ڌانڌلين بابت عدالتي ڪميشن ڪيتري اثرائتي ثابت ٿيڻ گهرجي؟ ؛نسيم بخاري

ايم ڪيو ايم کان سواءِ سمورين پارٽين جوڊيشل ڪميشن جي قيام جي حمايت ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم محمد ميان نواز شريف سڀني سياسي پارٽين کي چونڊ ڌانڌلين واري معاملي تي اعتماد ۾ وٺي ڇڏيو آهي. سياسي پارٽين جي سربراهن عدالتي ڪميشن جوڙڻ تي راضپو ڏيکاريو آهي. ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار چيو آهي ته معاهدو آئين سان ٽڪراءُ ۾ آهي، جيڪو آئين جي آرٽيڪل 225 ۽ آرٽيڪل 189 جي خلاف آهي. آئيني ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪميشن اليڪشن کي ختم نه ڪندي پر اها سرڪار کي رپورٽ ڏيندي. معاهدو اهو ٿيو آهي ته جيڪڏهن منظم ڌانڌلي ثابت ٿئي ٿي ته وزيراعظم صدر کي اسيمبلين ٽوڙڻ جي صلاح ڏيندو ۽ ٻيهر چونڊون ٿينديون.

سوال اهو آهي ته اها ڪميشن ڪڏهن جڙندي؟ ان ڏس ۾ سرڪار اها خاطري ڪرائي آهي ته قومي اسيمبلي جي اجلاس جي خاتمي کانپوءِ هڪ آرڊيننس جاري ڪيو ويندو، جنهن جي ستن ڏينهن کانپوءِ جوڊيشل ڪميشن جو نوٽيفڪيشن ڪڍيو ويندو. اها ڪميشن ٽن ججن تي مشتمل هوندي جيڪا جاچ ۾ آءِ ايس آءِ کان به مدد وٺي سگهندي.

ايم ڪيو ايم جوڊيشل ڪميشن تي آئين جا ٻه حوالا ڏئي ان کي رد ٿي ڪري پر ان ئي ايم ڪيو ايم خود آئين ٽوڙيندڙ جنرل سان ڏهه سال گڏ گذاريا، جنهن نه رڳو آئين معطل ڪيو هو پر آئين ۾ ترميم ڪرائي. هن آئين خلاف قدم کڻي ايمرجنسي هنئي، تڏهن به ايم ڪيو ايم هن سان گڏ هئي، جڏهن ججن جو آئين سان وفاداري وارو حلف ختم ڪرائي ذاتي وفاداري جو حلف کڻايو ويو، تڏهن به ايم ڪيو ايم ان سان گڏ ويٺي هئي. ايم ڪيو ايم جڏهن ڪڏهن جنرلن کان هميشه مارشل لا هڻڻ جا مطالبا ڪندي رهي ته ڇا اها آئين جي خلاف ورزي نه آهي؟ ايم ڪيو ايم جي مخالفت ڪٿي ان خوف جي ڪري ته نه آهي ته جيڪڏهن واقعي به سچ پچ ۾ ڌانڌلين جا پيرا کنيا ويا ۽ انهن جا ثبوت به سامهون اچي ويا ته خود هوءَ به انهن الزامن هيٺ ايندي، جنهن سان هڪ ته ان جي پت وائکي ٿيندي ٻيو ته بعد ۾ ٿيندڙ چونڊن ۾ اها پنهنجي مزاج مطابق نتيجا حاصل نه ڪري سگهندي.

ڪالهه ميرپور ۾ ڪپتان جهڙي لهجي ۽ جذبي سان گونجيو آهي تنهن ايم ڪيو ايم جا ڪن کڙا ڪري ڇڏيا آهن. هن هڪ دفعو وري الطاف حسين کي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي ۽ چيو آهي ته ماڻهو جبري طور تي هن جي جلسن ۾ بت بڻجي هن جون ڳالهيون ٻڌندا آهن. هو چوي ٿو ته ڪراچي جي عوام کي اهڙي جبر مان ڇوٽڪارو ڏياربو. عمران خان نواز سرڪار سان جوڊيشل ڪميشن جي قيام بابت اتفاق کي نواز شريف ۽ زرداري جي هڪ هٽيءَ کي ٽوڙڻ ۾ ڪاميابي قرار ڏئي ٿو. جوڊيشل ڪميشن ڌانڌلين جي حوالي سان ڪيتري عرصي ۾ ڪو کڙتيل ڏيندي، اهو اڃا تائين چٽيءَ ريت واضح ناهي. جوڊيشل ڪميشن جنهن جذبي جي آڌار تي جڙندي ان کي ان قسم جا نتيجا به ملندا يا نه، ڪا خبر ناهي. عدالتي ڪميشن جي رپورٽ کي وقت جي حڪومت قبول به ڪندي يا نه، ان حوالي سان به ڪا ضمانت ناهي.

جوڊيشل ڪميشن جو قيام هڪ ڳالهه جي تصديق ضرور ڪندو ته گهٽ ۾ گهٽ ڪنهن نه ڪنهن حد تائين ڪجهه نه ڪجهه گڙٻڙ ضرور ٿي آهي جو عمران خان سالن کان رڙندو آيو آهي. هتي هڪڙو سوال اهو به پيدا ٿي رهيو آهي ته جيڪڏهن نواز سرڪار کي 11 مئي وارين عام چونڊن ۾ ٿيل ڌانڌلين جي خبر چار وٺڻ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙڻو ئي هو ته اڳ ۾ اها هوڏ تي ڇو بيٺل هئي؟ ن ليگ جو هٺ ان جي گهمنڊ ۽ غرور جي جيڪڏهن علامت هو ته پوءِ اها ڪهڙي قوت آهي، جنهن هن کي پنهنجي راءِ تبديل ڪرڻ تي مجبور ڪيو. عمران خان جي تحريڪ انصاف اسلام آباد ۾ پاڪستان جي تاريخ جو تمام گهڻو وقت جاري رهندڙ ڌرڻو هنيو، جڏهن ان زور ۽ دٻاءُ کي حڪومت نه کنگهيو ته آخر رات وچ ۾ اهو ڪهڙو ڪرشمو ٿيو جنهن معجزاتي طور تي ميان نواز شريف جي من ۾ عمران خان جي اڙي پوري ڪرڻ جي ارادي کي عملي جامو پهرائڻ وارو ويچار آندو؟ بلڪل اهڙو ئي سوال تحريڪ انصاف جي چيئرمين بابت به گذريل ڪيترن مهينن کان بحث مباحثي هيٺ رهندو آيو آهي ته پشاور آرمي پبلڪ اسڪول ۾ انتهاپسندن جي دهشتگرد حملي کانپوءِ اوچتو ئي اوچتو آخر ڪنهن جي دٻاءُ ۾ اچي عمران خان حڪومت جي اپيل کانسواءِ ڌرڻن جي سياست کان خودبخود ۽ رضاڪاراڻه طور هٿ کڻڻ جو اعلان ڪيو؟

ميان نواز شريف جو جوڊيشل قيام لاءِ راضي ٿيڻ ۽ عمران خان جو ڌرڻا سياست تان هٿ کڻڻ حقيقت ۾ ڪنهن هڪڙي قوت جو ئي عمل دخل قرار ڏنو پيو وڃي. ان ڪري تاثر اهو ٿو ڏسڻ ۾ اچي ته ايندڙ دور ۾ ڪنهن به اهم تبديلي جي حوالي سان جيڪڏهن ڪا واقعي به اڳڀرائي ٿئي ٿي ته اهو ڪريڊٽ به حڪومت جي وهنوار کي پنهنجي نقطئه نگاهه سان ڪمانڊ ڪندڙ ان سگهاري قوت ڏانهن ئي ويندو. عام تاثر اهو به آهي ته حڪومت عمران خان ۽ پ پ وچ ۾ ڪي اهم معاملا سگهاري قوت جي آشيرواد سان طئي ٿي چڪا آهن، جن موجب پوڻا ٻه سال حڪومت ڪندڙ ن ليگ سال ڏيڍ عدالتي ڪميشن جي ڪم ڪار مڪمل ٿيڻ ۾ ڪڍي وٺندي. جيڪڏهن اهو ثابت ٿئي ٿو ته گذريل نگران حڪومت پاران ڪرايل عام چونڊن ۾ ڌانڌليون ٿيون هيون ته وفاقي ۽ صوبائي سرڪارون ختم ڪري نين چونڊن جو اعلان ڪيو ويندو پر اهي چونڊون نت نون طريقن سان ٿينديون، جن ۾ ڌانڌلين جي گنجائش نه هوندي. سوال اهو آهي ته اها ڳالهه ڇا واقعي به  دل سان سياسي پارٽين کي قبول هوندي؟ جنهن جو جواب اهو ٿو آڏو اچي ته اها ڳالهه ڪنهن کي وڻي يا نه پر ان کي قبولڻ کانسواءِ جڏهن ٻيو ڪو آپشن ئي نه ٿو بچي ته پوءِ مجبوريءَ ۾ وِههُ جو وٽو پيئڻ اڻ ٽر ٿي پوندو آهي. اسان وٽ عام طور تي ڏٺو ائين ويو آهي ته جنهن وٽ طاقت هوندي آهي، اهو ئي بااختيار هوندو آهي ۽ بااختيار ماڻهن وٽ جڏهن وري هٿياربند فورس هجي ته پوءِ توهان پاڻ تصور ڪيو ته اهو پنهنجي من جي مراد پوري ڪرڻ لاءِ ڇا ڇا نه ڪري سگهندو آهي؟ صاف شفاف چونڊون عوام ۽ سياسي پارٽين ۾ ويجهڙائيءَ کي يقيني بڻائينديون، ڇو ته اهو ئي تعلق ٻنهي کي هڪ ٻئي جي مفادن جو نگهبان بڻائي سگهي ٿو.

هتي اهو سوال به وڏي اهميت وارو آهي ته نواز شريف ڌانڌلين جي ثابتين جي صورت ۾ پنهنجي اقتدار تان ڇو هٿ کڻندو؟ چيو پيو وڃي ته نواز شريف کي اها خاطري ڪرائي وئي آهي ۽ ضرب عضب آپريشن، مشرف سان مهاڏي اٽڪائڻ ۽ ايم ڪيو ايم کي سوڙهو ڪرڻ سميت پ پ سان مفاهمت واري ماحول ڪري همراهه جي ساک گهٽي نه پر وڌي آهي. پنجاب ۾ جهڙيءَ ريت شهباز شريف حڪومت ڪندو آيو آهي، ان سان به هن کي ڪا خاص لهر لوڏو نه آهي. ان ڪري کين جڏهن اها پڪ آهي ته هنن جون پاڙون پختيون آهن ته پوءِ ٻيهر اليڪشن ۾ وري پنجن سالن لاءِ اقتدار ۾ اچڻ ۾ ڪهڙو نقصان آهي؟ هتي اها وضاحت به ڪندو هلان ته مٿي ذڪر ڪيل انومان آهي، انديشا سئو سيڪڙو درست ثابت ٿين، اهو ضروري ناهي هوندو. اسان جنهن ملڪ ۾ رهون ٿا اُتي ڪنهن به وقت، ڪنهن جي ۽ ڪٿي به ڪايا پلٽجندي دير نه لڳندي آهي. ان ڪري ضروري ناهي ته نواز شريف سان مستقبل جي رٿابندي جي حوالي سان جيڪڏهن ڪي خاطريون ڪرايون ويون آهن ته انهن تي عمل به ٿي. پ پ ۽ ن ليگ اڪثر اهو چونديون آيون آهن ته عام چونڊون هر پنجن بدران چئن سالن ۾ ٿيڻ گهرجن. نواز ليگ جيڪڏهن ٽن يا ساڍن ٽن سالن جي عرصي ۾ رضاڪاراڻه طور تي گهر ڀيڙو ٿئي ٿي ته هن کي ايندڙ اليڪشن ۾ اهو چوڻ ۾ وڏي حد تائين عوامي پذيرائي ملي سگهي ٿي ته هنن بنا ڪنهن دٻاءُ جي اقتدار تان هٿ کنيو ۽ اها قرباني فقط ۽ فقط عوامي مفادن جي حاصلات لاءِ ڏني وئي ته جيئن مستقبل ۾ وڌ کان وڌ بهتر، صاف سٿرو چونڊ نظام ۽ شفاف حڪومتي وهنوار کي يقيني بڻائي سگهجي.

چونڊن ۾ ٿيل ڌانڌلين جي ڇنڊڇاڻ لاءِ جڙيل عدالتي ڪميشن جيڪڏهن مستقبل ۾ ڌانڌلين کان پاڪ چونڊون ڪرائڻ جي حوالي سان ئي ڪو ٻوٽو ٻاري ٿي ته اها ڳالهه ڪا معمولي نه هوندي پر حقيقت ۾ اهو وڏو ڪارنامو ۽ ڪرشمو هوندو.

جن ماڻهن ڏنڊي ۽ ڏاڍ جي آڌار تي بادشاهتون قائم ڪيون آهن، انهن جي سلطنتن کي صفا ڀڙڀانگ ڪرڻ ڪا معمولي ڳالهه نه هوندي. اسان وٽ اهو پهريون دفعو هوندو جو سياسي پارٽيون پنهنجي ڪارڪردگي جي آڌار تي ووٽ حاصل ڪنديون. ڌانڌلين جو باب بند ٿيڻ سان سياسي پارٽين ۽ عوام وچ ۾ به تعلق نه رڳو وڌندو پر اهو گهرو به ٿيندو.

ڪي ماڻهو اسان جي هنن تجزين، اُميدن ۽ انديشن کي سنڌي ٻوليءَ جي ان چوڻيءَ واري پس منظر ۾ ڏسي سگهن ٿا ته ڌيءَ ڄائي ناهي نانيءَ جي مهانڊي، پر ڳالهه اها آهي ته مستقبل جا امڪاني آثار جيڪي اطلاع ڏئي رهيا آهن، انهن جي بنياد تي ڪنهن بهتر ۽ مثبت صحتمند سرگرمين واري سج اڀرڻ جي آس ڪرڻ ۾ خرابي ئي ڪهڙي آهي؟ هتي اهو به ياد رکڻ گهرجي ته جوڊيشل ڪميشن جي ضرورت تي جيڪو زور ڏنو پئي ويو، اهو دٻاءُ به هڪ طرح سان ان خيال کي هٿي وٺرائي ٿو ته عدالتي ڪميشن ڪيترو جٽادار هئڻ گهرجي.

**********

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *