ڌماڪن جي گهيري ۾ ؛وينگس

لاهور جي علائقي يوحنا آباد جي ٻن گرجا گهرن تي حملن کان پوءِ هڪ سوال ذهن ۾ مسلسل گردش ڪرڻ لڳو ته آخر هڪ گروهه، رياست جي سامهون اچي پنهنجي مرضي سان ڪارروائي ڪيئن ڪري سگهي ٿو؟

يوحنا آباد کان پهرين به ڌماڪا ٿي چڪا ۽ حڪومت پوري ايمانداري سان انهن سڀني ڌماڪن جي مذمت ڪئي. پاڪستان جي غريب عوام کي آٿت ملي ته حڪومت کي گهٽ ۾ گهٽ ايترو ياد ضرور آهي ته هر دهشتگرد ڌماڪي کان پوءِ مذمت جو بيان جاري ڪرڻ گهرجي.

اسان سڀني کي ان تي جهٽ گهڙيءَ لاءِ آٿت ملي ۽ موجوده حڪمرانن جي مهرباني جو اهي مذمت جو بيان جاري ڪرڻ ياد رکندا آهن، نه ته ڪٿي حڪمرانن جو ڪو وزير اهو نه چئي ڇڏي ها ته هر ڌماڪي تي حڪومت مذمت نه ٿي ڪري سگهي، جيئن چوڌري نثار خان گهرو وزير هجڻ باوجود وڏي واڪي چيو ته حڪومت ملڪ جي هر عبادتگاهه کي سيڪيورٽي فراهم نه ٿي ڪري سگهي.

اسيمبلي ۾ ويٺل ڪنهن وزير پوءِ اهو مخالف يا حڪومتي هجي، هن گهرو وزير چوڌري نثار خان کي ياد نه ڪرايو ته توهان جي حڪومت، جي حڪمراني ڪري پئي، هڪ اهڙي ملڪ جي جنهن جي لاءِ وزير اعظم نواز شريف صاحب جن چوندا آهن ته انهن ملڪ کي ايٽمي طاقت ڏني، اِها ٻي حقيقت آهي ته ان جو اصل ڪريڊيٽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڏانهن وڃي ٿو.

خير چوڌري نثار خان ڇا سمجهي اسيمبلي ۾ ان قسم جو بيان ڏنو؟ انهن کي اها خبر ناهي ته ان انداز جا بيان جاري ڪري اهي ملڪ ۾ دهشتگردن خلاف جنگ ۾ کنيل قدمن کي ڪمزور پيش ڪري رهيا آهن.

جيڪڏهن هڪ حڪومت پنهنجي ملڪ جي عبادتگاهن کي تحفظ نه ٿي ڏئي سگهي، اهي عوام جي حفاظت ڪيئن ڪندا؟

ايترو ئي نه پر اهڙي قسم جي بيان کان پوءِ عوام ڏانهن ڪهڙي قسم جو تاثر ويو هوندو. ان جو اندازو چوڌري نثار خان لڳايو ته جيڪا قوم مسلسل ڌماڪن جي گهيري ۾ آهي، غريب عوام مهنگائي کان وٺي دهشتگردي جي هر مسئلي کي منهن ڏئي پئي.

اها ملڪ جي امير وزيرن جيڪي بادشاهي زندگي گذارين ۽ عوام کي اچي چون ته اسان توهان جي جڳهن جو تحفظ نه ٿا ڪري سگهون.

يقينن وفاق کان وٺي صوبائي حڪومتن تائين جي وزيرن کي پوري سيڪيورٽي مليل آهي انهن سڀني جون زندگيون قيمتي آهن، ان ڪري نه ته انهن جي رڳن ۾ ڪو سونو خون ڊوڙي رهيو آهي جو انهن جون زندگيون قيمتي آهن يا وري اهي سڀئي وزير، عوام جي ڏينهن رات هڪ ڪري پريشان آهن انهن کي عوام جي درد جو خيال رکڻ لاءِ ڪير نقصان پهچائي سگهي ٿو نه ئي هي سڀئي وزير پنهنجن وزارتن ۾ ڪو اعليٰ ڪم ڪري رهيا آهن.

اهڙو ڪجهه به ناهي جو اهي ايڏا قيمتي هجن، ڇاڪاڻ جو اهي وزير آهن ان ڪري انهن جي سيڪيورٽي انتهائي ضروري آهي. ڀل، حڪومت هر وزير کي سيڪيورٽي فراهم ڪري عوام کي ان تي اعتراض بلڪل ناهي.

اِهو ڪٿان جو انصاف آهي جو هڪ وزير جنهن کي گهرو وزارت مليل هجي ۽ اهو چئي عوام کي ان قسم جوبيان ڏئي ته اسان سيڪيورٽي فراهم نه ٿا ڪري سگهون جيڪڏهن حڪومت ملڪ ۾ اهم ترين جڳهن کي سيڪيورٽي فراهم نه ٿي ڪري سگهي ته پوءِ حڪومت ڇا ٿي ڪري سگهي؟

عوام دهشتگردي ۾ پنهنجن پيارن جا جنازه کڻي رهيو آهي اهي دهشتگردي جي جنگ ۾ پنهنجن پيارن جو خون قربان ڪن پيا ۽ حڪومت جو وزير غير سنجيده بيان ڏنو.

چوڌري نثار خان، جنهن اڳوڻي حڪومت جي ڪارڪردگي تي تنقيد ڪئي پر هاڻي پنهنجي حڪومت ۾ گذريل مخالف ڌر وارا تنقيدي بيان ڪيڏانهن ويا.

ائين ناهي ته ڪا گذريل حڪومت ۾ سيڪيورٽي جي حالت بهتر هئي فرق صرف ايترو آهي جو هاڻي هر روز ڌماڪا ٿين ٿا پر ڪير ڌرڻا نه ٿو هڻي!

عمران – قادري جي فلمي ڌرڻي بابت ڳالهه نه ٿي ٿئي.

ٿيڻ ائين گهرجي ها ته حڪومتي وزير، عوام کي حوصلي وارو بيان ڏئي ها نه ڪي حڪومت سيڪيورٽي فراهم نه ٿي ڪري سگهي. جيڪڏهن حڪومت سيڪيورٽي فراهم نه ٿي ڪري سگهي ته پوءِ ڇا حڪومت عوام کي ائين تنها ڇڏي ڏيندي؟

حڪومت کان دهشتگرد نه ٿا گرفتار ٿين جيڪي حڪومت جي موجودگي ۾ آساني سان اچي ڌماڪا ڪري ۽ قبوليت جا بيان جاري ڪندا رهن ٿا.

حڪومت جي کيسي ۾ پيل قومي ايڪشن پلان، دهشتگردي جي خلاف آهي. ان تي عمل ان اندازي سان ڪيو ويندو جو هڪ وزير اسيمبلي ۾ بيهي اڻسڌي طرح ڪمزور سيڪيورٽي جو اعتراف ڪندي نظر اچي ٿو پوري دنيا کي اهڙي انداز سان پيغام ڏنو ويو ته ڏسو اسان عوام جي اهم ترين جڳهن جي به حفاظت نه ٿا ڪري سگهون. جيئن ته مخالف ۽ حڪومت ڌر سمجهوتي جي سياست ڪري رهيا آهن ان ڪري ڪير تنقيد نه پيو ڪري ۽ حڪومت ڌر وٽ وري عذر موجود آهي ته اسان دهشتگردن خلاف جنگ ۾ آهيون ان ڪري ان قسم جا واقعا ٿيندا.

دهشتگرد پنهنجون ڪارروايون نه روڪندا پر حڪومت جي ڪارروائي ڪٿي آهي، پنجاب حڪومت دهشتگردن جي حوالي سان پنجاب ۾ موجود دهشتگردن جي هڪ فهرست جاري ڪئي، ان جو ٻڌايو وڃي ته انهن مان ڪيترن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

تحريڪ طالبان ۽ ان جي ڇَٽي ۾ موجود ٻيا گروپ، سڀئي آساني سان ملڪ ۾ ڪارروائي ڪن پيا ان جو مطلب ته انهن جي پٺڀرائي ڪير نه ڪير ڪندڙ آهي. حڪومت کي انهن دهشتگردن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ گهرجي پر حڪومت جو انداز لاجواب آهي جو چرچ تي ٿيل حملن تي جاچ ڪرڻ بجاءِ پوري ڌيان احتجاج ڪندڙن خلاف ڪيو ويو.

احتجاج ڪرڻ هر هڪ جو حق آهي

(جاري)

پر ان احتجاج ۾ ڪنهن جي زندگي کي ختم ڪرڻ جو حق ڪنهن کي به ناهي. جنهن ۾ احتجاج دوران ڪنهن معصوم جي زندگي ساڙي ختم ڪري ڇڏي ان خلاف قدم کڻڻ گهرجي.

ان جو مطلب اهو نه ٿيڻ گهرجي جو ميڊيا ۽ حڪومت جي اک صرف احتجاج ڪندڙن تي ٽڪيل هجي ۽ چرچ مٿان ٿيل حملن تي حڪومت خاموشي جو مظاهرو ڪري. اهو انصاف ناهي…!

پنجاب حڪومت کي چڱي ريت ياد هوندو ته ڪوٽ راڌه ڪرشن ۾ ٻن عيسائين کي زنده ساڙي ويو، ان ڪيس جو ڇا ٿيو؟ جڏهن عوام جي سامهون ڪيس موجود هجن ۽ انهن ۾ ملزم کي سزا نه ملي ته پوءِ عوام ان ئي قسم جا قدم کڻندي نظر ايندي جيئن چرچ مٿان ٿيل ڌماڪن کانپوءِ احتجاج ڪندڙ ڪيو.

چرچ مٿان پنجاب يا ٻن هنڌن تي حملا پهريون دفعو ناهن ان کان اڳ به ڪيترائي حملا عيسائين تي ٿيا انهن سڀني ڪيسن ۾ حڪومت واضح ڪري ته انهن ڇا ڪيو؟ کڻي ڪو هڪ ڪيس ٻڌايو جنهن ۾ عيسائين جي زخمن تي مرهم رکيو ويو هجي.

عيسائي برادري پهرين ئي ڏک ۽ درد ۾ ورتل آهي انهن جو غصو ۽ ماتم حق تي آهي. حڪومت احتجاج ڪندڙن خلاف قدم کڻي پر ان ۾ چرچ مٿان ٿيل ٽي ٽي پي جي خلاف سخت قدم کڻي جنهن سيڪيورٽي فورسز کان وٺي عوام تائين جي زندگي ختم ڪري ڇڏي آهي.

حڪومت دهشتگردي جي خلاف جنگ وڙهڻ جي ڳالهه ڪري ٿي پوءِ قدم به ان ئي قسم جا کڻڻ گهرجن پاڪستان هڪ ملڪ آهي ان ۾ اهو نه ٿو ٿي سگهي ته حڪومت عوام کي تحفظ فراهم نه ڪري ۽ انهن کي ڌماڪن جي گهيري ۾ ڇڏي ڏئجي.

قومي ايڪشن پلان جوڙڻ دوران حڪومت جي ذهن ۾ ايترو ضرور هوندو ته ان جو ردعمل ايندو ان کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت سيڪيورٽي پلان ڪٿي آهي؟ حڪومت جي ذميواري آهي ته اهي ملڪ کي تحفظ ڏين، عوام هر روز ڌماڪن ۾ پنهنجن پيارن جا جنازه ڪيستائين کڻندو رهندو؟

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *