ڪامريڊ تاج محمد ابڙو هڪ يگانو ڪردار: سجاد علي قائمخاني عمرڪوٽ

ٿوهر جي ٽاريءَ تي گل گلابن جا ،

رات ڏٺاسين خوب ڪرشماخوابن جا .

تاريخ انهن کي ڪڏهن به فراموش ناهي ڪندي جيڪي ماڻهو خود تاريخ کي مرتب ڪندا آهن ، معاشري ۾ هي ماڻهو ڪو به ڪم مان مرتبي حاصل ڪرڻ لاءِ ناهن ڪندا پر ان ڪم ۾ محنت ، جدوجهد کي مڃتا سان نوازڻ معاشري جي مجبوري بڻجي پوندي آهي ان فرد جي هر تخليق معاشري ۾ تبديلي جو باعث بڻجندي آهي پر معاشري تي مسلط خيالات ، حڪمراني طبقي جا قدر، عام رواجي اخلاقيات ان فرد مٿان هر پل جبر طور لاڳو ٿندا رهندا آهن پربغاوت جي عمل ۾ هي جبر ان ماڻهو جي ارادن ۽ نظرين ۾ اڃا به طاقت پيدا ڪندا آهن ته هو معاشري مان انهيءِ غلاظت کي ختم ڪري هر جبر کي چيلينج ڪري ۽ عام عوام کي خوشحالي جي ضمانت ڏياري ائين هن خطي به عظيم ذهن ۽ جدوجهد کي زندگي ارپيندڙفرد ڏٺا آهن پر انهن فردن هن خطي جي ڪنهن به اصول تي سودو نه ڪيو ۽ تيزي سان نوان محاذ تعمير ڪندي ، انقلابي مقصدن کي پورهيت تائين پهچائيندي هڪ سوشلسٽ تبديلي لاءِ هن طبقي کي متحرڪ ڪندا رهيا ، اهڙي عظيم شخصيتن ۾ هڪ ٿر جي وارسين ڀٽن جيڏو وسيع دل رکندڙ مٺي جي گڊي واري ڀٽ کان به وڏيڪ حوصلي جرت جي مالڪ سنڌ ڄائي  سنڌ جو نامور اديب ، دانشور ، جج ، سياستدان ، سماج سڌارڪ ، صحافي ۽ استاد مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي 10 مارچ 2016 تي 30 وهين ورسي سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ ملهائي  پئي وڃي، ائين سمجهجي ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي جدوجهد کي سرخ سلام پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي ،

مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو 08 اگسٽ 1924ع تي شهدادڪوٽ ۾ ڄايو شاگردي واري دور کان ئي پاڻ سياست ۾ سرگرم رهيا مسلم ليگ ، ڪميونسٽ پارٽي ، جئي سنڌ، سنڌ هاري ڪميٽي ۽ پيپلزپارٽي سميت هر تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتائين ،   مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو کي ايشاءِ جي سڀ کان وڏي ۽ وڏي ادبي تنظيم سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي باني ميمبرن ۾ سندن جو شمار ڪيو ويندو هو ، هن لاڙڪاڻي واري اوطاق ۾ سنڌ ۽ هند جي مشهور اوطاق  مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو تي سنڌي ادبي سنگت جو اجلاس ڪوٺرايو ادب وسيلي  انقلاب جي ان تحريڪ  روشني جو پهريون ڪرڻو لاڙڪاڻي ۾ مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي اوطاق تان اڀريو ۽ پوري سنڌ ۾ ڦهلجي ويو ۽ سموري سنڌ ۾ جرڪائي ڇڏيائين ،  مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو پاڪستان کان پهرين مشهور سنڌي مسلمانن جي واحد اخبار  الواحيد جو  ڪجهه وقت ايڊيٽر پڻ رهيو جنهن اخبار پاڪستان جي تاريخ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو پاڻ قائد اعظم محمد علي جناح جي انگريزي اخبار ڊان جو سب ايڊيٽر پڻ رهيو،  مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو لاڙڪاڻي جي تاريخ جي سڀ کان وڏي لائبريري سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبريري جو بنياد به رکرايو جيڪا اپر سنڌ جي واحد لائبريري آهي جتان هزارن جي تعداد ۾ اڄ به شاگرد اديب قانوندان  ۽ دانشور فيضياب ٿي رهيا آهن،  مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو پاڪستان جو واحد اڳواڻ هو جنهن کي ڪامريڊ جو لقب مليو ،  مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو هن کان پهريان خان عبدالولي خان ،  جي ايم سيد ، ذوالفقار علي ڀٽو ، مخدوم طالب المولي  ۽ ٻين ملڪن جي ناميار سياستدانن سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي سياست ڪئي وڏيرا شاهي جي اثر رسوخ رکندڙ ضلعي جيڪب آباد ۾ شيخ عبدلامجيد سنڌي ، جي ايم سيد ۽ غلام محمد لغاري جن جي مدد سان ضلعي ۾ هاري ڪاميٽيءِ جو بنياد وڌو،

مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙوهڪ جج جي حيثيت ۾ جج وارو فرض نڀائيندو رهيو پر پنهنجي سڃاڻپ وارو عام سادگي واري زندگي جو طبقو هميشه ساڻس گڏ رهيو پاڻ وڪالت کي به وڏي زندگي ڏنائون ، جنهن ۾ هنن مظلومن، پورهيتن جا ڪيس مفت ۾ مختلف ڪورٽن ۾ پيش ڪيا ۽ ڪاميابي  ماڻيون ، عام طرز جي سادگي هن ڪڏهن به پنهنجي شخصيت کان جدا  نه ڪئي ،هن مهل به سنڌ صوبي جو عوام  مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي سياسي ، سماجي ، ادبي ، قانوني خدمتن کي مد نظر رکندي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو يارگار ڪاميٽيون ۽ بزم مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جا بنياد وجهي سندن جون هر سال سنڌ صوبي ۾ ورسيون  ملهائي رهيا آهن ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سندس جي نالي پويان لائبريريون ، روڊ ۽ پارڪ منسوب ٿيل آهن ، اهڙيون شخصيتون زنده قومن جو اهڃاڻ هونديون آهن ۽ نوجوان ٽهيءِ لاءِ مڪمل مشعل راهه هونديون آهن اهڙي خاص انسانن جي خدمتن ڪارڻ ئي سنڌ جيئي ٿي  ۽ انهن جي خدمتن کي سرخ سلام ۽ اخراج تحسين  پيش ڪري ٿي..

sajaadkk@gmail.com

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *