ڍينگو،ڪانگو،سوائن ،ايبولا ، ۽ نئون آيل زڪا وائرس…!!!: غلام مصطفيٰ جمالي

هن وقت دنيا جا اهي ملڪ جيڪي بک بدحالي ۽ بيروزگاري جو شڪار آهن .انهن ملڪن اندر مختلف لاعلاج بيماريون ۽ وائرس تيزي سان پکڙجي رهيا آهن جيڪي اڪثر جانور مان پيدا ٿين ٿا.جهڙوڪ ڪوئن مان ايڊز،ڪڪڙن مان برڊ فلو،مڇرن مان ڍينگو،ٻڪرين ۽ اٺن مان ڪانگو،۽ سوئرن مان سوائن فلو،۽ ڀولڙن ۽ ڪڪڙين مان “زڪا وائرس” پر اها به ڳالهه سچ آهي ته احتيات ۽ تديبرون هر مرض توڙي وائرس کان بچاءِ جو اهم ڪرادر ادا ڪن ٿيون.ڪيترن ئي سالن کان وٺي ملڪ توڙي پرڏيهه اندر مختلف وائرس بيمارين جي باري ۾ خبرون پڙهڻ لاءِ ملي رهيون آهن.جيڪي وائرس نه رڳو زندگي کي موت ۾ تبديل ڪندڙ آهن پر انهي سان گڏ اهي وائرس انساني دماڳ لاءِ پڻ هاڃيڪار آهن.  ڇو ته اهي وائرس انساني دماڳ لاءِ پڻ خطرو آهن. جنهن جي ڪري انساني زندگي ته بچي ويندي آهي پر انسان هميشه لاءِ پنهنجي دماڳ جي استعمال کان محروم رهجي ويندو آهي.هن وقت پوري ملڪ اندر مختلف “زڪا وائرس” جو خوف ڇائينجي چڪو آهي.خاص طور تي شهر اندر، ان ڪري اچو ته سڀ کان پهرين اهو معلوم ڪيون ته“وائرس ڇا آهي“۽ ڪيئن پکڙجي ٿو ۽ انهن وائرس جا احتياتي اپاءُ ڪهڙا آهن،سڀ کان پهرين (1)ڍينگو وائرس هي وائرس اڪثر ڪري مڇرن جي چڪ هڻڻ سان پيدا ٿئي هو. جڏهن ته ڍينگي وائرس جو مڇر عام مڇرن جي قد جي لحاظ کان وڏو ٿيندو آهي.جڏهن ته انهي مڇر جي بدن تي زيبرا جهڙا ڪارن پٽن وارا نشان هوندا آهن.

هن مڇر جو نالو“ايڊان ايجينٽِي“آهي هي مڇر اڪثر ڪري صبح ٿيڻ مهل يا شام ٿيڻ مهل حملا ڪري ٿو.جنهن به ماڻهو کي هي مڇر چڪ هڻڻ سان بخار ٿئي هو هن جون علامتون هي آهي.، مريض کي تمام گهڻو بخار ٿئي ٿو، .هڏن ۾ سخت سور ٿئي ٿو، الٽي ٿئي ٿي، جسم تي ڳاڙها نشان ٿي ويندا آهن، نڪ ۽ وات مان رت ايندو آهي،هن مرض ۾ مريض جي رت جا جزا“PLATELETESگهٽ ٿي ويندا آهن.جنهن جي ڪري مريض بي هوش ٿي ويندو آهي ۽ ڪوما ۾ به وڃڻ جو خطرو وڌي ويندو آهي.هي بخار 2ڏينهن  کان 7 ڏينهن تائين هلندو آهي،۽ ان ڪيفيت ۾ مريض جو موت به ٿي سگهي ٿو(.2) ڪانگو وائرس جڏهن ته ڪانگو وائرس مان ٿيل بخار کيcrimen congo heamorrhagicچيو ويندو آهي جڏهن ته ڪانگو وائرس اڪثر آفريڪي ملڪن اندر تمام گهڻو پکڙجي ٿو.

ڪانگو وائرس اڪثر پٽ تي ريڙيون پائيندڙ ڪيڙن ۽ جانورن مان ٻڪرين،ڳئون،اٺ، ۽ جسم تي هلندڙ ڪيڙن مان پيدا ٿيندو آهي،جڏهن ته هڪ خاص قسم جو ڪيڙو جنهن کي سنڌي ۾ “چچڙ” چيو ويندو آهي هن جي کائڻ سان به هي مرض پکڙجي ٿو.جنهن جي ڪريtickمريض جي چڱي طرف اعلاج نه ڪرائڻ يا انهن علاج اندر سستي ڪرڻ سان هي مرض هڪ هفتي اندر مرِيض کي موت جي ننڊ سمهاري سگهي ٿو.جڏهن ته ڪانگو وائرس جون علامتون هي آهن ته ڪانگو مرض ۾ متبلا ماڻهن کي رت جون الٽيون اچڻ شروع ٿي وينديون آهن.ان کان اعلا بخار اوچتو شدت اختيار ڪري ويندو آهي.جنهن سان گڏ مٿي ۾ تمام گهڻو سور پيدا ٿيندو آهي.(3)سوائن وائرس هن وقت دنيا جي 182ملڪن ۾ پکڙجي چڪو آهي،جڏهن ته هن وقت انهي وائرس اندر13277 ماڻهو موت جو شڪار ٿي چڪا آهن،650ڄڻا ته هن وقت رڳو آمريڪا اندر مري چڪا آهن،۽ آمريڪا اندر650ڪيس سوائن فلو جا پڻ ظاهر ٿيا آهن، جن مان186ڪيس ڪنفرم ٿيا آهن.جڏهن ته سوائن فلو جي وائرس هجڻ ڪري پاڪستان اندر به14ماڻهو موت جو شڪار ٿيا آهن،جن مان 8پنجاب3ڪي پي ڪي جن مان هڪ ڄڻو افغانستان جو رهاڪو هو۽ هڪ ڄڻو آزاد ڪشمير سان تعلق رکندڙ آهي.خطرناڪ صوتحال تڏهن پيدا ٿي جڏهن رومانيه اندر35سالن جو شهور اداڪار ٽومي ٽيڪريز سوائن فلو جي فوت ٿي ويو.ان وقت رومانيه اندر 6هزار61ڪيس سامهون اچي چڪا آهن جنهن جي ڪري اتي جي شهرين ۾ تمام گهڻي ڳڻتي جي لهر ڇانيل آهي.

ايبولا وائرس. ايبولا  وائرس انسانن توري جانور ۾ ٿي ويندو آهي.هن وائرس ۾ متبلا انسان جي سموري جسم اندر شديد سور ۽ هڪ هفتي تائين هلندڙ بخار سبب گلي ۾ سور ۽ الٽيون ۽ دست پڻ ٿيندا آهن،جڏهن ته ايبولا وائرس جي مرض ۾ مبتلا انسان جي چمڙي ۾ خارش ۾ ٿئي ٿي.جڏهن ته گردا ۽ جگر به آهستي آهستي ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندا آهن،جڏهن ته مرض جي تشدد اختيار ڪرڻ سان انساني جسم جي مختلف حصن  مان رت وهڻ شروع ٿي ويندو آهي، جڏهن ته هي وائرس هڪ جانور کان ٻئي جانور ۽ هڪ ماڻهو کان ٻئي ماڻهو تائين منتقل ٿيڻ جو خطرو تمام گهڻو هوندو آهي،جڏهن ته هن مرض ۾ مبتلا ٿيڻ کانپوءِ مريض کي بچڻ تمام گهڻو مشڪل ٿي ويندو آهي،جڏهن ته ڪجهه ميڊيڪل رپورٽ اندر اهو به ٻڌايو پيو وڃي ته هي وائرس نه رڳو رت مان پر تڪ،الٽي،پگهر،۽ ٻين جسماني تعلقات سان پڻ هڪ ٻئي اندر منتقل ٿي سگهي ٿو.جڏهن ته هن وائرس جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته هي وائرس پهرين چمڙن جي ڪري آفريڪن ملڪن مان پهرين جانورن اندر منتقل ٿيون ان کانپوءِ هي مرض انسانن ۾ فهلجڻ لڳو،جڏهن ته ايبولا جي شڪار ماڻهن جي هڪ وڏي تعداد هڪ هفتي اندر جي دنيا مان موت جي شڪار ٿي وئي.جڏهن ته هن وقت تائين به ايبوالا وائرس جو ڪو موثر اعلاج دريافت ناهي ٿي سگهيو.جڏهن ته ميڊيڪل ريسرچ ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته هن وائرس ۾ مبتلا ماڻهن جي ڪارو، مٺو،کٽو،پاڻي پياري ڪيتري حد تائين هن مرض ۾ بهتري آڻي سگهجي ٿي،

هي وائرس1976اندر سڀ کان پهرين سوڊان اندر ظاهر ٿيو هو.۽2013تائين هن وائرس جا واقعا سامهون آيا هئا.هن وائرس ڪري نائيجريا،گيانا،سيريا ليون، لائيبريا،تمام گهڻا متاثر ٿيا هئا.جڏهن ته هن وائرس کي روڪڻ ۽ انهي جي اعلاج لاءِ ويڪسين تيار ڪرڻ واري عمل کي تيز ڪيو ويو آهي.5“زڪا وائرس” عالمي اداري “زڪا وائرس” جي به پڻ تمام گهڻو خطرناڪ قرار ڏنو آهي،هن وقت “زڪا وائرس” جي وڌڻ ڪري عالمي سطح تي ايمرجنسي پڻ لڳائي ڇڏي آهي. پرڏيهي خابروادارن مطابق ته “زڪا وائرس” حد کان وڌيڪ وڌڻ ڪري صحت جي عالمي شعبي ايمرجنسي لڳائڻ جو اعلان ڪيو آهي.جڏهن ته صحت جي عالمي شعبي سان واسطو رکندڙ سربراهه جو چوڻ آهي ته اسان هن وائرس جو تيزي سان ڦهلجڻ جو جائزو وٺي رهيا آهيون،جڏهن ته وائرس جي ڪري متاثر ملڪن ۾ اچ وڃ ۽ ڪاروبار پڻ بند ڪري ڇڏيو آهي.عالمي شعبي انهي وائرس جي باري ۾ ٻڌايو ته خاص ڪري حاملا عورتون کي خيال گهرجي. آمريڪا جي لاطيني  ملڪ بزاريل کانپوءِ ڪولمبيا  ۾ به هزارين ڳورهاريون عورتن کي “زڪا وائرس” هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق لاطيني آمريڪي ملڪ ڪولميبيا جي صحت  واري قومي اداري سڄي ملڪ اندر 20هزار وائرس هجڻ جي پڪ ڪئي آهي . جن ۾ 2هزار 116عورتون شامل آهن .

ڪوليمبيا ۾ وائرس متاثر ٿيندڙ شهرين  بابت جاري ڪيل  نئي انگ اکرن کانپوءِ  برازيل کانپوءِ ڪولميبيا ٻيو ملڪ آهي .جتي زڪا وائرس سبب سڀ لان گهڻا ماڻهو متاثر آهن . ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن اختيارين مطابق لاطيني آمريڪا سوڌو مختلف ملڪن اندر20هزار مريض زڪا وائرس کان متاثر ٿيا آهن.پر هن وقت پنهنجي ملڪ پاڪستان اندر به ڪيترن ئي ڏينهن کان وٺي زڪا وائرس جون عجيب و غريب خبرون آرٽيڪل پڙهڻ لاءِ ملي رهيا آهن.جڏهن ته هن وائرس کي Micro Cephaly چيو ويندو آهي.ميڊيڪل ريسرچ اڄ تائين هن مرض جي وڌڻ جو وجهه ناهي ٻڌائي.جڏهن ته ڪجهه آيل ميڊيڪل ريسرچ ۾ اهو به ٻڌايو پيو وڃي ته هي “زڪا“هڪ وائرس آهي جيڪو ڪڪڙين مان انسان اندر منتقل ٿئي ٿو.تازو برازيل اندر زڪا وائرس جن  ٻارن ۾ هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.انهن ٻارن ۾ هڪ خاص ڳالهه ڏٺي وئي ته انهن ٻارن جا مٿا پنهنجي جسم جي اعتبار کان تمام گهڻا سائزGeow۾ ننڍڙا هئا.جڏهن ته اسانجي برضعير اندر ڪڏهن به اهڙا مرض ڏسڻ ۾ ناهي آيا. جن جا مٿا پنهنجي جسم جي اعتبار کان سائز ۾ ننڍا هجن.پر ان جي ڀيٽ ۾ برازيل اندر گذريل ميهني جي آيل خبرون جي رپورٽ مطابق ته4000کان وڌيڪ ماڻهو انهي وائرس جو شڪار ٿيا آهن جڏهن ته تازو هڪ ڏينهن پهرين آمريڪي هڪ اخبار پنهنجي فرنٽ لائين ۾ هي خبر شامل ڪئي هئي ته اها ئي مينMainاسٽوري هئي.جنهن اندر اهو لکيو هو ته هي مرض هڪ وقت تائين هڪ راز جي لڪل چارد اوڍي لڪل هو جيڪو هن وقت ّظاهر ٿي چڪو آهي.

جڏهن ته مظاهرين جو چوڻ آهي ته هي مرض پهرين برزايل جي ڪنهن جهنگلن اندر اتي جي ڀولڙن ۾ ڏٺو ويو هو.جن جا مٿا ننڍا ۽ جسم وڏا ڏسڻ ۾ آيا هئا.ڊاڪٽرن جي ڪيل ريسرچ  مطابق ته هي وائرس هاڻ ڪڪڙين اندر به اچي چڪو آهي،ڇو ته ڪڪڙن جي جيڪا فيڊFeedڏني ويندي آهي ان ۾ جانورن جي چرٻي ۽ هڏا شامل هوندا آهن.جڏهن ته انهن Feed۾ ملايل هڏين اندر شايد انهي ڀولڙي جي هٽي شامل ٿي چڪي هجي جيڪو ڀولڙو “زڪاوائرس“جو شڪار هجي،ڇوته انهن ملڪ اندر اڪثر حلال حرام جو فڪر نه رکيو ويندو آهي.جنهن جي ڪري شايد ڪڪڙن جي لاءِ تيار ڪيل فيڊ انهن ڀولڙن جي هڏين جو استعمال ڪيو ويو هجي.جنهن جي ڪري اهو وائريس ننڍڙي مٿي واري ڀولڙن کانپوءِ ڪڪڙين ۾ شامل ٿي ويو هجي.۽ برزايل اندر ڪڪڙ کائيندڙ انسانن ۾ به پکڙجي ويو هجي.

جڏهن ته اهي جي هوٽل اندر به اهڙين قسمن جا کاڌا تيار ڪيا ويندا آهن جن ۾ حرام جانور به شامل هوندا آهن.جڏهن ته هاڻ پاڪستان اندر مئل جانور جو گوشت هوٽلن تي استعمال ڪرڻ ۽ مئل جانور کي ذبع ڪرڻ جون خبرون به عام ملي رهيون آهي.جڏهن ته ملڪ اندر ڪتن ۽ گڏهن کي ذبع ڪري وڪرو ڪرڻ جو خبرون پڻ ملي رهيون آهن،جيڪي تمام گهڻيون افسوس جوڳيون خبرون آهي.جڏهن ته هي مرض  “زڪا وائرس ڪڪڙين مان پيدا ٿيندو آهي.جڏهن ته اسان وٽ وڏين هوٽلن اندر اهو عام ڏسڻ ۾ آيو آهي ته اسان جڏهن هوٽلن تي ويندا آهيون ته اتي جو ويٽر جيڪو Menuکڻي اچي ڏيکاريندو آهي.جنهن اندر ڪڪڙن جي گوشت مان تيار ڪيل سوين ڊشين جا نالا لکيل هوندا آهن.جيڪا عام ۽ ڳوٺ جي ماڻهو ڪڏهن به ناهن ٻڌا هوندا.ان ڪري  الله نه ڪري ته اهو وائرس اسانجي ملڪ ۾ داخل ٿي.جڏهن ته ڪجهه ڏينهن اوهان اهو به پڙهيو هوندو ته پاڪستان اندر هڪ ميڊيا پريس رپورٽ شايع ڪئي وئي جنهن اندر اهو ٻڌايو ويو هو ته جيڪڏهن ڪو ڪڪڙ فروش ڪڪڙ کي ذبع ڪري ٿو ته اهو ان ذبع ڪيل ڪڪڙ جي ان ڊرم ۾ نه وجهي ۽ ڪڪڙ جي گوشت کي ٿڌو ٿيڻ ڏي.پوءِ اتاڻ کڻي ڪري هڪ صاف جڳهه تي رکي ڪري سندس گوشت کي صاف ڪري.مون ڪٿي پڙهيو  تهSmall Poxهڪ آسماني بيماري آهي جنهن جي ماتا چيو ويندو آهي.ان ۾ متبلا مريض جي اڪيلوISOLATEڪري ۽ سندس هٿ پير ڦري ويندا هئا.۽ انتظار ڪيو ويندو هو ته ڪڏهن ٿي اها بيماري سندس جان ڇڏي ڇو ته ان وقت انهي بيماري جو ڪو اعلاج نه هو.پر هن وقت انهي بيماري جو اعلاج به آهي ۽ هوگهڻي ڀاڱي ختم به ٿي چڪي آهي.پر هن وقت ملڪ اندر “زڪا وائرس” جو خوف ڇانيل آهي. ان ڪري عوام جي گهرجي ته هو پنهنجي رب تعاليٰ کان هميشه انهي بيمارين کان پناهه جون دعائون گهرندا رهن.ڇو ته رب اها ذات آهي جنهن جي هٿ ۾ صحت ۽ مرض آهي.پر انهي سان گڏ اسانکي پنهنجي ماحول کي به صاف سٿرر رکڻ گهرجي.ڪڪڙن فروشن کي گهرجي ته هو پنهنجي ڪڪڙن کي ذبع ڪرڻ واري جاءِ کي صاف رکن.خاص طور تي انهن ڪڪڙين فروشن جي خلاف سخت قدم کنيا وڃن جيڪي مئل ۽ بيمار ڪڪڙين کي ذبع ڪري انساني کي سندس گوشت واپرائڻ جي شازش ڪري رهيا آهن. اهڙيون بيماريون ۽ وائرس ايندا رهندا آهن .ان ڪري انهن کان ڊڄڻ بجاءِ پنهنجي ماحول ۽ احتياتي تدبيرون جو خيال رکڻ گهرجي.۽ حڪومت کي به گهرجي ته عوام جي آگاهي لاءِ اهڙا سمينار ڪرايا وڃن جن سيمنارن جي ڪري عوام کي اهڙين بيمارين کان آگاه ڪري کين احتياتي تدبيرون سکياريون وڃن.جيئن هو پنهنجي صحت جي حفاظت ڪري سگهن

******

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *