ڪراچي آپريشن تڪرار ڇو؟: مدد علي سنڌي

سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جو بيان آيل آهي ته رينجرز جي خلاف آيل اشتهارن وارو معاملو سازش آهي، هن چيو ته سنڌ ۾ برابر ڪرپشن آهي، پر ڪرپشن خلاف ڪارروائي نيب ۽ ايف آءِ جو ڪم ناهي، ڇاڪاڻ ته ڪرپشن فقط سنڌ جو معاملو نه آهي پر سموري ملڪ ۾ ڪرپشن موجود آهي.

وڏي وزير جي هن بيان ۾ ڪيترا معاملا آهن، سڀ کان اول ته اها ڳالهه صاف ٿيڻ گهرجي ته سنڌ ۾ دهشت گردي ۽ ڪرپشن خوفناڪ مسئلي جي صورت اختيار ڪري ويا هيا ۽ اها ڳالهه هر ماڻهو برملا چئي رهيو آهي ته سنڌ ۾ خاص طور تي ڪراچي شهر ۾ ڀتا مافيا، ٽارگيٽ ڪلرز، دهشت گردي خلاف رينجرز جي ڪارروائين بهتر نتيجو ظاهر ڪيو آهي. مثال طور ڪراچيءَ ۾ هڪ فيڪٽري ۾ محض ڪروڙين رپيا ڀتو نه ڏيڻ تي فيڪٽري کي باهه ڏني ويئي، نتيجي ۾ اڍائي سئو کان وڌيڪ بي گناهه پورهيت سڙي رک ٿي ويا، پر بعد ۾ خبر ناهي ڪهڙن سببن جي ڪري ڏوهارين خلاف ڪارروائي نه ٿي.

يا وري ٽارگيٽ ڪلنگس يا وري شدت پسندن جي ڪاررواين، سڄي ڪراچيءَ کي جهڙوڪر تباهه ڪري ڇڏيو هو، يا وري جيڪڏهن ڪرپشن جو ذڪر ڪجي ته ماڻهن جي ڏندين آڱريون ٿيون اچيو وڃن، اهو سڀ ڪجهه ٿي رهيو هو، هاڻي خود سنڌ حڪومت، محض  هڪ ضلعي شهدادڪوٽ ۾ جعلي استادن جي ڀرتي جو اشتهار شايع ڪرايو، جنهن ۾ 400 کان به مٿي جعلي استادن جي ڀرتي جو ذڪر هيو.

اهڙي صورتحال ۾ رينجرز جي ڪارروائي وقتائتي هئي ۽ آهي ان قدم جي افاديت کان انڪار ممڪن ڪونهي. اهڙين حالتن ۾ اهي اشتهار شايع ٿين، جيڪڏهن بقول وزيراعليٰ جي ته سازش آهي ته پوءِ اها سازش ڪنهن ڪئي ؟ يا انهن اشتهارن شايع ڪرڻ جو مقصد ڇا هو ؟ ڇا محض فقط ايس پي، ۽ ڊي ايس پي انهيءَ ڪم ۾ شامل ٿي سگهن ٿا، يا وري آئي جي پوليس موصوف جي مرضيءَ سان اهو ڪم ٿي سگهي ٿو، رينجرز به سنڌ حڪومت جي ماتحت آهي، آپريشن به سنڌ حڪومت جي مرضيءَ سان هلي رهيو آهي ته پوءِ اهو ڪم ڇو ٿيو ؟ ته ان ڳالهه تي سوال ضرور اٿندا ۽ خود وزيراعليٰ سنڌ به اها ڳالهه مڃي، تڏهن ته ايس پي ۽ ڊي ايس پي کي معطل ڪيو ويو آهي.

سڀ کان اول ته ڏوهاري پوءِ اهي دهشت گردي ڪندا هجن يا بدعنواني ۾ ملوث هجن ته اهو ڏوهه آهي ۽ ڏوهارين جي خلاف ڪارروائي يا ته سنڌ حڪومت کي اڳئي ڪرڻ کپندي هئي، پر جيڪڏهن نيب يا ايف آءِ ڪري ٿي ته پوءِ ان تي وزيراعليٰ سنڌ جي وفاقي حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ گهرجن، اهو ڪو وڏو معاملو ڪونهي، پر وڏو معاملو ڪرپشن آهي، اها ڪرپشن جيڪا سنڌ کي تباهه ڪري رهي آهي، سنڌ تباهه ٿي رهي آهي ته سنڌي ماڻهو تباهه ٿي رهيو آهي ۽ تباهي نه رڳو اڄ جي دور جي پر ايندڙ دور جي به آهي.

تعليم کاتو، سنڌ جو اهم کاتو آهي، اتي جيڪو حال ڪيو ويو، اهو پاڻ سيڪريٽري ايجوڪيشن مسٽر فضل الله پيچوهو، ڪيترا ڀيرا بيان ڪري چڪو آهي، ايريگيشن،صحت، روينيو ۽ ٻين کاتن جا معاملا اوهين پاڻ ڏسي رهيا آهيو، ته پوءِ ڇا ٿئي ؟ ڇا نه ٿيڻ گهرجي ؟ ڇا ڪيو وڃي، اهي سوال پنهنجي جاءِ تي اٿي رهيا آهن.

باقي ملڪ جي ٻين ڀاڱن ۾ ڪرپشن آهي ته پوءِ اهو مقصد ڪونهي ته ٻيا به گندو ڪم ڪري رهيا آهن ۽ جيڪڏهن اسان ڪيون پوءِ ڇا ٿيو ؟ اها ڳالهه غير منطقي ۽ غير سائنسي آهي. جيڪڏهن اسانجي پنهنجي صوبي ۾ ڪرپشن آهي ته پوءِ اسانکي اول اها درست ڪرڻ گهرجي جيڪڏهن اسان اها ڳالهه ڪنداسين ته ٻين هنڌن تي ڪرپشن آهي، ته پوءِ ماڻهو اهو به سوال ڪندا ته پنجاب ۾ جيڪا ترقي ٿي آهي اها سنڌ ۾ به ٿيڻ گهرجي، يا پنجاب ۾ ڪرپشن جو ريٽ اسان کان گهٽ آهي ته اها ڳالهه اسان وٽ به ٿيڻ گهرجي، ڪرپشن هڪ خوفناڪ بيماري آهي، اها سنڌ جهڙي پوئتي پيل، صوبي کي تباهه ڪري سگهي ٿي، ٻيا صوبا خوش قسمت آهن، جو وٽن ڪراچي جهڙو بنا ڌڻيءَ وارو شهر ڪونهي. ماضيءَ ۾ ڪراچي جي آباديءَ کي هڪ هٿرادو طريقي سان برباد ڪيو ويو آهي،

اڄ اتي مسئلا وڌي ويا آهن، مصلحتن تحت ماضيءَ جي حڪومتن ڪوبه وقتي ۽ عملي قدم نه کنيا. هتي دهشت گردي به هلندي رهي، هتي ڀتا مافيا به قائم ۽ دائم رهي هئي، هر قسم جي ڪرپشن ٿي مقصد اهو ته سموريون سماجي اوڻايون، اسان وٽ رهيون، اهي معاملا پنجاب، خيبرپختونخواه يا بلوچستان ۾ موجود نه هئا، جيڪڏهن اتي ڪرپشن آهي، اهو انهن جو معاملو آهي، اسان کي پنهنجو گهر ٺيڪ ڪرڻو آهي ۽ گهر ٺيڪ ڪري، اهو ايندڙ نسلن جي حوالي ڪري وڃڻو آهي، اڄ ڀلي ڪو ڪنهن کان سوال نه ڪري، پر ايندڙ دور ڏاڍو سجاڳ ۽ ڏاڍو ڏکيو اچي رهيو آهي، اهي سوال به ڪندا پڇاڻو به ڪندا ۽ حساب به ضرور وٺندا، ان ڪري معروضي حالتن کي بهتر ڪيو وڃي، اهو حڪومت جو اولين فرض هئڻ گهرجي.

اهي سمورا معاملا  ۽ مسئلا اسان سڀني جي آڏو آهن، ملڪ ۾ مجموعي طرح خوفناڪ دهشت گردي برپا آهي. دهشت گردي جو نيٽ ورڪ سموري ملڪ تائين پکڙيل آهي، سنڌ جو اهم شهر ڪراچي، به انهيءَ ڄار ۾ ڦاٿل آهي، روزانو ڪراچيءَ ۾ رينجرز شدت پسندن کي گرفتار ڪري رهي آهي ۽ اهو معاملو ملڪ جي مفاد ۾ آهي، دهشت گردي ٻين ملڪن ۾ جيڪا حالت ڪئي آهي،

ان جا مثال اسين سڀ ڏسي رهيا آهن، شام جو ئي مثال وٺو، لکين ماڻهو اتي ٿيندڙ گهرو لڙائي ۽ دهشت گردي سبب دربدر ٿي يورپ وڃي پهتا آهن، اڃا حالت ڪهڙي ٿيندي، تنهن بابت سموري دنيا ڳڻتي ۾ آهي جو ٻي مهاڀاري لڙائيءَ کانپوءِ وڏي ۾ وڏو مثال لڏپلاڻ آهي، وري به شابس هجي، جرمنيءَ کي جنهن هزارين شامي پناهگيرن کي پناهه ڏني آهي، جتي لڏي ويندڙ شامين جو تعداد لکن تائين پهچي ويو آهي.

هن مثال ڏيڻ جو مقصد، اهو آهي ته اسان کي معروضي حالتن جو اکيون کولي، سچائي سان جائزو وٺڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن اهڙي صورتحال ۾ فوج پنهنجو ڪردار نڀائي رهي آهي ته ان تحت ڪنهن کي به ناخوش نه ٿيڻ گهرجي اهڙي حالتن ۾ شدت پسندن کي پوءِ اهي ڪٿي به هجن، ملڪ ۾ ڪنهن به شڪل ۾ ڪم ڪرڻ جي اجازت حاصل نه هئڻ گهرجي. جيڪي به انتهاپسند مذهبي تنظيمون آهن، انهن جي سرگرمين جي صوبائي توڙي وفاقي حڪومتي ادارن کي چوڪسي رکڻ گهرجي. اهڙين حالتن ۾ تي الزام هڻڻ، يا سازش جو ٿيڻ ان ڳالهه جي نشاني آهي ته صحيح معاملن کي متنازعا بڻايو پيو وڃي، يا متنازعا ڪرڻ جي ڪوشش، اصلي مسئلي کي سبوتاز ڪرڻ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *