ڪاڇي جي ڪوڪ؛عبدالغفار چانڊيو/خيرپور ناٿن شاهه

پاڪستان هوئين دنيا ۾ خوشحال پاڪستان سڏيو ويندو آهي پر تاريخ ۾ نظر وجهنداسين ته خوشحالي پاڪستان ۽ خوشحال سنڌ جو ضلع دادو ۽ تعلقه خيرپور ناٿن شاه 27 ديهن تي مشتمل ڪاڇي وارو علائقو ڏڪار ڏانهن وڌي رهيو آهي ڏڪار وڌڻ سبب ڪاڇي جا ماروئڙا پنهنجي مدد لا۽ پنهنجن چونڊيل نمائيدن ۽ حڪومتي سنڌ ڪي واهر لا۽ پڪاري رهيا آهن پر حڪومت جو هر ادارو هن مارو.ڙن جي دانهن ٻڌڻ لا۽ تيار ناهي پر ڪجهه مهينا اڳ حڪومت سنڌ خيرپور ناٿن شاه جي 24 ديهن کي آفت سٽيل قرار ڏئي هر طرح جو امدادي ڪروائين جو حڪم ڏنو افسوس اڄ به اُهي حڪم حڪم ئي رهجي ويا پر ڪاڇي جي مضلوم ماروئڙا اڄ به خانا بدوشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويا آهن پر هنن جي دردن جي دانهن ٻڌڻ لا۽ ڪير به تيار ناهي ڪاڇي جا ماروئڙا ڪاڇي وسڻ سان ته خوشحال هئا پر غربت اڄ به انهن ماروئڙن جي گهر ڪري وئي افسوس سان لکڻو پوي ٿو خيرپور ناٿن شاه جي بازارن ۾ پنهنجي ٻچن جي پيٽ جي باه اجهائڻ خاطر ڪاڇي جا ماروئڙا پندي نظر اچن پيا پر هن مضلوم عوام لا۽ وڏيرا شاهي جو سدائين راجھ رهيو هن خيرپور ناٿن شاه جو ڪاڇو هر بنيادي سهولت جي اڻهوندي جي نظر ايندي تعليم کان وٺي صحت تائين هي ماروئڙا نسل درنسل عتابن هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن خيرپور ناٿن شاه جي ڪاڇي جي اٻوجه ماڻهن لا۽ حڪومت ئي سنڌ ٻيو ته ڪجھ سهولت نه ڏنو صرف پوليس اسٽيشن سالاري ضرور ڏني ڇو ته وڏيرا شاهي جو ڪاڇي جي ماروئڙن ته ايترو اثر آهي جو اليڪشن ۾ ووٽ نه ڏيڻ جي صورت ۾ ماروئڙن کي هيسائڻ لاءِ ٿاڻو ضروري آهي، هڪ مان ڳالهه مان ضرور لکندس ته ڪاڇي ۾ امن امان جي حوالي سان ڪنهن به ڳوٺ مان ڪنهن جي به ٻڪري چوري نه ٿي آهي، ڪاڇي ۾ پوليس اسٽيشن کان سواءِ هر ادارا گوسڙو نظر ايندا، سنڌ جي وزيراعليٰ سيد قائم علي شاهه ڪاڇي جي ماروئڙن لاءِ اعلان ته ڪيا، پر وڏي افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته خيرپور ناٿن شاهه ي باليٰ آفيسرن سيد بادشاهه جو حڪم اکين ۾ رکندي ڪاغذي ڪارروائي ته ضرور ڪئي هوندي، پر ماروئڙن لاءِ آيل مال صرف وڏيرن جي اوطاقن تائين پهتو، جنهن ۾ وڏو ڪردار خيرپور ناٿن شاهه جي باليٰ آفيسرن ۽ چونڊيل جو سمجهان ٿو، ڪاڇي ۾ مال جو چارو به ختم ٿي ويو آهي، مال کي مختلف بيمارين ورائي ڇڏيو آهي، پر جس هجي وٽرنري عملي کي، جنهن ڪڏهن به ڪاڇي واسين جي سار نه لڌي آهي، ڪاڇي جي ماروئڙن سنڌ گورنمينٽ ڪيترائي ڀيرا منٿون ۽ اعلاز ڪيا،

ان لاءِ ڪنهن شاعر چيو آهي ته:

نه سوچ بدلي، نه خيال بدليو،

رڳو ڪئلينڊر جو سال بدليو،

اسان جو رهبر انا جي ننڊ ۾،

اسان جي سنڌ جي ڪاڇو جو حال نه بدليو،

ڪاڇي جا ماروئڙا سياري ۾ ٿڌ وڌڻ سبب سندن ڏکن ۽ دردن ۾ پڻ اضافو ٿي ويو آهي، پوڙها ۽ ٻڍڙيون پڻ مختلف بيمارين جي ور چڙهي ويا آهن، ڏڪار ۽ غربت ۽ سهولتن جي اڻاٺ سبب مظلوم ماروئڙا پنهنجي علاج ڪرائڻ ان به قاصر بڻيل آهن، اڄ به هزارن جي تعداد ۾ ڪاڇي جا ماروئڙن جي زندگي مفلوج بڻيل آهي، جن وٽ نه ئي کائڻ لاءِ ڪا خوراڪ آهي ۽ نه وري هن ٿڌ کان بچڻ لاءِ ڪا اوڇڻ آهي، جنهن سبب ڪاڇي جا ماروئڙا اڄ به زندگي جي ٻه واٽيءَ تي ويٺل آهن، خيرپور ناٿن شاهه جي پٺ تي پيل ڪاڇي واري علائقي کي حڪومت مڪمل طور تي نظرانداز ڪندي وساري ڇڏيو آهي، حڪومت سنڌ ڪاڇي جي ماروئڙن جي مستقبل جون واڳون ته روينيو عملدارن جي هٿ ڏئي ڇڏيون، جنهن تي روينيو عملدار ڪجهه کڻي عمل ضرور ڪيو هجي، پر ايتري به پڪ آهي ته انهن وڏيرن جي اوطاقن تي ويهي انهن کي راضي ڪندي پنهنجا به کيسا گرم ڪيا آهن، ماروئڙا اڄ به ڪڻڪ جي داڻي لاءِ پريشان آهن، هن محل به بن سالن کان برساتون نه پوڻ سبب ڪاڇي ۾ شديد ڏڪار واري صورتحال ۾ ڪيتريون ئي انساني جانيون به ضايع ٿيون آن، ان سان گڏو گڏ ڪيتري ئي تعداد ۾ چوپايو مال به موت جي ور چڙهيو آهي، پر سنڌ حڪومت ڪڏهن به ان جي ڪڏهن به پرگهور نه لڌي آهي، تاريخ تي نظر وجهنداسين ته پي ايس 76 خيرپور ناٿن شاهه تي ڪامياب ٿيندڙ نمائندن ڪڏهن به اسيمبلي جي فلور تي ڪاڇي جي ماورئڙن جي حق ۽ سندن مشڪلاتن بابت ڪڏهن به آواز نه اٿاريو آهي، رهي ڳالهه صحافت جي، صحافت ته آزاد آهي، پر شايد خيرپور ناٿن شاهه جا صحافي وڏيرن ۽ چونڊيل نمائندن وٽ يرغمال بڻيل آهن، يا ائين کڻي چئجي ته هو وڏيرن ۽ چونڊيل نمائندن جي ماني ملهائي رهيا آهن، وفاقي حڪومت کي گهرجي ته سنڌ حڪومت کي ڪاڇي ۾ هنگامي بنيادن تي ايمرجنسي لڳائڻ جو پابند بڻائي ڪاڇي ماروئڙن جي سار لهي، جيئن ڏڪار سٽيل ماروئڙن جي سهولت لاءِ تڪڙا اپاءُ ورتا وڃن، ٻي صورت ۾ جيستائين ڪاڇي جي ڪوڪ عالمي ادارن تائين پهچي، تيستائين گهڻو نقصان ٿي سگهي ٿو، تنهن ڪري هميشه ڪنهن به وڏي نقصان ٿيڻ کان اڳ وقت سر سڄاڳ ٿيڻ گهرجي، ته جيئن مظلوم ماروئڙن جا اهنج دور ٿي سگهن، جيڪڏهن ڪاڇي جي مظلوم ماروئڙن جا سور ختم نه ٿيا ته شايد اهي ناسور ٿي سگهن ٿا، شال ڪاڇو سلامت رهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *