ڪامريڊ تاج محمد ابڙو، پنهنجي ذات ۾ تحريڪ هو ؛مولائي ملاح

پورهيت طبقي جي مٽيءَ مان مارڪسي فڪر سان ڳوهيل، انسان دوست اڳواڻ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي اڄ ورسيءَ جو ڏينهن آهي، پر وڇوڙي باوجود سندس يادون ۽ تاريخي واقعا اڄ به دلين تي نقش ٿيل آهن، ڪي ڌرتيءَ ڌڻي امن ۽ سلامتيءَ واري وصف رکندڙ مذهب جي نانءَ هيٺ نڌڻڪا بڻيا ته ڪي وري ڌرتيءَ ڌڪاريل ڌرتيءَ ڌڻي بڻيا. ان سڄي ڪهاڻيءَ ۾ ڪنهن ڪيترو ڀوڳيو ۽ ڪنهن ڪهڙا مفاد ماڻيا اها هڪ الڳ ڪهاڻي آهي. اسين اڄ تاريخ ساز شخصيت تي لکڻ چاهينداسين. تاج محمد ابڙي 8 آگسٽ تي جنم ورتو.

تاج محمد ابڙو ڪير هيو ۽ ڇا ٿي ڪرڻ چاهيائين؟ جنهن تي سائين محمد ابراهيم جويي کان ويندي شيخ اياز، رسول بخش پليجي ۽ حميد سنڌيءَ کان ويندي اسانجي ٽهيءَ جا ليکڪ ايترو لکي چڪا آهن جو اهي تحريرون اڄ ڪتاب بڻجي ويون آهن؛ جس لهڻي سندس لائق فرزند مير نادر علي ابڙو ۽ نياڻين پروفيسر زاهده ابڙو ۽ شاهده تاج ابڙو، جن انهن تحريرن کي تحريڪ ۽ تاريخ جيان ڪتابي صورت ۾ سهيڙي سندس فڪر جي روشن ڪيل ڏيئي جي لاٽ کي قائم رکيو آهي.

سائين تاج محمد ابڙي لاءِ هن مهل تائين ڪيتروئي ڪجھ لکجي چڪو آهي ۽ اڃا به ڪافي ڪجھ لکجي سگھجي ٿو، سندس سهيڙيل شخصيت ڪم ۽ ڪردار ۾ جھاتي پائڻ کانپوءِ آئون سندس ذات ۽ ڏات لاءِ ائين چوندس ته: سائين تاج ڪير هو؟ سائين تاج صرف هڪ انسان هيو. بس سندس شخصيت جي وضاحت لاءِ ايترو ڪافي آهي ان کان اڳتي سندس شخصيت بابت منهنجي سوچ رڪجي وڃي ٿي، آئون جڏهن سندس زندگيءَ کي پڙهان ٿو ته هو مونکي هيئن نظر اچي ٿو. هن پنهنجي شعوري زندگيءَ جي شروعات پورهيت طبقي جي جدوجهد کان ڪئي ۽ آخر تائين اهڙي سوچ، فڪر سان ئي سلهاڙيل رهيو، انهن جي بهتر مستقبل لاءِ جاکوڙيندي ڌرتيءَ ڌڻين کان موڪلايائين.. سندس زندگيءَ جو سڄو سفر بلڪل شاهه جي هنن سٽن جيان گذريو ته:

کرکڻا لاهي سک م ستا ڪڏهين

اوسيئڙو آهي کاهوڙين کي پنڌ  جو. (شاهه)

سائين تاج محمد ابڙي جي شخصيت ايتري ته سگھاري ۽ متاثر ڪندڙ هئي جو ساڻس ڪير به چاهڻ جي باوجود به گھڻي دير ناراض رهي نه سگھندو هو. جيئن هڪ ڀيري اياز کانئس ناراض هيو ته ٻن لفظن ۾ پرچي پيس، جنهن جو اظهار اياز پنهنجي آتم ڪٿا ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر“ ۾ هڪ هنڌ هيئن لکيو آهي ته: ”هن جي پٽيوالي مون کي اچي چيو ته: ”تاج محمد صاحب اوهانکي سڏي ٿو.“ مونکي دل ۾ خيال آيو ته هن کي انڪار ڪريان، پر مان هن وٽ چيمبر ۾ هليو ويس. هو اٿي بيٺو ۽ مونسان هٿ ملائي چيائين: ”اياز! تون مونسان ناراض آهين؟“ مون کيس چيو ته: ”هائو!“ ان تي چيائين: ”معاف ڪجان جو مان توسان ٽرڙائپ سان پيش آيو هئس.“ مون سندس ڪلهي تي هٿ رکي چيو: ”وڌيڪ ڪجھ نه چئجانءِ! اهو ڪافي آهي تون منهنجي لاءِ ساڳيو ڪامريڊ تاجو آهين، مون کي ڪا به غلط فهمي نه آهي.“ سندس اهڙو ڪردار ئي ”تاج ابڙي“  جي چمڪندڙ سونهن جو هيو.

پاڻ سچو ۽ سادو ماڻهو هيو، سندس من ۾ ڪنهن لاءِ به ڪائي مير نه هيس. سندن اندر ۾ ننڍ پڻ کان ئي هڪ ڪلاڪار موجود هيو، جنهن کي اظهار لاءِ سندن ئي ذات جي ضرورت هئي، هڪ سياستدان، صحافي، منصف، سماج سڌارڪ ۽ وفادار ساٿي، ڪچهرين جا ميڙ، مچ مچائڻ، پورهيت جي زندگيءَ کي ويجھي کان ڏسڻ ۽ انهن جي بهتر مستقبل لاءِ پاڻ پتوڙڻ ئي سندس زندگيءَ جو مقصد هو. ڪنهن ٻئي لاءِ جيئڻ ئي ته اصل زندگي آهي. هي ڪامريڊ اهڙن مڙني اصولن تي پورو لهي ٿو. اهڙا سچا ۽ هڏ ڏوکي ماڻهو تاريخ ۾ ورلي ملندا آهن، جيڪي جيئن هن جهان ۾ آيا ۽ ائين ئي هن دنيا کي الوداع ڪيائون. سندس ڪردار جي هڪ جھلڪ سائين محمد ابراهيم جويي جي لکيل مهاڳ جي هنن سٽن مان پسي سگھجي ٿي ته: ”منهجي نظر ۾ تاج محمد ابڙو انساني معاشري جي هر ڀَلان ڀَل ڀلمانس وانگر، پنهنجي مثالي زندگيءَ ۾ سڄو شعوري عمر جو عرصو ٽن ڳالهين کان پرهيز ۾ رهيو: ذاتي ۽ گروهي حرص حوس کان، نفرت ۽ وڏائيءَ کان ۽ تاريڪ خياليءَ جي هر مونجھاري ۽ انتشار کان ۽ خالص ان ٽنهين منفي فڪر ۽ عملي آزار کان آزاد هجڻ سبب ئي سڄو وقت هو سنڌ ۽ سنڌي قوم جي ڀلائين لاءِ عوام دوست قومي انقلاب جي مقصد سان پوريءَ طرح سان واڳيل رهيو.“

تاج ابڙي جي سياسي نظرياتي تربيت ڪراچي پڙهڻ دوران ٿي، ڪراچي ۾کيس سوشلسٽ فڪر جا محسن ساٿي مليا جن معرفت سندس سياسي، فڪري سوچ جي آبياري ٿي. سندس ننڍپڻ جي ساٿي ڊاڪٽر اياز قادريءَ هڪ هنڌ لکيو آهي ته: ”تاج محمد ابڙي باقاعدي اتي وڃڻ شروع ڪيو. ڪميونسٽ پارٽي سنڌ جوسيڪريٽري ڪامريڊ جمال الدين بخاري هو ۽ سرگرم ڪارڪنن ۾سوڀو گيانچنداڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند مالهي، قادربخش نظاماڻي ۽ ٻيا جوشيلا نوجوان هئا. تاج محمد ابڙو انهن ڪلاسن ۾ باقاعدي ويندو رهندو هو. سياسي طرح هو ڪامريڊ قادربخش نظاماڻيءَ کي ئي پنهنجو استاد سمجھندو هو.“

******(جاري)******

هن وٽ خيالن جي اڏام، اظهار جو انداز نرالو هو؛ هي پنهنجن خيالن کي عوام تائين پهچائڻ ۽ انهن جي مسئلن تي سوچي ڪو بهتر حل ڪڍڻ لاءِ ڪچهرين ۽ ميڙاڪن ۾ انهن جي مسئلن تي بحث مباحثا ڪرائڻ لاءِ سياستدانن، صحافين ۽ ساڃهه وندن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري هڪ گڏيل پارليامينٽ جهڙو اجلاس ۽ ڪچهري ڪرائيندو هو جتي عوامي مسئلن تي ڄاڻو ماڻهن کان بحث ڪرائي انهن جو ڪو بهتر حل نڪري ايندو هو. سندس اهڙين ڪچهرين جو مقصد صرف اهو هوندو هيو ته پورهيت جي زندگيءَ ۾ تبديلي ڪيئن آڻجي، اها انقلابي تبديلي اهو بادشاهه هيو جنهن لاءِ محفلن، محبت جا مچ مچائي، ان جي آڌار تي سک ۽ سلامتيءَ جا نوان ڳوٺ اڏڻ جا سپنا ڏسندو هو. جن کي ڪنهن حد تائين ساڀيان پڻ ملي.

تاج پنهنجي اندر ۾ هڪ ادارو هيو. هن سماج جي سڌاري لاءِ اهڙا ڪيترائي ڪم ڪيا، جن تي الڳ سان ڪالم لکي سگھجي ٿو. ڊاڪٽر غلام علي الانا سندس لاءِ پنهنجي هڪ مضمون ۾ هيئن لکيو آهي ته: “مرحوم عبدالڪريم سنديلو چوندو هيو ته ڪامريڊ تاج محمد ابڙو سنڌ جي نياڻين جي تعليم لاءِ هميشه سرگردان هوندو هيو. مرحوم تاج محمد ابڙي هڪ اصول ٺاهيو هيو جنهن موجب هو چوندو هيو ته جيستائين سنڌي مائرون اڻ پڙهيل هونديون تيستائين سنڌي معاشرو نه سڌري سگھندو ۽ نه ئي وري ترقي ڪري سگھندو. انهيءَ اصول تحت هن سڀ کان پهرين پنهنجي پاڙي جي نياڻين کي تعليم جي زيور سان سينگارڻ جي مهم شروع ڪئي. سندس انهيءَ جذبي جو ماڻهن به گھڻو قدر ڪيو، سندس ساٿ ڏنائون ۽ پنهنجين نياڻين کي پڙهائڻ جو عزم ڪيائون، ڪيتريون ئي نياڻيون پڙهي پيون، انهن مان ڪي ڊاڪٽرياڻيون بڻيون ته ڪي وري ڪاليجن، اسڪولن ۾ استاد بڻيون ۽ ٻين نياڻين کي علم جي زيور سان منور ڪيائون.” ڪامريڊ تاج محمد ابڙو پنهنجي ذات ۾ هڪ تحريڪ سان گڏ وڏي وڙ وارو ماڻهو هيو، اهڙو وَڙُ کيس تاريخ ۾ هميشه لاءِ زنده رکندو. شايد ته اهڙن ئي عظيم، وَڏَ وَڙَن ڪردارن لاءِ شاهه ڀٽائيءَ به چيو آهي ته:

ابڙو وَڏَ وَڙو، سوڙو سمو، سونهن سڀن

تنهن دَر سڀ اچن، ڪنڌ نه ڪڍي ڪَڇ ڌڻي. (شاهه)

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *