ڌُنڌ ۾ ويڙهيل شهر ؛امر لغاري

ايئن ٿو لڳي ڄڻ ته شيشي جي ڪنهن ميرانجھڙي گلاس مان، مان هن شهر کي ڏسندو هجان. هڪ اهڙو شيشو جنهن جي ديوارن کي نه ته ڇهي سگھجي ٿو نه ئي ان ۾ بند ٿي سک جو ساهه کڻي سگھجي ٿو. هي شهر دز ۽ مٽيءَ جي هڪ اهڙي ڪوهيڙي ۾ گھيريل آهي، جنهن مان گاڏين جي هيڊ لائيٽن کي ڪنهن اجھامندڙ پڇڙ تاري جئان پاڻ ڏانهن ايندو يا پاڻ کان پري ٿيندو ئي ڏسي سگھجي ٿو. مان اڪثر گھر کان شهر ۽ شهر کان گھر ڏي، ايندي ويندي رستي ۾ پنهنجي ٻارڙن يا پنهنجي پاڙي وارن اڳيان لنگھي ويندو آهيان، پر خبر نه پوندي اٿم ته ڪير ڪنهن جي اڳيان گذري ويو. مٽيءَ جي هن ڪوهيڙي، گھر جي ڀاتين کي به اجنبي بنائي ڇڏيو آهي.

اسان جي پناهه جا مرڪز هاڻ ڪمپيوٽر، فيس بوڪ، عمران جي معاشقن جا داستان، مئخانه، دعائون ۽ بحث: ملٽري ڪورٽون هجن يا نه هجن، پشاور جي معصوم ٻارڙن کي طالبان ماريو يا دهشتگردن؟ دهشتگرد ڪير آهن؟ طالبان يا آمريڪا انگلستان؟ ملاله کي گولي لڳي يا نه لڳي؟ ٿر ۾ ٻار بک وگھي مرن پيا يا بيمارين وگھي؟ بک بيماري آ يا هٿرادو وبا؟ بلاول واپس ورندو يا نه ورندو؟

اڻ ڳڻيا ڪالمسٽ اسان کي فيڊ ڪندا رهندا آهن ته مشرف ڇا پيو ڪري؟ بلاول عيد ميلاد ڪٿي ڪرائيندو؟ زرداري پٽڪو ڇو ٻڌو؟ رضا رباني فوجي عدالتن واري بل جي منظوري لاءِ ووٽ وجھي ڇو رنو؟ رنو به الاءِ نه پر اسان کي هن جي روئڻ جي انجيڪشن لڳائي ويئي ۽ اعتزاز جي مرڻ جي خبر ڏني ويئي. هڪ وڏو شور آهي، جنهن اسان کي چئني طرفن کان واچوڙي جيئن وڪوڙي رکيو آهي، جنهن مان ٻاهر نڪري ساهه کڻڻ في الحال ته ناممڪن آهي.

اها به هڪ قسم جي ڌنڌ آهي، جنهن کان اڳتي هر شيءِ ميرانجھڙي ۽ بي شڪل ٿي ويئي آهي.

مان سوچان ٿو هڪ طرف هي شور آ، ٻئي پاسي کان هي گلاسي، سگريٽ جي دونهين جهڙو ڪوهيڙو، جنهن جي ڪڪرن ۾ هر پل منهنجو ساهه ٻوساٽبو ٿو رهي. مسيت ۾ ٿو وڃان ته مولوي جي خطبن ۾ مسلمان جهڙو ٻيو ڪو ماڻهو نٿو پسان، ٻاهر ٿو اچان ته پاڻ جهڙو ڪو بشني ڪٿي به نٿو ڏسان!

ان ڪشمڪش ۾ مون کي اديبن، ڪالمسٽن ۽ دانشورن سان گڏ اڪثر شاعر به ياد اچڻ لڳن ٿا. هڪڙا شاعر اُهي جن جي شاعري شيشي جئان شفاف ۽ اُجري آهي، ۽ هڪڙا اُهي جن جي شاعري شيشي ٻاهريان پکڙيل ڌنڌ جهڙي ميرانجھڙي. اسان جهڙا جڏهن به سماج جي گُھٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ منجھبا آهن ته اڪثر شاعرن، سياستدانن، اديبن، اينڪرن، مولوين ۽ ذاڪرن ڏانهن واجھائيندا آهن، ۽ هر ڀيري ڌنڌ ۾ ويڙهيل هڪ نه ختم ٿيندڙ هُل ۾ گم ٿي ويندا آهن. اهڙين حالتن ۾ اڪثر G Allana جهڙن شاعرن جون هي سٽون ماڻهن کي دلاسو ڏيڻ لاءِ پهچي وينديون آهن، جن کي ڪيترن ئي سالن کان نه چاهيندي به سنڌ جي شاگردن ۽ استادن کي سليبس طور ور ور پڙهڻو پيو پوي.

Someone has drugged my Soul

Another has stolen my Light

No longer I am the same I was.

مان سمجھان ٿو اهو به منجھائڻ جو هڪ طريقو آهي ته ”منهنجو روح ملول (بيمار) ٿي پيو آهي ۽ منهنجي روح جي روشني (نُور) چورائجي وئي آهي.“ جيئن اڪثر اسان جا ملان ۽ رياست جا پاليل دانشور چوندا آهن ته اسان مسلمانن حقيقي کي وساري ڇڏيو آهي ان ڪري پيا اونداهه ۾ ڀٽڪون ۽ انگريزن ان جي ڏسيل واٽ تي عمل ڪيو آهي ۽ اڄ هو خوشحال پيا گذارين! واهه! پر هو اهو چوڻ لاءِ تيار ناهن ته جن جي هٿ ۾ واڳ ڏنيسين انهن گذريل اٺهٺ سالن ۾ هن ملڪ ۽ ان جي ماڻهن جو ڪهڙو حشر ڪيو آهي. مسلمان ملڪن ۾ اسان جي ڀلاري عرب ملڪ کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ملڪ امير ٿي سگھي ٿو جيڪو دين ۽ تيل جي برڪت توڻي دولت سان مالامال هجي؛ پوءِ ڇو هو اڄ پنهنجي پاڻ کي غير محفوظ سمجھي ٿو، ۽ خوف ۾ مسلمان ملڪن جون حڪومتون ڊاهي ٿو ۽ ٺاهي ٿو؟ حقيقت اها آهي ته دولت جا انبار هوندي به غير محفوظ اهو آهي جيڪو ان جي صحيح ورڇ نٿو ڪري. جيڪو اظهار (تحرير ۽ تقرير) جي آزادي، ووٽ جي آزادي، ماڻهن جي عقيدن جي آزادي دٻايو ويٺو آهي، جنهن جا شيخ، پاڪستان جهڙي جديد تعليم ڏيڻ واري ملڪ ۾ مدرسا ٺهرائيندا ۽ ان کي ڪمزور ڪندا وتن ٿا.

ڇا هنن جي درس ۽ تدريس کان اڳ ۾ هن ملڪ ۾ ماڻهو مومن نه هئا؟ يا دين جي تعليم نه ڏني ويندي هئي؟ جيڪي ماڻهو ڪميونسٽن ۽ اسٽالن تي اظهار جي آزادي ۽ عقيدن جي آزادي جي حوالي سان پنهنجا ڇوهه ڇنڊيندا آهن تن کي پنهنجي اندر ۾  به جھاتي پائي ڏسڻ گھرجي ته هو پاڻ پنهنجي ملڪ ۾ ٻئي جي عقيدي ۽ ان جي آزاديءَ جو ڪيترو ٿا احترام ڪن!

ماڻهو مارڻ اڄ جي دنيا ۾ ڪو وڏو مسئلو ناهي. آمرن ۽ شدت پسندن کي اهو ياد به نه هوندو ته پنهنجي پنهنجي دؤر ۽ زندگيءَ ۾ هنن ڪيترا ماڻهو ماريا ۽ ڪيترا اپاهج ڪيا. اهي هونئن ئي ڌرتيءَ تي ڪيڙن ماڪوڙن جي حساب سان وڌي چڪا آهن، جيئن هنن جي هڪ وک ۾ نه ته به ٻي وک ۾ پيرن هيٺيان اچي ڪيترائي ڪيڙا ماڪوڙا چيڀاٽجي مريو وڃن، ايئن ماڻهو به هنن جي نفرت جي آڳ ۾ هڪ نه ٻئي ڏينهن سڙي رک پيا ٿين. وري به سوال ٿو پئدا ٿئي ته ان آڳ کي ڪير اجھائيندو؟ يا ان مونجھاري مان ماڻهن کي ڪير ڪڍندو ته اسان جي ننڍڙي ڳوٺ کان ويندي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اڏيل وڏن شهرن تائين ڦهليل  اِهو  ڌُنڌ ڪڏهن ختم ٿيندو؟

جي الانا جي اها ڳالهه به درست ناهي ته ”مان اهو ناهيان جيڪو اڳ هوس!“ ماڻهو اهو ئي آهي جيڪو اڳ هو! گھٽ ۾ گھٽ اسان ته اُهڙا جا اُهڙا ئي آهيون جهڙا اڳ هئاسين. جڏهن عزازيل اسان کي فسادي ڪوٺيو ته فطرت ان کي رد ڏيڻ لاءِ ڀلارا ماڻهو پئدا ڪيا جن چيو ته انسان نفيس، نرم ۽ رحم دل آهي. ان جي باوجود به انسان اهڙو ٿي نه سگھيو. بربريت هُن جي فلاسافي رهي. تاريخ ۾ پهريون ڀيرو جيڪو ”ماڻهو“ ويهين صديءَ جي اشتراڪي نظام پئدا ڪيو، اهڙو ماڻهو ڪڏهن به پئدا ڪونه ٿيو. سڄي دنيا مان هر قسم جي استحصال جي خاتمي ۽ جنس جي تفريق بنا برابريءَ جو ان نه فقط نعرو لڳايو بلڪه ان تي عمل به ڪري ڏيکاريو، پر ان کي به اتان جي حاڪمن دنيا جي حريص ۽ هارايل بيٺڪيتي سامراج جي ڳٺ جوڙ سان هارائي ڇڏيو، ۽ هيڏانهن اسان به پنهنجي اٺهٺ سالن واري نالي ماتر آزاديءَ واري ٺلهي نعري سان گڏ سامراجي بيٺڪيتي نظام جي جھوليءَ ۾ ويهي پنهنجي ماڻهن کي اسلامي جمهوريت جا لولي پاپ ٻڌائيندا رهياسين. نتيجي ۾ اسان جا شهر، اسان جو ملڪ هڪ اڻڄاتل ڌنڌ ۾ ويڙهجي ويو، جنهن ۾ هاڻ هر ڪنهن جو ساهه ٿو ٻوساٽجي.

ڪافي ماڻهو ان ڌنڌ کي دهشتگردي ٿا سڏين. ان ڌنڌ سان هاڻ اسان جي ڳوٺن، وستين، واهڻن ۽ شهرن جو اُهو ڌنڌ پڻ ملي چڪو آهي، جيڪو توهان اسان کي گھرن کان ٻاهر نڪري هانءُ هٿ ۾ ڪري هلڻ تي مجبور ٿو ڪري. ملڪ جو پئسو ڪيڏانهن پيو وڃي؟ هي به هڪ سوال آهي. روڊن، رستن، اسپتالن، اسڪولن، واهن، دريائن، فيڪٽرين، ٻنين، تيل ۽ گئسن جو پئسو ڪيڏانهن پيو وڃي؟ هي به هڪ سوال آهي. ڇا اها دهشتگردي ناهي؟ ڇا چوري، سينا زوري، اقرباپروري، رشوت خوري، ناانصافي، جهالت، بيماري ۽ مهانگائي جهڙيون هچائون دهشتگردي ناهن؟ ڇا انهن مان هر هڪ ڌُنڌ ناهي؟

ميونسپل آفيسن جي ڪلارڪن، وزيرن جي دفترن، ڪامورن جي ٽيبلن، اسيمبلي ميمبرن جي اوطاقن ۽ ڊرائينگ رومز آڏو ڍير ٿيل ڪاغذن ۾ اسان جي ڳوٺن ۽  شهرن جا روڊ دفن ٿيل آهن. حڪومتي ايم پي ايز، ايم اين ايز، ٽي ايم اوز ۽ ايڊمنسٽريٽرن جي گاڏين، گھرن جي ديوارن، اوطاقن جي خرچن، ٻنيون کيڙيندڙ ٽريڪٽرن جي سلنسرن مان نڪرندڙ دونهين ۾ اسان جي ڦڦڙن جو ڄميل رت ڦاٿل آهي. دهشتگردي هڪ فصل آهي، ان جو حل ملٽري ڪورٽن ۾ نه پر اهو فصل نه پوکڻ ۾ لڪل آهي، ان لاءِ زمين نه ڏيڻ ۾ ڇپيل آهي، ان کي پاڙئون پٽڻ ۾ لڪل آهي، هڪ نئين ماڻهو ٺاهڻ ۾ لڪل آهي، جو پيار ۽ محبت ڪندڙ هجي، جو همدرد، هڏڏوکي ۽ برابريءَ جو قائل هجي، جو پنهنجي ملڪ سميت سڄي دنيا ۽ عالم انسانيت کي بک، بيماري، جهالت ۽ ٻين ضرورتن کان آزادي ڏياريندڙ هجي! پوءِ ڏسو اِهو ڌُنڌ، جنهن اسان کي پنهنجي اجگر دهشت ۾ گھيري رکيو آهي خود به خود ختم ٿي ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published.