ايم ڪيو ايم جو ڪردار سڀ کان اهم رهيو. ان دور ۾ ئي 12 مئي جهڙا واقعا ٿيا، جن تي جنرل مشرف فخر به ڪيو ان دور ۾ اهم وزارتون ايم ڪيو ايم وٽ رهيون. ان کان پوءِ 2008 جي چونڊن ۾ آصف زرداري جي مفاهمتي سياست اين آر او جي سياست سبب ايم ڪيو ايم سرڪار ۾ رهي پر ڪراچي ۾ دهشتگردي تڏهن به جاري رهي. 2013 جي چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم سنڌ ۾ ٻي وڏي جماعت جي طور سامهون آئي، نواز شريف ۽ مشرف وانگر ايم ڪيو ايم پيپلز پارٽي جي به اتحادي رهي. اڄ تائين اتحادي آهي. سينيٽ ۾ هن پي پي جو ساٿ ڏنو پر اوچتو ڇا ٿيو جو سينيٽ اليڪشن کان ترت پوءِ ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تي ڇاپو لڳو.

ايم ڪيو ايم اقتدار ۽ مخالف ڌر ٻنهي ۾ رهي پر ڪراچي تي سندس مڪمل ڪنٽرول رهيو. اها عجيب ڳالهه آهي ته ايم ڪيو ايم خلاف آپريشن ڪندڙ قوتون وري کيس اقتدار ۾ به وٺي ٿيون اچن. 2013 ۾ ڪراچي ۾ فوج جي نگراني ۾ اليڪشن جو مطالبو زوردار هو پر فوج اها ڳالهه نه مڃي. بعد ۾ قومي اسيمبلي جي هڪ سيٽ تي فوج اليڪشن ڪرائي ته ايم ڪيو ايم هارائجي وئي. تازو نائن زيرو واري تڪ تي نبيل گبول استعيفيٰ ڏني، هاڻي ان سيٽ تي ضمني اليڪشن ايم ڪيو ايم لاءِ وڏو امتحان بڻجي سگهي ٿو.

ايم ڪيو ايم 1992 وانگر اڄ وري سخت صورتحال ۽ اندرين اختلافن جو شڪار آهي. ڪراچي آپريشن جاري آهي.رينجرز وٽ ڪراچي جي خطرناڪ دهشتگردن جي لسٽ آهي، کيس انهن جي تلاش آهي. رينجرز چواڻي نائن زيرو تي ڇاپي دوران به انهن دهشتگردن مان ڪجهه مليا آهن. ڪراچي کي دهشت جي رياست بدران عوامي رياست جو ڪلر ڪيئن ڏنو ويندو، ڪير نه ٿو ڄاڻي پر اهو تاثر ملي رهيو آهي ته سياسي پارٽين کي سياست ڪرڻي آهي ته پوءِ هٿياربند ونگ کان هٿ ڪڍڻو پوندو. سياست ۽ دهشت جو راڄ گڏوگڏ نه هلندو. ڏسجي ايم ڪيو ايم پنهنجي سياست ۽ هٿياربند سياست بابت ڪهڙو رستو اختيار ڪري ٿي؟

(هلندڙ)

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *