ڪراچي جي راج نيتي ڪنهن کي ملندي..!! : اشرف نوناري

5 ڊسمبر تي ملڪ اندر مڪاني چونڊن جو ٽيون ۽ آخري مرحلو آهي 5 ڊسمبر تي ڪراچي حڪمراني جو تاج ڪير پائيندو يعنيٰ ڪراچي راج نيتي ڪنهن کي ملندي اهو فيصلو پڻ  ٿيڻو آهي، هن ملڪ توڙي دنيا اندر ڪراچي جي پنهنجي هڪ الڳ تاريخ، سڃاڻپ، حيثيت ۽ اهميت آهي، هي شهر ملڪي معيشت لاءِ ڪرهنگي واري هڏي جيان حيثيت رکي ٿو، هن شهر ۾ ملڪ جي وڏي بندرگاهه پڻ آهي، جنهن وسيلي هي ملڪ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن سان سامونڊي رستي تجارت ڪري ٿو، هن شهر ۾ ملڪ جا سڀ کان وڌيڪ غيرملڪي سفارت خانه پڻ آهن، جتي هن شهر کي روشينن جي شهر جو درجو پڻ حاصل آهي، اتي هي  شهر مختلف مافيائن جي هٿان به سالن کا يرغمال بڻيل آهي، هن شهر ۾ ٻوري بند لاش، اسٽريٽ ڪرائيم، طالبنائيزيشن، ڀته خوري، قبضه خوري، سياسي، لساني ۽ فرقه وارانه دهشتگردي به هن شهر جي سڃاڻپ بڻيل رهي آهي. هي دنيا جو واحد شهر آهي جتي سياسي. مذهبي ۽ لساني تنظيمن وچ ۾ علائقه ورهايل آهن، ڪيترائي علائقه مختلف قومن توڙي ڌرتي ڌڻين لاءِ نوگو اريا بڻيل هئا، ڪيترن ئي علائقن کي لوهي گرلون/ بيريئر هڻي انهن علائقن ۾ ننڍيون ننڍيون رياستون قائم ڪيون ويون هيون،

هي دنيا جو واحد شهر آهي جتان مختلف سياسي، لساني ۽ دهشتگرد تنظيمون ماهوار اربين روپيا ڀتو وصول ڪنديون آهن، ۽ ڀتو نه ڏيڻ جي صورت ۾ ڪارخانن، فيڪٽرين توڙي سرڪاري عمارتن کي مزدورن توڙي سرڪاري ملازمن جي موجودگي ۾ ساڙيو ويندو آهي جنهن جو واضح مثال بلديا ٽائون واري فيڪٽري آهي، جنهن ۾ 2 سئو جي لڳ ڀڳ مزدورن کي فيڪٽري اندر ساڙيو ويو هو، هن شهر جي حڪمراني ڪافي عرصو  جمهوري توڙي آمريتي دوري ۾ ايم ڪيو ايم وٽ رهي آهي، هن شهر جي سرڪاري توڙي غيرسرڪاري ادار جهڙوڪ ايم ڊي اي، واٽر بورڊ، ڪي  ڊي اي، بلديات، ڪي اي  ايس سي ، هيلٿ، فشريز سميت ڪيترن ئي کاتن ۾ اهڙا  سوين ماڻهون ڀرتي ڪيا ويا آهن جيڪي ڀتي خوري، چائنا ڪٽنگ ذريعي قبضه خوري، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ سنگين ڏوهن ۾ ملوث آهن، مطلب ته بندوق جي زور تي ڪراچي اقتدار تي قبضو ڪندڙ تنظيمن روشنين جي شهر  ڪراچي  جي وسيلن کي بيرحمي سان لٽيو آهي، مگر گذريل 8 ميهنن يعني ڪراچي رينجرز  آپريشن کانپوءِ هن شهر جي سڃاڻپ ۾ نمايان تبديلي نظر آئي آهي، نوگو ايرياز جو خاتمو ٿيو آهي، ٽارگيٽ ڪلنگ، ڀته خوري، قبضه خوري، مذهبي توڙي لساني دهشتگردي ۾ رڪارڊ ڪمي ٿي رهي آهي،

مطلب تي رينجرز آپريشن ڪراچي جي زميني خدائن جابت ٽوڙي ڇڏيا آهن، جنهن سبب ڪراچي جو عوام هاڻي پاڻ کي بي خوف ۽ آزاد سمجهي ٿو ۽ ڪراچي جي عوام جو بي خوف ٿيڻ ڪراچي مٿان زبردستي حڪمراني ڪندڙ ايم ڪيو ايم کي نه صرف پريشان ڪري ڇڏيو آهي بلڪي سڪرات ۾ پڻ وجهي ڇڏيو آهي، انڪري ايم ڪيو ايم هڪ دفعو ٻيهر پاڻ کي پنهنجي دهشت، وحشت ۽ ڌاٻي کي برقرار رکڻ لاءِ هر حال ۾ 5 ڊسمبر تي ڪراچي کي  فتح  ڪرڻ  چاهي ٿي، مگر هن وقت حالتون ايم ڪيو ايم لاءِ سازگار ناهن، ڇاڪاڻ ته ايم ڪيو ايم هن ملڪ جي حڪمراني توڙي تقدير جا فيصلا ڪندڙ طاقتور ڌر سان ڦٽايو آهي، مٿان وري ڪراچي جو عوام به ايم ڪيو ايم مان بيزار آهي، اهڙي صورت ۾ ايم ڪيو ايم عوامي  توڙي عسڪري ونگ جي طاقت سان 5 ڊسمبر تي ڪراچي فتح ڪرڻ جي منصوبه بندي جوڙي آهي ان لاءِ ايم ڪيو ايم اڳواڻن 5 ڊسمبر تي ڪراچي ميئرشپ نه ملڻ جي صورت ۾ اسٽيبلشمينٽ کي الڳ صوبي جي تحريڪ واري صورت ۾ ملڪ ٽوڙڻ واري ڌمڪي ڏني  آهي ۽ ايم ڪيو ايم جو موقف آهي ته ڪراچي عوامي ميئنڊيٽ جو هر صورت ۾ هر طريقي سان  دفاع ڪبو، ايم ڪيو ايم جي اهڙي ڌمڪين کانپوءِ ڪراچي جي  بدامني ۾ هڪ دفعو ٻيهر تيزي اچي وئي آهي، 10 ڏينهن پهريائين ڪراچي جي اتحاد ٽائون ۾ رينجرز موبائيل تي حملو ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 4 رينجرز اهلڪار شهيد ٿيا، ان کان علاوه 4 ڏينهن اڳ ايم ڪيو ايم طرفان  هڪ وڏي ريلي ڪڍي ڪراچي رينجرز هيڊڪوارٽر آڏو ڌرڻي هڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن جو مقصد اسٽيبلشمينٽ کي اکيون ڏيکارڻ ۽ رينجرز تي عوامي ڌٻاءُ وجهي آپريشن سبوتاز ڪرڻ هو، ايم ڪيو ايم پاران ڪراچي ميئرشپ لاءِ وسيم اختر جي نالي جو  پڻ اعلان ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اسٽيبلشمينٽ طرفان ايم ڪيو ايم جي اڇلايل پتن جي جواب ۾ 28 نومبر تي جماعت اسلامي ۽ تحريڪ انصاف جي گڏيل ريلي ڪڍائي وئي ۽ ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار ٿيل ڊاڪٽر عاصم کان اعترافي بيان جاري ڪرايو ويو، جنهن ۾ ڊاڪٽر عاصم اعتراف ڪيو ته آءُ  ايم ڪيو ايم جي دهشتگرد ونگ کي وسيم اختر ۽ روف صديقي جي معرفت فنڊنگ ڪندو هئس، اهڙي اعترافي بيان کانپوءِ  ايم ڪيو ايم جي تجويز ڪيل ڪراچي ميئرشپ وسيم اختر ۽ روف صديقي جي گرفتاري جا واضح امڪان موجود آهن،  ان کان علاوه 28 نومبر تي ڪراچي اندر  جماعت اسلامي، تحريڪ انصاف، لانڊهي ۾ ايم ڪيو ايم حقيقي جي جلسي توڙي شيري رحمان جي اڳواڻي ۾ نڪتل پ پ جي يوم تاسيس واري ريلي ۽ ايم ڪيو ايم پاران عوامي طاقت جو ڪيل مظاهرو، مٿان وري لياري ڪڪري گرائونڊ ۾ ٿيل 29 نومبر تي تحريڪ انصاف جو عظيم الشان جلسو 30 نومبر تي ملير ۾ ٿيل بلاول  ڀٽي زرداري جي اڳواڻي ۾ پ پ جو جلسو ۽ عوامي طاقت جو مظاهرو ڪراچي راج نيتي حاصل ڪرڻ هو، هاڻي ڏسڻو آهي ته ڪراچي مٿان ڪهڙي ڌر راج ڪري ٿي، گذريل 10 ڏينهن کان جاري پي ٽي آءِ، پ پ، ايم ڪيو ايم، جماعت اسلامي ۽ ايم ڪيو ايم  حقيقي جي  چونڊ مهم کي ڏسي اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ته ڪراچي ۾ راج نيتي واري ڊوڙ ۾ صرف ٻه ڌريون آهن، پ ٽي آءِ ۽ جماعت اسلامي باقي ايم ڪيو ايم توڙي پ پ کي ڪراچي ۾ اقتدار نه ڏنو ويندو، جيڪا نه صرف وڏي سرڪار جي خواهش آهي، بلڪي ڪراچي جو عوام به گذريل ست سالن کان مفاهمت  جي آڙ ۾ ڪراچي کي لٽيندڙن مان بيزار آهي، 5 ڊسمبر وارا چونڊ نتيجا ايم ڪيو ايم ۽ پ پ لاءِ ائين هوندا، جيئن ٻئي مرحلي واري اليڪشن  ۾ بدين جا چونڊ نتيجا هئا، بهرحال هڪ شئي طئي ٿيل آهي ته ڪراچي جو تاج اهڙي ڌر کي پارايو ويندو، جنهن سان ڪراچي جو نه صرف امن امان بحال رهي بلڪي ڪراچي آپريشن به جاري رهي.

ashrafnoonari786@gmail.com

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *