ڪاڇي جا ماروئڙا: گل بيبي لنڊ بلوچ

ڪاڇي جا ماروئڙا پنهنجي زندگي ڏکن ۾ گذاري رهيا آهن اڃا به ڪيستائين گذاريندا اسان جي ماروئڙن جي ڪير مدد ڪندو. هر ماڻهو صرف پنهنجي لاءِ ئي سوچيندو آهي اگر اسان ٻين لاءِ سوچون ۽ ٻين جي مدد ڪرڻ جو جذبو اسان جي دل ۾ پيد ٿئي ته اسان جا ماروئڙا به خوش رهندا ۽ اسان جو ملڪ به خوش رهندو بک ۽ بدحالي به گهٽجي ويندي اگر اسان جي ملڪ جا ماڻهو خوش رهندا ۽ اسان جا ٻچا به خوش رهندا پڙهيل لکيل امير ماڻهو ائين سوچين ته اگر اسان جا ماروئڙا خوش رهندا ته ڪميونيڪيبل ۽ پکڙجندڙ بيماريون به گهٽجي وينديون ته اسان جي ملڪ جي آبهوا صاف ٿي ويندي ۽ اسان جا امير ڀائر ۽ ان جا ٻچا ته خوش رهندا اهو تڏهن ٿيندو جو اسان مال ملڪيت جمع ڪرڻ جي بجاءِ سڀني لاءِ سوچون ڪاڇي جا ماروئڙا پاڻي پيئڻ لاءِ به سڪن ٿا ۽ بي روزگاري کان انهن غريب ويچارن جا برا حال آهن الله تعالى اسان جي پاڪستان جي زمين کي تمام گهڻو زرخيز بڻايو آهي انهن مان اسان فائدو ڪونه ٿا وٺون جيئن ڪاڇي جوم زمينون تمام گهڻيون سٺيون آهن پر اسان انهن قدرتي وسيلن مان فائدو ڪونه ٿا وٺون جيئن ڪاڇي ۾ زمينون به سٺيون آهن ۽ ڪاڇي جي ڪاج جو پاڻي ائين ئي ضايع ٿي رهيو آهي ان پاڻي کي جمع ڪري اهي ڪاڇي جون زمينون آباد ڪري سگهون ۽ اسان جا ماروئڙا به خوش رهندا ۽ اسان جي ملڪ ۾ بدحالي ته گهٽجي ويندي پر اهو ڪير ڪري سوچي دنيا چنڊ تائين پهچي وئي ۽ ڪٿان کان ڪٿان پهچي وئي اسان اڃان اتي آهيون .

اسان جي ملڪ کي الله جي مهرباني سان قدرتي ذخيرن ۽ نعمتن سان نوازيو آهي پر اسان انهن مان فائدو ڪونه ٿا وٺون ٻين ملڪن جا ماڻهو  ڪيئن ترقي ڪري رهيا آهن اسان اڃان ڏينهون ڏينهن پوئتي وڃي رهيا آهن اسان جي ملڪ جي ماڻهن کي خيرات وٺڻ جي عادت پئجي وئي آهي ڪيستائين ائين خيرات ۾ هلنداسين اسان جا جيڪي ڀائر وڏين وڏين پوسٽن تي پهچي وڃن ٿا اهي به صرف پنهنجي لاءِ سوچين ٿا انهن ۾ ڪا سچائي نه آهي اگر اهي ماڻهو سچ جي راهه تي هلندا ته سڀ مسئلا  حل ٿي ويندا ڪيترائي سال ٿي ويا آهن ته نئين گاج جو پاڻي ڊيم جي زرعي جمع ڪيو ويندو انهن غريب ماروئڙن کي خواب ڏيکاري چپ ٿي ويا آهن اهي غريب ۽ بي پهچ ماڻهو انهيءَ انتظار ۾ آهن ته ڪڏهن ڊيم ٺهندي ۽ اسان جون زمينون آباد رهنديون جيڪي ماڻهن کي سرڪار اهي ذميواري ڏئي ٿي اهي ماڻهو پئسه کائي وري چوندا آهن ته بجيٽ ڪونهي ڪاش اهي اسان جا ڀائر سچائي ۽ ايمانداري ڏيکارين ته ڪوبه ڪم ناممڪن نه آهي.

الائي ڇو اهي اسان جا ڀائر اهو سڀ ڪجهه وساري ٿا ڇڏين ته اسان به پاڪستان ۾ رهون ٿا اگر اسان جي ملڪ ۾ ڪابه مصيبت ايندي ته اسان به محفوظ نه رهنداسين ٻڌي ۾ طاقت ڪئي وڃي سڀ ملي ڪري پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجن پنهنجن شهرن کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪيون اهي ڪاڇي جا ماروئڙا به اسان جا ڀائر آهن انهن کي اسان پنهنجو سمجهي انهن جي مدد ڪيون اسان جڏهن ڪاڇي ويندا آهيون ته اهي مهمان نواز ماڻهو اسان جي پڙهيل لکيل ماڻهن کي لکين عزت ڏيندا آهن جڏهن ماڻهون ويچارا ماني ۽ پاڻي کڻي ايندا آهن ته اسان جا جيڪي پڙهيل لکيل ماڻهو جيڪي شهرن مان ويندا آهن اسان ڪاڇي جي ماڻهن جي مدد ڪنداسين جڏهن اهو ڦڪو پاڻي ڏسندا آهن ته چوندا آهن هي ڪهڙو پاڻي آهي هي پاڻي توهان پيئندا آهيون ۽ پاڻ صحيح نموني پاڻي به نه پيئندا آهن متان اسان هي خراب پاڻي پي بيمار نٿي پون اوڏي مهل انهن کي احساس ٿيندو آهي اهي پنن تي ته لکي ايندا آهن جڏهن شهر پهچندا آهن ته ٻه يا ٽي ڏينهن انهن ماڻهن کي احساس هوندو آهي پر انهن ڳالهين تي عمل نه ڪندا آهن ۽ اهي پنا اڇلائي ڇڏيندا آهن هر ماڻهو صرف پنهنجي لاءِ سوچي ٿو پنهنجي ملڪ ۽ شهرن لاءِ ڇو نه ٿا سوچين الائي ڇا اها ڳالهه انهن کان وسري ويندي ته اسان به هن ملڪ ۽ شهر ۾ رهون ٿا هي ملڪ اسان سڀني جو گهر آهي اسان جي ملڪ يا شهر ۾ ڪابه مصيبت ۽ تڪليف ايندي ته اسان به محفوظ نه رهنداسين هيلٿ جون ٽيمون ڳوٺن ۾ وڃي ڪئمپ هڻندا آهن ۽ انهن ڳوٺاڻن ڪاڇي جي ماڻهن کي هيلٿ جي باري ۾ ٻڌائيندا آهن پنهنجي صحت جو خيال رکو اهي غريب ماڻهو صيحت جو ڪيئن خيال رکن انهن وٽ ته پيئڻ جو صاف پاڻي به ڪونهي ۽ انهن ويچارن وٽ ايتري آمدني به ڪونهي جو هو پنهنجي صيحت جو خيال رکن اصل ماڻهو ان ڳالهه تي توجه ڏين اهي سڀ ڇا جي ڪري ٿئي ٿو انهن مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن اهي مسئلا حل ٿي ويندا ته ٻيا مسئلا پاڻ حل ٿي ويندا جڏهن اسان هيلٿ ٽيمن سان گڏ ويندا آهيون ته ڏسندا آهيون ته ڪجهه غريب ماڻهو اهڙين خراب بيمارين ۾ مبتلا هوندا آهن جيئن سرجري جا ڪيس يا ڪجهه ٻار اهڙا  هوندا آهن انهن جي اکين ۾ وائيٽ موتيو آهي اهي سڀ ڪيس حل ڪرڻ جهڙا هوندا پر انهن غريب ماروئڙن وٽ پئسا نه هوندا جو اهي شهر اچي پنهنجو علاج ڪرائين اهي معصوم ماڻهو ويچارا ائين تڙپي تڙپي زندگي گذاريندا رهيا آهن.

اهي غريب ماڻهو به اسان جو هڪ حصو آهن ۽ ڀائر آهن اسلام به اسان کي ڀائيچاري جو سبق ڏنو آهي اسان جا جيڪي ڀائر جنهن کي اها ذميواري ملي ٿي ته پوري ايمانداري سان ڪن ۽ اسان سڀني وس وارن ماڻهن کي کپي ته جيئن ڪوشش ڪري جلد ۽ جلد نئي گاج ڊيم ٺاهيو وڃي چوندا آهن ته ٻڌي اتحاد ۾ طاقت آهي اهو مسئلو تڏهن حل ٿيندو ته اسان سڀ ملي ڪري ڪوشش ڪيون ۽ پنهنجي ڪاڇي جي غريب ماڻهن جي مدد ڪيون اهي ماروئڙا ماڻهو جڏهن خوش ٿي ويندا انهن ماڻهن کي ڪيڏي نه دعا ڪندا اهو مسئلو صرف انهن ماروئڙن جو ڪونهي اسان سڀني جو آهي اسان جو ملڪ سرسبز رهندو ۽ زرعي آمدني ۾ مدد ملندي ڪاش اسان جي شهر ۽ ملڪ جا ماڻهو سچائي ڏيکارين اهڙا کوڙ مسئلا آهن جيڪي حل ٿيڻ جهڙا آهن پر اسان جي پڙهيل لکيل ۽ آفيسرن وٽ ٽائيم ڪونهي جو اهو مسئلو حل ڪري سگهن اهي ماڻهو پنهنجي زندگي ۾ ايترا ته مصروف ٿي ويندا آهن جو پاڻ کانسواءِ ۽ ٻين لاءِ سوچڻ جو ٽائيم ئي ڪونه ٿو ملي زندگي جو اصل مقصد ٻين ڪاڻ جيئن جو هوندو آهي ڪاش سڀ ماڻهو ايماندار ٿي وڃن ۽ گڏجي اهي ننڍا ننڍا مسئلا حل ڪري سگهن انهن غريب اٻوجهه ماڻهن جي مدد ڪن اهي ماروئڙا ڪاڇي جا به ڀائر به اسانجو هڪ حصو آهن ڪاش وس وارا ماڻهو انهن غريبن جي مدد ڪن انهن جي مدد ڪرڻ سان پنهنجي به مدد ٿئي ٿي ۽ انهن جو به پاڪستان اسان جو گهر آهي ۽ اسان سڀ ان گهر ۾ رهون ٿا الله سائين کان دعا آهي ته اسان جي ماروئڙن جي مدد ڪري ۽ اسان جي ڀائرن کي توفيق ڏئي ته انهي نيڪ ڪم کي سرانجام ڏيئي اسان جي پياري ملڪ پاڪستان کي سرسبز شاد ۽ آباد رکي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *