ڪالمن جي دنيا به عجيب آهي، هتي هر ان خبر يا حالت تي ڪالم ڇپجن ٿا، جنهن سان سماج ۾ موجود نظرين لاڙن ، خوبين ۽ خرا بين جي پروڙ پوي، پرهن ملڪ جي اخبارن ۽ رسالن ۾ هزارين قسمن جون ڪوڙيون خبرون ڇپجن ٿيون، جن جو حقيقت سان ڪوبه واسطو ناهي هوندو انگريزي ، اردو ۽ علائقائي اخبارون روزانوهزارن جي انگ ۾ نڪرن ٿيون، جن ۾ شوبز کان وٺي هر قسم جا معاملا شامل هجن ٿا ڪيترائي ڪالم لکجن ٿا ۽ ڪيترائي اهڙا وڏا وڏا ڪرپشن جا اسڪينڊل ڇاپجن ٿا جو عام ماڻهو جو مٿو چڪرائجي وڃي، اهي اخبارون سواءِ مالڪن کي امير ڪرڻ جي ٻيو ڪو به انقلاب هن مهل تائين ناهي آڻي سگهيون، ڇو ته انهن جا مالڪ سچ ناهن لکڻ ڏيندا۽ اهي سڀ جوسڀ سطحي طرح سان هلن ٿيون، ڪيترائي رپورٽر رڳو بليڪ ميل ڪري مٽ مائٽن لاءِ ٺيڪا وٺن ٿا، جيئن لاڙڪاڻي ضعلي جو هڪ اردو ڳالهائيندڙ نمائندو جيڪو هاڻي ميڊيا جو چڳو مڙس آهي، ڪروڙپتي ٿي ويو آهي، اهو سڀ جون سڀ ڪنٽرولڊ خبرون هلائيندو آهي يا هلرائيندوآهي، مجال آهي جو ڪا خبر هن جي مرضي کان سواءِ ڇپجي. اها آهي حالت ميڊيا جي، جيڪا شعور وڌائي تبديلي آڻيندي، هڪ اخبار جي رڳو زينت وڌائڻ لاءِ ۽ پنهنجي اخبارن جو وڪرو وڌائڻ اهڙن اخبارن جا مالڪ به هنن جا محتاج هوندا آهن ريڊ يمينٽ ليکڪن جي پويان ڊوڙندا هوندا، جيڪي مدي خارج سماج کي ٺاهڻ بدران ويتر تباهي ڏانهن وٺي ويندڙ هجن، هڪ سيکڙاٽ جي حيثيت ۾ مون به ڪالم لکڻ جو شروعات ڪئي، گذريل ٽن سالن کان پر نتيجو ڪجهه به نه مليو ڇو ته هن سماج کي شهرت جي اڏوهي لڳل آهي، جيڪا هاڻي ڪنهن به جيت مار دوا سان نه مرندي، جيستائين پوري وڻ کي نه وڌجي سنڌ صوبي جي سڀ کان وڏي سرڪيوليشن رکڻ واري هڪ اخبار به آهي پر بدقسمتي سان اها به سچ ڪونه ٿي لکي ڇو جو اها هڪ خاص طبقي کي ليڊ ٿي ڪري، جيڪو سڀ کان وڏو قدامت پسند ٿي سنڌ جي اشوز کي معروضي حالتن ۾ کڻي ٿو، جتي صحافت رڳو دهل شرنائن تي ٿي هلي،
هڪ عام ماڻهو کي ڇا کپي ان تي ڳالهائڻ سولو ڪم آهي پر انهن جي مدد ڪئين ڪجي، اهو ڪم ڏکيو آهي اڌ پيج ڏئي خبرن کي 13 روپيا ماڻهن کان ڦرڻ ڪهڙي صحافت آهي يا رڳو اخباري صفحي جي خطن واري حصي ۾ مسئلا لکڻ، ڇا ان طريقي سان سنڌ جو ڀلو ٿي سگهندو؟ اوهين پاڻ فيصلو ڪيو اچو ته هنن جي ڪالمن جي پيج تي نظر وجهون، جنهن ۾ رڳو الزام تراشيون ۽ ذاتي نوعيت جا غير سنجيدا ۽ منفي لاڙا نظر اچن ٿا. ڪيترين ئي اخبارن ۾ جيڪي وڏا ڏاها لکن ٿا انهن ۾ جيڪي به وڏا وڏا ليکڪ شامل آهن جن جي ڪالمن ۽ لکڻين مان لڳندو ته ڄڻ ڪو سنڌ واسين جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪندا، هجن رڳُو الزام تراِشيون رڳو معيارون ۽ ذاتي نوعيت جا حوالا ۽ حملا اها ڪهڙي حالت آهي لکڻ ۽ پڙهڻ جي، ظاهري طور تي نظر ايندڙ وڏا ماڻهو هڪ ٻئي جي مٿان اهڙا ته بهتان هڻندا جولڳندو ته ڄڻ پاڻ آب زم زم ۾ وهنجي نڪتا آهن. هڪ ڏينهن هڪ وڏي ماڻهو جو ڪالم هوندو ته ٻئي ڏينهن ان کان وڏي ماڻهو جو ڪالم نظر ايندو، قوم کي توهان ڇا ٿا ڏيو رڳو بهتان ۽ رسوائي اسان وٽ شهرت جي چڪر ۾ ڦاٿل ماڻهو تمام گهڻا وڌي ويا آهن عام پڙهندڙ هنن کي وچولي طبقي جا اڳواڻ ٿا سمجهن، جن جي ڪرپشن کي ڇڏي انهن جي مقبوليت لاءِ ماحول جوڙيون ٿا ڇا اسان وٽ پرنٽ ميڊيا جو رڳو اهو معيار بچيو آهي، ڪنهن سوچيو آهي ته اصل حالت ڇاآهي، ڪرپشن کي روڪڻ جا ڇا رڳو انگ اکر ڇاپڻ سان اها رڪجي ويندي، اهڙن ليکن کي عوام جي مسئلن جي صحيح حل لاءِ لکڻ گهرجي، مسئلا ته هر ڪو لکي ٿو پر ڇا ڪڏهن ڪنهن مسئلن جي حل تي لکيو آهي؟ اخبارن کي ڇاهي 13 روپيا ته عوام جا ٿا وڃن، باقي ڪرپشن ۾ سڀ جو سڀ ساٿاري آهن، پهرين ته اخبار جي مالڪن کي گهرجي ته اداري ۾ اهڙا ماڻهو ڀرتي ڪيو جن کي صحافت جي ڄاڻ هجي پوءِ اهو ڏسو ته انهن جي اداري سان ۽ پنهنجي ڪم سان ڪيتري سچائي آهي ۽ پنهنجين اخبارن جو پڇاڻو رکو، خبر چار رکو تهاخبار ذريعي عوام تائين ڇا پهچي رهيو آهي.جن به اهو فيصلو ڪيوته نقلي ليکڪن تي پابندي لڳائي وڃي بلڪل ٺيڪ فيصلو ڪيو، جيڪي خون جي خبر کي معمولي سرخي پيا بڻائن ۽ وزيرن جي خبرن کي هيڊ لائين ۾ پيا هڻن. اهڙيون اخبارون جيڪي سچ نه لکن يا سچ کي پاليسي ناهي جو نالو ڏين۽ وري چيو وڃي ٿو اخبار جي پاليسي مطابق لکو ۽ هڪ ٻئي جي ڪرپشن تي لکو، جيڪڏهن مالڪ حڪمرانن جا حمايتي آهن ته حڪومت خلاف ڪجهه ناهي لکڻو، جي مخالف آهن ته انهن تي لکو جي وڏا ماڻهو آهن ته انهن تي به نه لکو، ڇو جو اخبار ننڍڙي ۽ اهي وڏا آهن ٻن ڏينهن ۾ اخبار بند ٿي ويندي، ٽي جيڪي وڏا ٿنڀا آهن هن رياست جا انهن تي به نه لکو مذهبي اڳواڻن تي به نه لکو باقي ڪنهن تي لکجي پٽاٽن ۽ بصرن جي اگهن تي، يا هڪ سپاهي تي جيڪو ڊيوٽي نه ٿو ڪري يا هڪ گوسڙو ماستر تي يا وري رڳو ڪارو ڪاري تي لکجي.جڏهن به ڪنهن اخبار ۾ همت ڪري ڪو مضمون موڪليو وڃي ٿو ته چار صفحن جي پني کي اڌ صفحو ڪري هلايو وڃي ٿو اهو به خطن ۾،ڇا اها آهي آزاد ميڊيا؟