ڪاڇي جي مارن کي موٽي مليل مرڪون: اسد ڏاهري

هن سال جولاءِ آگسٽ ۾ پوندڙ زرودار برساتن ۽ جابلو نيون وهي اچڻ ڪري دادو ضلعي جي جوهي ۽ خيرپورناٿن شاهه تعلقن جا ڪاڇي وارا علائقا سائي چادر پاتل وادي وارو ڏيک ڏئي رهيا آهن، جتان جي محنت ڪش آبادگار مارو خوشي وچان نٿا ماپن ڇاڪاڻ ته هن سال پيل برساتن کانپوءِ جيڪي به باراني فصل پوکيا آهن سي هاڻ تياري طرف آهن ۽ ڪٿي ته لابارا به شروع ٿي ويا آهن.جوهي جي واهي پانڌي ، حاجي خان ، هيرو خان ، قصبو ۽ ٻين واهڻن ۽ وسندين جي آبادگارن کي اها اميد آهي ته زراعت جي لحاظ کان هو هن ڀيري ججهي پئداوار کڻندا جنهن سان نه صرف هو پاڻ پر سندن ضلعو ۽ صوبو به خوشحالي ماڻيندو.جيئن جيئن فصل تيار ٿي رهيا آهن ۽ فصلن ۾ لابارا پئجي رهيا آهن تيئن تيئن اتان جي مارن جون وڃايل مرڪون ٻيهر واپس ٿيڻ لڳيون آهن.

 

زراعت کاتي جي هڪ ٽيم جنهن ۾ ڊپٽي ڊئريڪٽر علي نواز ڪلهوڙو ، اسسٽنٽ ڊئريڪٽر ارباب علي کوکر ، ايگريڪلچر آفيسرز دين محمد بلوچ ۽ ضياءُالحسنين جوڻيجو شامل هئا سيڪريٽري زراعت سنڌ ۽ ڊئريڪٽر جنرل زراعت سنڌ جي هدايتن تحت جوهي تعلقي جي ڪاڇي واري علائقن جو تفصيلي دورو ڪيو ۽ آبادگارن سان ملاقاتون ڪيون ۽ کين باراني فصلن جي وڌيڪ پئداوار وٺڻ ، لاباري جي صحيح طريقن ۽ اناج جي منتقلي بابت سائنسي بنيادن تحت مشورا ڏنا.دادو ضلعي جي ڪاڇي وارن علائقن ۾ برساتن کانپوءِ اتي سرنهن ، جوار ، ٻاجهري گوار ، تر ۽ ٻيا فصل پوکيا ويا هئا جن جي واڌ ڪافي بهتر ٿي آهي البته ڪجهه هنڌن تي مهينو کن اڳ پيل غيرمندائتي برساتن سبب جتي پوکيل فصل کي ڄڻ ته ڀاڻ جو وزن ملي چڪو آهي.زرعي ٽيم جو موقف آهي ته موسم جي اوچتي تبديلي ۽ گورک جبل واري پاسن کان ايندڙ ٿڌين هوائن ترن ۽ سرنهن جي فصل کي معمولي نقصان ضرور رسايو آهي جيڪو اقتصادي حد واري نقصان تائين ناهي. صرف پنن کي نقصان پهتو آهي سو به انوقت پهتو آهي جڏهن ترن ۽ سرنهن جا فصل پچي چڪا آهن ۽ لاباري جي لائق آهن.

 

ڊپٽي ڊئريڪٽر زراعت محترم علي نواز ڪلهوڙو جو چوڻ آهي ته جوهي تعلقي جو ڪاڇي وارو علائقو کيرٿر جي گورک ٽڪري جي اوڀر ۾ واقعي آهي جنهنڪري اتي آڪٽوبر جي شروع ٿيندي ئي موسم جي تبديلي جو آغاز ٿي ويندو آهي جيڪو اتي گهڻو ڪري باراني توڙي ٽيوب ويلن يا نئين گاج جي پاڻي تي آباد ٿيندڙ فصلن تي پنهنجو اثر ڇڏيندي آهي تنهنڪري اتي پوکيا ويندڙ نازڪ ۽ حساس فصل جهڙوڪ تر ، سرنهن ۽ ڄانڀو متاثر ٿين ٿا جن جا گهڻو ڪري پن سوڪهڙي ۽ پن ڇڻڻ جو شڪار ٿين ٿا جيڪا هڪ معمول جي ڳالهه آهي جنهن کان آبادگارن کي خوف نه ڪرڻ گهرجي پر پوءِ به جيڪڏهن ڪا خطري واري ڳالهه هجي ته حد جي زرعي عملي سان رابطو قائم ڪري درپيش مسئلي مان ٻاهر نڪري سگهن ٿا. بقول سندس ته کاتي ڪاڇي جي آبادگارن جي خواهش ۽ مطالبي تي مقامي نوجوانن کي ايگريڪلچر آفيسر ۽ فيلڊ اسسٽنٽ طور مقرر ڪيو آهي جيڪي هروقت ساڻن رابطي ۾ رهن ٿا ۽ هرهڪ آبادگار سان ملڻ ڏکيو آهي تنهنڪري اهي ڪنهن به مونجهاري وقت انتظار ڪرڻ بدران فيلڊ عملي سان پاڻ به رابطو ڪن.بقول ڊپٽي ڊئريڪٽر زراعت دادو جي ته واهي پانڌي سميت جوهي تعلقي جي مختلف هنڌن تان ڀاڻ ۽ جيت مار دوائن جا اٽڪل 6 نمونا تازو کنيا ويا آهن جيڪي چڪاس لاءِ لئباريٽري موڪليا ويندا ۽ جيڪڏهن اهي غيرمعياري نڪتا ته ڊيلرن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو ته جيئن ڪاڇي جي آبادگارن کي معياري دوائون ملي سگهن.زراعت کاتي جو هي عمل به ڪاڇي جي زراعت لاءِ مثبت عمل ثابت ٿيندو. زرعي ماهرن جي ٽيم جي واهي پانڌي ۽ ڀرپاسي جي ڪاڇي وارن علائقن ۾ آمد ۽ آبادگارن جي رهنمائي ڪرڻ تي آبادگارن اهڙي قدم کي نه صرف مثبت قرار ڏنو پر اڳتي به اهڙن رابطن ڪرڻ جي اميد جو اظهار ڪيو آهي.

ڏٺو وڃي ته ڪاڇي واري علائقي ۾ ڪجهه اين جي اوز ، زرعي توسيع کاتي جي فيلڊ عملي ۽ دوا ساز ادارن وڏو ڪم ڪيو آهي جنهن کان ڪاڇي جو عوام ڪڏهن به انڪار نه ڪندو. اهوئي ڪارڻ آهي جو آبادگار ماضي جي ڀيٽ ۾ ڪافي ڪجهه اپائي رهيا آهن ۽ واهي پانڌي پنجاب ۽ ٻين صوبن جي لاءِ هڪ منڊي آهي جتي ٻاهرين صوبن توڙي سنڌ جي وڏن شهرن جهڙوڪ حيدرآباد ، سکر ، لاڙڪاڻو ۽ ڪراچي جا واپاري پهچن ٿا جيڪي آبادگارن جي پئداوار حاصل ڪرڻ لاءِ کين اڳ ۾ ئي رقم ادا ڪري ويندا آهن جنهن سان ڪاڇي جو ننڍو توڙي وڏو آبادگار ڪافي خوشحالي ماڻي چڪو آهي.ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪاڇي جي آبادگارن ۽ زراعت کاتي جي زرعي ماهرن وچ ۾ رابطه وڌڻ گهرجن ۽ هم آهنگي پئدا ڪرڻ لاءِ سرڪار کي هن علائقي لاءِ ڪو ترقياتي پروگرام ڏنو ويو آهي جهڙو اگريڪلچر گروٿ سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ ڪم ڪري رهيو آهي ڇاڪاڻ ته واهي پانڌي ۽ ڪاڇي جي ٻين علائقن ۾ ٽيوب ويلن وسيلي بصرن ، ٽماٽن ۽ مرچن جا فصل پوکيا وڃن ٿا جن جي آبادگارن جي رهنمائي وقت جي اهم ۽ مک ضرورت آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *