ڪراچيءَ جو هڪ تڪ ۽ تبديليءَ جو امڪان ؛عديل مهر

ڪراچيءَ جي انهيءَ تڪ تي طوفان ٿو ڏسجي جنهن تان استعيفيٰ ڏئي نبيل گبول نه فقط قومي اسيمبليءَ جي سيٽ خالي ڪئي بلڪه متحده قومي موومينٽ جو هانءُ به خالي ڪري ڇڏيو. نبيل گبول استعيفيٰ وقت چيو هئائين ته منهنجي جماعت مون کي مارائڻ جو پروگرام ٺاهيو هو، ڪلهه ته اهو به چئي ڇڏيائين ته انهيءَ تڪ جي ڪنهن اُميدوار جو قتل ٿي سگهي ٿو، هوءَ اها سيٽ هٿن مان ويندي نٿي سهي سگهي، گهمسان ڪرائي گورنر راڄ لاڳو ڪرائڻ جي پلاننگ ٿي رهي آهي.

سيٽ وڃي سا به دشمن نمبر ون کٽي وڃي، وڃائيندڙن لاءِ اهو وڏو صدمو هوندو، ان بجاءِ ٻيو ڇا به ٿي وڃي اها انهن لاءِ ننڍي ڳالهه هوندي. انهيءَ ”ڇا به ٿيڻ“ ۾ اهڙو سڀ ڪجهه ٿي سگهي ٿو جهڙو ماضيءَ ۾ 12 مئي ۽ 9 اپريل واري شهرت رکي ٿو ۽ جيڪو ڏهاڪن کان آپريشن تائين ڪراچيءَ ۾ ٿيندو رهيو آهي. اڃان به الائي ته ڇا ڇا،  ڇو جو گورنر راڄ لاءِ کين گهڻو ڪجهه گهربل هوندو. جيتري بدامنيءَ جي باوجود گورنر راڄ ناهي لڳو، ان کان ڪجهه سرس ئي سوچيو ويو هوندو. اسان جي ساهه رڳ ڏي خدا خير ڪري!

ڪراچي ڪنهن وڏي امتحان ۾ ٿي ڏسجي! چئلينج ٿيڻ کانپوءِ فقط هڪڙي تڪ تي ايڏي توائي پيدا ٿي آ، جيتري توائي ڪل ڪراچي  رڻ ٻاريندي رهندي آ، هڪ ته خدا خير ڪري ٻيو انتظاميه شل امن کي يقيني بڻائي سگهي، ائين نه ٿئي جو چونڊ واري ڏينهن شام جو هڪ طرف ووٽ ڳڻي رهيا هجن ٻئي طرف لاش ڳڻجي رهيا هجن هڪ غصو آهي جيڪو جهل نٿو ڏي، روز مخالفن جي ڪيمپ تي حملا آهن، مخالف اُميدوار جي گاڏي تي حملو آهي، انهيءَ خوف کان تحريڪ انصاف جلسي جو ماڳ ئي مٽائي ڇڏيو آهي. هارائڻ جي امڪان تي ايترا جيڪي جڪ ٿا کائن، هارائي ڪري ته هو الائي ڇا ڪري سگهن ٿا، جڏهن ننڍڙي چونڊ ۾ دهشت جو اهو ماحول آهي ته ايندڙ وقت عام چونڊن جو اڳواٽ اندازو ٿي سگهي ٿو جيڪڏهن اهي واقعي غير جانبدار ماحول ۾ ٿينديون.

جڏهن ٺپو هنن جي هڪ هٿ ۾ هو انتظاميه ۾ به ڀاڱي ڀائيواري هوندي هئي ته کٽڻ سندن يقيني هوندو هو. مارائڻ جو سوال ئي نه هوندو هو پر هاڻي جڏهن انتظاميه کان هو آئوٽ آهن ته هارائڻ ممڪن آهي ووٽر جيترو آزاد هوندو اوترو ان جي ٻين نشانن تي به نظر پوندي، ووٽر جو رڪارڊ به ضبط نه هوندو ته هو پنهنجو بهتر انتخابي نشان ڳولي وٺندو. مفاهمتن متحده کي شينهن ڪري ڇڏيو هو، هن کان حمايت خريد ڪرڻ وارا اگر ٻڪڙي نه ٿين ها ته 15 سالن ۾ ٿيل چونڊن جا نتيجا ٻيا هجن ها، ان ڏيڍ ڏهاڪي اندر سڀ ڪجهه هنن جي سيني ۾ هو، سنڌ جو وڏو شهر هنن کي ڪليم ۾ ڏنو ويو هو، انهيءَ ڪري اليڪشن جا نتيجا به هنن پنهنجا پئي ٺاهيا. هر شيءِ جي حد ٿي وئي بلڪه حد به هو ٽپي ويا، تڏهن ڪراچيءَ جي امن لاءِ سوچيو ويو. امن هڪ اهڙي شيءِ آهي جيڪو سڀ ڪجهه ٺيڪ ڪري ڇڏيندو آهي. اليڪشن جو صحيح نتيجو به امن جو انعام هوندو. انهيءَ ڪري بدامني انهن جي وڏي ضرورت رهي، جن ان جو کٽيو کاڌو آهي، جيئن وڳوڙ ۽ بدامني انتظاميه جي ناڪامي هوندي آ تيئن امن انهن جي ناڪامي آهي. امن پنهنجا نتيجا ڏئي اهو سوچي ئي ڇرڪي ٿا پون. هنن عوام جا ڇرڪ ڪڍي کٽي ۽ کائي ڏٺو آهي، عوام جو سُڪون سندن برداشت کان ٻاهر آهي پر جيڪو هنن جي برداشت کان ٻاهر هجي ضروري ناهي ته قانون جي وس کان به ٻاهر هجي. قانون جي عملداري ڪراچيءَ جو حق آهي، رٽ رهندي ته اها حڪومت جي وجود جي ثابتي ڏيندي. هڪ آمر جي وقت ۽ جمهوريت جي دور ۾ اهو ئي ته هڪڙو فرق هوندو آهي، پهرين دور ۾ عوام ڪجهه نه ڪري سگهندو آهي، جڏهن ته پنهنجي چونڊيل حڪومت ۾ جيڪو چاهيندو آهي عوام ڪري سگهندو آهي. ڪراچيءَ جي تڪ 246 جي ننڍي چونڊ به عوام جي حقيقي راءِ جو اظهار هوندي.

بيلٽ پيپر فوج جي نگرانيءَ ۾ پهچڻ جو فيصلو ٿيو آهي اگر چونڊ به انهيءَ نگرانيءَ ۾ ٿئي ٿي، فوج پولنگ جي اندر ۽ ٻاهر بيهي ٿي ته اها چئبي آزاد چونڊ. انهيءَ آزاديءَ لاءِ خوف جو ختم ٿيڻ شرط آهي، عوام جو اهو شرط اگر حڪومت پورو ٿي ڪري ته يقينن اها هڪ ابتدا هوندي عوامي راءِ جي اهڙي اظهار جي جنهن لاءِ ڪراچي جو عوام ڏهاڪن کان سڪندو رهيو آهي، هٿرادو ٺپن کان علاوه واقعي به جيڪي ووٽ وجهندا آهن اهي ماڻهو خود خوف ۾ هڪ ٺپو ٿي ويندا آهن، هو جنهن ڳالهه ۾ مجبور هوندا آهن اها مجبوري ختم ٿيڻ به ضروري آهي. هنن کي ووٽ نه ڏيڻ سان جيڪي ويل ۾ پوندا آهن ان ويل مان آجو ٿيڻ به ووٽر جو حق آهي جيئن اتر سنڌ جو عوام ان ڪري وڏيري جي چوڻ ۾ هوندو آهي ته ڏسندو آهي ته تر ۾ وڏيرو ئي اڇي ڪاري جو مالڪ آهي، هنن کان پري وڃي ئي نٿو سگهجي، ان کان بچائڻ وارو ڪوئي ناهي، پوليس کان وٺي وزيرن تائين سڀ وڏيري جا يار آهن، متبادل ڪونهي، ائين ئي ڪراچي جو عوام ڪنهن تنظيم وٽ قيد آهي ته اهو چاهيندي ۽ نه چاهيندي به آهي. ڪراچيءَ ۾ ڪنهن وٽ ٻي ڪا واهه ۽ واٽ ئي ڪانهي. هو جي هڪ پارٽيءَ کي ڇڏي ته ڪنهن ڏي وڃي، جنهن واهه هئڻ گهرجي اهي ان جماعت جا اتحادي بڻيل! اهو هاڻي وڃي اهڙو ماحول ٺهيو آهي ته شهري جاگيردار جماعت کي ڇڏي ڪنهن ٻي ڪيمپ ۾ وڃي سگهي ٿو، ڪا تحريڪ انصاف به آهي ۽ ڪو عمران خان به آهي جيڪو ڪراچيءَ ۾ قهر کي چئلينج ڪري ٿو، دير ئي سهي پر انڌير ختم ٿيندي نظر اچي ٿو.

تحريڪ انصاف ملڪ ۾ جيتوڻيڪ اها تبديلي اڃا ناهي آڻي سگهي جنهن جي ڳالهه ڪري ٿي پر اها ڳالهه هن اڃا ڇڏي ناهي، پنهنجي مقصد تان هٽي ناهي، جيتري حمايت اوترو اڳتي، پوئتي هوءَ ناهي، مفاد ۾ ڪنهن سان مفاهمت، مطلب ۾ ڪو اتحاد ڪيو نه اٿائين، انهيءَ ڪري ڪراچيءَ ۾ هوءَ هڪ اُميد بڻجي آئي آهي، گذريل چونڊ ۾ ڪراچيءَ ۾ هن کي حوصلو مليو هو. خود انهيءَ تڪ تي ٻئين نمبر تي ووٽ کنيا هئائين، جيترن ووٽ وڌو هو، انهن خوف جي باوجود اها همت ڪئي هئي، اڄ جي آزاد ٿيندا ته ڪيترا نه ووٽ ڪاسٽ ٿيندا، جنهن جي نظر ۾ جهڙي به آهي پر تحريڪ انصاف انهيءَ تڪ تي متحده جو متبادل جي صورت ۾ سامهون آئي آهي، آدرشن جي نظر سان نه به اچي، انهيءَ اعتبار سان ته جاڏي ڪاڏي اونداهه آهي پر موجوده ماحول ۾ اها ئي هڪ چڻنگ آهي جا چمڪي ٿي. انهيءَ چڻنگ مان عوام اُماڙي ٺاهي هٿ ۾ کڻي سگهي ٿو ۽ انهن انڌيرن سان وڙهي سگهي ٿو، جن ڪراچي جا ڏيئا وسايا آهن. عبوري ئي سهي پر پي ٽي آءِ هڪ آپشن آهي، جن سان به ڀيٽ ڪبي انهيءَ هڪڙي جماعت لاءِ چڱي راءِ بيهي ٿي، جو هن وٽ مفاهمت لاءِ عوام استعمال جي شيءِ ناهي. عمران خان جو ماضي ۽ حال سٺو آهي، هن جي مستقبل کي به برو نٿو چئي سگهجي، هو جڏهن جبر کي چئلينج ڪري ٿو ته مفاهمتن جي مقابلي ۾ هر ڪنهن کي وڻي ٿو.

عمران خان تي اعتبار جي ابتدا ڪراچيءَ کان ٿي سگهي ٿي، اهو تڪ تبديليءَ کي ڪيترو قبول ٿو ڪري، ان جي خبر چونڊ ڏهاڙي پوندي، حيدرآباد جي ڪنور نويد جي مقابلي ۾ ڪراچيءَ جو عمران اسماعيل جي کٽي ٿو وڃي ته وڏي ڳالهه ٿيندي پر جي هو ٿورن ووٽن تان هارائي ٿو ته به اها گهٽ ڳالهه نه هوندي، اها پوءِ به متحده جي ناڪامي ۽ تحريڪ انصاف جي سوڀ چئبي پي ٽي آءِ جا اڳ جي مقابلي ۾ جيترا ووٽ وڌندا ان جي اوتري ڪاميابي ۽ ايم ڪيو ايم جا جيترا گهٽ ٿيندا اوتري ان جي ناڪامي هوندي. رڳو هٿرادو ووٽ نه پون باقي جيڪو به کٽي، ماڻهن کي چونڊ جي آزادي هجي، بُرو ۽ ڀلو هر ڪو پنهنجو پاڻ ڄاڻي، عزيز آباد واري تڪ جو عوام جي انهيءَ حال ۾ خوش آهي ته سندس قسمت، پر جي هو پنهنجا ٻنڌڻ ڇنڻ گهري ٿو ته ان لاءِ هي ئي موقعو آهي فوج جي موجودگي ۾ داداگيري نه ٿي سگهندي تڏهن ٿا چئون ته راءِ جي اظهار ۾ هر ڪو آزاد هوندو.

جماعت اسلامي به ماضيءَ ۾ انهيءَ سيٽ تي کٽيو آهي، اڄ هوءَ به پنهنجي لاءِ موقعو ڄاڻي ٿي، اگر متحده کان آزاد ٿي ووٽ ورهائجي ويا ڪو جماعت ڏي ويو ڪو پي ٽي آءِ ڏي ته ان جو به ايم ڪيو ايم فائدو وٺي سگهي ٿي.

پر ٻنهي جماعتن جو اتحاد متحده جو نقصان ڪري سگهي ٿو، انهن جو اختلاف انهن کي نقصان ڏئي سگهي ٿو ليڪن سمورين تنظيمن کي سندي نقصان بجاءِ ڪراچي جي عوام جي نقصان جو احساس ڪرڻ گهرجي، جيڪو 15 سالن ۾ ٿيو آهي اهو وري نه ٿيڻ گهرجي. متحده جي مقابلي ۾ ايندڙ ٻنهي جماعتن کي اهو سوچڻ گهرجي ته هو ته هونئن به هار واري حالت ۾ رهندا آهن اگر هاڻي ٻنهي مان هڪ پوئتي ٿيندو ته ان جو ڇا ويندو؟ پر جي ٻئي اڳتي وڌڻ جي چڪر ۾ پوئتي رهجي ويا ته ان سان ڪراچي پوئتي رهجي ويندي، پوئتي پئي ڪراچيءَ ڇا نه وڃايو آهي، اهو سوچي ئي هو پنهنجا نفاق پوئتي رکي هڪ اتفاق کي اڳتي ڪن ته ڪجهه بهتر ٿي سگهي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *