ڪارل مارڪس: عالمي ادب جو هڪ بي مثال ڏاهو ؛زاهده حنا

ڪارل مارڪس جو چوڻ هو ته ماڻهوءَ جو ذهن ۽ اُن جي ڏاهپ جي گهرائيءَ کي جاچڻ جي سڀ کان وڏي ڪسوٽي اها آهي ته اُهو عظيم ادب جو ڪيترو فهم رکي ٿو. اهڙي نموني اديبن جي تخليقن کي هو اُن جي باري ۾ پيشگوئي ڪرڻ جو پيمانو سمجهندو هو. هڪ هنڌ شيلي ۽ بائرن جو موازنو ڪندي هو شيلي کي هڪ مڪمل انقلاب ڄاڻائي ٿو ۽ چوي ٿو ته جيڪڏهن هو 29 سالن جي ڄمار ۾ ختم نه ٿي ويو هُجي ها ته سوشلسٽ تحريڪ جو اڳواڻ ۽ مشعل بردار هُجي ها، جڏهن ته بائرن جي باري ۾ هُن اها راءِ ڏني ته 36 سالن ۾ دنيا مان جيڪڏهن موڪلائي نه وڃي ها ته هڪ رجعت پسند بورزوا طور سامهون اچي ها.

هُن پال لافارج کي هڪ خط ۾ لکيو هو ته ”مان دنيا جو شهري آهيان!“ عالمي ادب جي حوالي سان هُن جي اها دعويٰ برحق هُئي. لافارج پنهنجي نالي لکيل هُن جي هڪ خط جو حوالو ڏيندي لکيو آهي ته ڪتاب هُن جي لاءِ تفريح ۽ ذهني عياشيءَ جو ذريعو نه هُئا، بلڪه هُن جي ذهن جي لاءِ اوزار جي حيثيت رکندا هُئا، تڏهن ئي ته هُن مون کي لکيو هو ته، ”ڪتاب منهنجا غلام آهن ۽ اُنهن کي اهڙي نموني منهنجي خدمت ڪرڻ گهرجي، جهڙي نموني مان چاهيان.“

سروانٽس جي ناول ”ڊون ڪهوٽي“ کي هو ادبي شاهڪار چوندو هو ”داس ڪيپٽل“ ۾ هُن ”ڊون ڪهوٽي“ جو ذڪر به ڪيو آهي. مارچ 1882ع ۾ اينگلز جي نالي هڪ خط ۾ هُن پاڻ کي ڊون ڪهوٽي سان ڀيٽ ڏيندي لکيو هو ته ”عظيم ڊون ڪهوٽي جيان مون کي ننڊ ناهي ايندي، بُک مون کي ناهي لڳندي، پيو کنگهندو رهندو آهيان، ڪجهه بيتاب رهندو آهيان ۽ سدائين ڳڻتي هوندي آهي.“

پنهنجي لکڻين ۽ تقريرن ۾ هو بار بار بائبل جي ڪجهه ڪردارن ۽ واقعن جو حوالو ڏي ٿو. هو ڪاربنڪل جي اذيتناڪ تڪليف ۾ ورتل هو ۽ پنهنجي تڪليف کي عظيم ڪردارن جي تڪليفن سان مشابهت ڏيندو هو ۽ چوندو هو، ”پر مان اُنهن جيان خوف ۾ ورتل ناهيان.“

1869ع ۾ جڏهن هوڻ جو ڪتاب Eighteenth Brumaire جو ٻيو ايڊيشن شايع ٿيو ته اُن هو وڪٽر هيوگو جي Napoleon le petit جي ڀيٽ لوئي نپولن جي پنهنجي خاڪ نگاريءَ سان ڪندي نظر اچي ٿو.

هُن پنهنجي آخري ڄمار ۾ اهم ۽ تڪراري تحريرن ۾ ادب جي مطالعي جو درياهه دليءَ سان استعمال ڪيو. شيڪسپيئر جي مشهور ڪردار شائي لاڪ جو ذڪر هُن جي تحريرن ۾ ڪيترا ئي ڀيرا آيو آهي. اهڙي نموني هو ڊڪنز جي ناول Little Dorrit جو حوالو ڏي ٿو. جرمن ميوفيڪچرز ايسوسيئيشن تي طنز ڪندي لکي ٿو ته هو اُتي پهچڻ جو تمنائي آهي، جتي فرشتن جا پر سڙندا آهن. پنهنجي ان ڳالهه کي چوڻ جي لاءِ هو برطانوي شاعر پوپ جو حوالو نٿو ڏئي، بلڪه جرمن شاعر شيلر جا ڪجهه شعر لکي ٿو، ڇو ته اُنهن جرمن صنعتڪارن کي يورپي ادب جي باري ۾ ڪجهه معلوم نه هو، پر شيلر جي شاعري اُنهن کي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پڙهائي وئي هُئي ۽ اُهي اُن جي نالي کان بخوبي واقف هُئا. ڪٿي هو اسان کي دوستو وسڪي جي شاهڪار The Devils جو حوالو ڏيندي نظر اچي ٿو ۽ ڪڏهن هو هائني ۽ ابسن جي ڳالهه ڪري ٿو.

هو اقتصادي متن جو تجزيو ڪندي پنهنجي محبوب ناول نگارن جي طرف ڏسي ٿو ته اُهي انسان جي معاشي حالت ۽ اُنهن جي ضرورتن کي ڪهڙي نموني پيش ڪن ٿا. 14 ڊسمبر 1868ع تي اينگلز جي نالي هڪ خط ۾ هو بالزاڪ جي Village Priest تان هڪ ٽڪرو کڻي ٿو ۽ اينگلز کي چوي ٿو ته، ڇو ته تون اقتصاديات جي عملي تفهيم ۽ تجربو رکندو آهين، تنهن ڪري بالزاڪ جي انهن سٽن کي پڙهي ان ڳالهه جي تصديق ڪر ته بالزاڪ جيڪو ڪجهه لکيو آهي، اُهو صحيح آهي. بالزاڪ جي Unknown Master Piece، مارڪس تي جيڪي گهرا اثر ڇڏيا، اُن جي باري ۾ پال لافارج جو چوڻ آهي ته اُن جو بنيادي ڪارڻ اهو هو ته اُن ۾ مارڪس جي ذاتي احساسن جي عڪاسي موجود هُئي.

1860ع ۾ اينگلز ۽ Kugelmann کي Hoffmann جو شاندار داستان Little Zaches تحفي ۾ موڪلي ٿو. Balzac جي Memoth جي باري ۾ هو اينگلز کي لکي ٿو ته ”بالزاڪ هُن ۾ هڪ اهڙي سيڪيولر سوسائٽيءَ جي طنزيه پيرائي ۾ عڪاسي ڪئي آهي، جنهن جي ”اسٽاڪ ايڪسچينج جي بلڊنگ جي پيشاني تي روح القدس جو دانشورانه قول درج آهي.“

هو جڏهن ”داس ڪيٽپال“ جو پهريون حصو مڪمل ڪري رهيو هو ته هُن پنهنجي اُن باريڪ ڪم جي ادبي ۽ فني پهلوئن جو گهڻو خيال ڪيو. 31 جولاءِ 1865ع تي هُن اينگلز جي نالي هڪ خط ۾ لکيو ”منهنجي لکڻين ۾ (ادبي) خوبيون موجود آهن، اُهي مجموعي طور فن پاره آهن.“

هو عالمي ادب جو ڪهڙو بي مثال تيراڪ هو، اُن جو اندازو هُن جي خطن ۾ ادبي حوالي سان ٿئي ٿو. اهي حوالا سڀ کان وڌيڪ اينگلز کي لکيل سوين خطن مان ملن ٿا. جيني جي نالي 10 جون 1869ع تي هڪ خط ۾ هو شارلٽ برونٽي جي ناول Shirley، گوئٽي جي ”فائوسٽ“ ۽ جورج ايليٽ جي Felix Holt جو حوالو ڏي ٿو.

مريان ڪومين (Marian Comyn) پنهنجي ساروڻين ۾ مارڪس جي خاندان جي حوالا سان ڪيتريون ئي ڳالهيون لکيون آهن. اهي مارڪس جي زندگيءَ جا آخري سال هُئا، هو بيمار هو ۽ جيني جي صحت به تباهه ٿي چُڪي هُئي. اُن جي باوجود سڄي خاندان جو ادبي ذوق پنهنجي عروج تي هو. مريان لکيو آهي ته اهو گهراڻو شارلٽ ۽ ايملي برونٽي جي تعريف ڪندي نه ٿَڪندا هُئا ۽ اُنهن ٻنهي ڀيڻن کي جارج ايليٽ جي ادبي حيثيت تي فوقيت ڏيندا هُئا.

هائني جي شاعري هُن کي ياد هُئي، گوئٽي جي ”فائوسٽ“ ۽ ”ديوان مشرق و مغرب“ جا حوالي هُن جا خطن مان ملن ٿا. ڪٿي هو هائني جي انهن سٽن کي ورجائي ٿو ته ”مون ازدها پوکيا آهن، چچڙن جو فصل لُڻيو.“

ڪنهن خط ۾ هو هڪ ئي ساهه ۾ هندستان جي وشوامتر، وليم ٿيڪري ۽ چاسر جي ”ڪينٽر بري ٽيلز“ جو ذڪر ڪندي هلي ٿو. پال لافارج کي به هڪ وقت فرانسيسي ۽ انگريزي ۾ خط لکي ٿو ته هائني ۽ وڪٽر هوگو جا شعر ۽ جملا اُن خط ۾ درياهه جي موجن جيان لهرون هڻندي ڏسجن ٿا. H.M.Hyndman پنهنجي ڪتاب The Record of An Adventurous Life ۾ 1880ع ۽ 1881ع جي وچ ۾ مارڪس سان پنهنجي ملاقاتن جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته، هو هائني کي جرمن زبان جي اعليٰ ترين لکڻ وارن ۾ شمار ڪندو هو. مون کي هو هائني جا شعر ٻُڌائيندو هو ۽ ان ڳالهه جو به اظهار ڪندو رهندو هو ته هائني کي انگريزي ۾ منتقل ڪرڻ چاهي ٿو. هينڊ مين لکيو آهي هائني سان گڏ هُن جي مسلسل خط و ڪتابت رهندي هُئي، پر ٻنهي جا اهي خط 1880ع جي ڏهاڪي تائين شايع نه ٿيا هُئا.

هو ايمسٽرڊم وڃي ٿو ته اسين اُن کي ولنديزي ۽ فريزي زبان جي ڪتابن جي تلاش ۾ سرگردان ڏسون ٿا. ڪيترين ئي زبانن تي عبور جو اهو عالم آهي جو اسين هُن کي اپيان Appian کي يوناني ۾، ڊانٽي کي اطالوي ۾، سروانٽس کي اسپينش ۾ پڙهندي ڏسون ٿا.مارڪس جي ڌيءَ ايليز لکيو آهي ته شيڪسپيئر جا ڊراما اسان جي گهر ۾ بائبل جيئن عزت سان ڏٺا ويندا هُئا. 6 سالن جي ڄمار ۾ شيڪسپيئر جي ڪيترن ئي ڊرامن جا مڪالما مون کي ياد هُئا. پاپا اسان ڀينرن کي هومر جو سڄو ڪلام ٻڌايو هو. اُن کان علاوه به ڪيترائي ڪتاب هُن اسان کي ٻڌايا، جن ۾ سروانٽس جو ڊون ڪهوٽه ۽ الف ليله سرفهرست آهن.

(هلندڙ)

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *