ڊگهي ساهيءَ کانپوءِ آيل بلاول جو ٽوئيٽ ؛نسيم بخاري

گذريل ڪيترن مهينن جي وٿيءَ کانپوءِ بلاول ڀٽو جو هڪ بيان آڏو آيو آهي، جنهن ۾ قيادت خلاف ڳالهائيندڙن لاءِ هُن چيو آهي ته اُهي پارٽيءَ جا سڄڻ ناهن. انهيءَ مان اهو واضح ٿي ويو آهي ته نه رڳو هو پنهنجي پيءُ جي پير تي آهي، پر ان خلاف اٿندڙ هر آواز کي دٻائڻ جو عزم به رکي ٿو. بلاول ڀٽي جي تازي ٽوئٽ ۾ 30 نومبر 2014ع تي يوم تاسيس واري موقعي تي آصف علي زرداري پاران مخدوم امين فهيم جي تلخ ڳالهين جي جواب ۾ چيل انهن جملن جون سڪون لٿيون آهن، جنهن ۾ هن سڌن ۽ کليل لفظن ۾ چٽو چٽو چيو هو ته هر ڪنهن لاءِ دروازا کليل آهن، ڪو وڃڻ چاهي ته ان کي نه روڪبو، ڪو پارٽي ڇڏڻ چاهي ته وڃي سگهي ٿو، ٿيندو ائين جيئن قيادت چاهيندي. ڪنهن جون فرمائشون ۽ حجتون هلڻ نه ڏبيون، اڄ جڏهن وڏي عرصي کانپوءِ بلاول ڀٽو پنهنجي خاموشي ٽوڙي آهي ته ان جي آواز ۽ احساس پنهنجي پيءُ جي طرفداري واري تاثر کي پڪ ۾ بدلائي ڇڏيو آهي. بلاول پاران پيءُ جي ڀَر وٺڻ تي ڪنهن کي اعتراض نه ٿيڻ گهرجي، اهو پيءُ پٽ جو معاملو آهي، پر هڪڙي ڳالهه حق جي ڪبي ته ان پيءُ پٽ جي معاملي پارٽيءَ کي ڏاڍو رُلايو آهي، ڪي معصوم ۽ اٻوجهه ماڻهو وري بلاول مان اُميدون ڪيون ويٺا هئا ته اهو ڪا تبديلي آڻيندو ۽ هي جيڪا سنڌ ۾ هر پاسي لٽ مار جي بازار گرم لڳي پئي آهي، ان ۾ ڪا لاٿ ايندي، پر اهو ائين ناهي يا جيڪڏهن ائين آهي ته في الحال مفاهمت جي شهنشاهه ان جي رستا روڪ ڪري سينيٽ جي چونڊن ۾ ڪنهن ڏڦيڙ، گڙٻڙ ۽ گهمسان کي گهٽائي ڇڏيو آهي.

بلاول ڀٽو جون سياسي مصلحتون کيس خاموش رکنديون اچن، پر بلاول هڪ انسان جي حيثيت سان پنهنجي راءِ جي اظهار تان ته هٿ نه کڻي! هو جيڪو ڏينهن ۾ ڏهه ڏهه ڀيرا انٽرنيٽ تي تبصرا ڪندي خلق کي نوان بحث جا موضوع فراهم ڪندو هو، اهو هاڻ اهڙو ته غائب ٿي ويو آهي جو ڪڏهن ڄڻ ان جو ڪو سياسي ڪردار ئي نه هو ۽ اڄ جيڪڏهن اهو نروار ٿيو به آهي ته ذاتي ۽ خانداني معاملن تي، هن آصف علي زرداري جو دفاع ڪيو آهي، سڀاڻي ٻين جو به ڪندو.

حقيقت اها آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي اها پلاننگ آهي ته اٻوجهه عوام کي بيوقوف بڻائي ان کي پنهنجي پيرن جي جتي هيٺان رکجي ۽ ائين ئي هوءَ ايندڙ ڏهه سال به پڪا ڪرڻ چاهي ٿي. وقت ايندو اوهان ڏسندا ته بلاول جي وري قيادت سان بيزاري آڏو ايندي ۽ پارٽي جا اهم اڳواڻ هن جي هٿ تي بيعت ڪري وري جهمريون پائيندا، اسان جو اٽي، لٽي ۽ اجهي کان محروم عوام هڪ ڀيرو وري وهلور ٿيندو، دهل وڄندا، دما دم مست قلندر ٿيندي ۽ خلق جشن پئي ملهائيندي ۽ پردي پٺيان ويٺل هدايتڪار وڏي مرڪ سان عوام جي سادگيءَ سان ٺڳجڻ واري راند تي خوشيون پيو ملهائيندو.

سنڌ جي ساڃاهه کي ان معاملي تي ڪا تڪليف ناهي ته بلاول پيءُ جي پير تي آهي يا پيءَ کان پري بيٺل آهي، اهو اشو عوام جي مٿي جو سور نه اڳ هو، نه وري هاڻ آهي. پر پاڻ کي اها ڳڻتي ضرور ٿي ٿئي ته آخر ڇا سبب آهي جو پارٽي قيادت تي ڪو الزام هڻي ٿو ته هو ننڊ مان جاڳي اُنهن جو دفاع ڪري ٿو، پر هتي پوري ڀونءَ ٿي ڀيلجي وڃي، اُن تي کيس جُهٻي ڇو نه ٿي اچي ۽ ائين آخر ڇو آهي؟

بلاول طالبان خلاف سخت ٻولي ڳالهائيندڙ سياستدان وارو تعارف رکي ٿو، پر ڇا سبب آهي جو شڪارپور ۾ شدت پسنديءَ جا شعلا سڄو شهر ساڙي ويو، پر هن هڪ اکر به نه ڪڇيو، آخر ڇو؟ شڪارپور اڄ بارود جي ڍير تي بيٺل آهي، پر هن جي هنيانءَ ۾ ڪا چهندڙي نه پئي آهي، آخر ڇو؟

15 فيبروري کان خودڪش حملو ڪندڙ ۽ ان سان ساٿ ڏيندڙ همراهن جي بي نقابي لاءِ شڪارپور مان احتجاجي لانگ مارچ جاري آهي ۽ هاڻ اچي سنڌ جي وڏي وزير اڳيان اهو سوال کڻي پهتو آهي ته آخر ڇا ڳالهه آهي، ڪهڙي مجبوري ۽ ڪهڙو خوف آهي جو اوهان ٻڌايو نه ٿا ته شڪارپور کي باهه ڏانهن ڌڪيندڙ ڪير آهن؟

شهداءِ ورثاءَ ڪاميٽي جو چيئرمين پروفيسر مقصود ڊومڪي چوي ٿو ته وزيراعليٰ 20 لک جو چيڪ ڏئي سمجهي ٿو ته ان ڪو وڏو احسان ڪيو آهي. شڪارپور ۾ طالبان دهشتگردن هڪ خودڪش بمبار جي موت عيوض سندن پونئيرن کي 24 لک ڏنا آهن، مطلب ته هنن اهو رياست کي نياپو ڏنو آهي ته توهان جيتري مدد ڪندا اسان ان کان وڌيڪ پنهنجي جنتين جي خاندانن کي ڏينداسون.

حيرت ۽ افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته سنڌ سرڪار هر طرح ۽ طريقي سان لانگ مارچ ڪندڙن کي روڪڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي پر نه رڪيا، سوال اهو آهي ته احتجاج ڪندڙن جي گهُر ئي ڪهڙي هئي؟ جنهن کان سادات سڳوري کي خوف پئي ٿيو ۽ ان احتجاج جي آجيان ڪرڻ بدران متاثرن تي دٻاءُ وجهڻ کي ڪٿان جي تهذيب، اخلاقيات ۽ شرافت ۾ ليکيو وڃي ٿو؟ ڇا بلاول انهن اڳواڻن جي ڪن مهٽ ڪندو جن وقت بوقت وڃي احتجاج ڪندڙن کي خاموش ٿيڻ جا پئي درس ڏنا. منهنجو ذاتي خيال آهي ته ان حوالي سان جيڪو به ماڻهو متاثرين ڏي لڙي ويو آهي، اهو تاريخ جو ڏوهاري آهي، ان کي اهو ڪنهن حق ۽ مينڊٽ نه ڏنو هو ته اهو وڃي کين صبر جي تلقين ڪري ۽ دهشتگردن کي لڪائي. جن ماڻهن احتجاج روڪرائڻ ٿي گهريو تن حقيقت ۾ طالبان جي طرفداري جو ثبوت فراهم ڪيو آهي. ان ڪري انهن ماڻهن سان ڀت برادري ختم ڪرڻ گهرجي، جيڪي فرقيواريت جي بنياد تي زهريلي سوچن جي نتيجي ۾ شهر جا شهر چٽ ڪندڙن جا سڌي يا اڻ سڌي ريت ساٿاري آهن. سنڌ جي وڏي وزير کان ڪامورن ڪڙن ۽ پ پ جي وزيرن مشيرن مان ڪنهن ۾ به اها همت نه ٿي آهي جو اهي کلي ريت شڪارپور ۾ مذهبي جماعتن جي جهنڊي هيٺ ٿيندڙ جهاد جي آڙ ۾ تخريبڪارين جو تعاقب ڪن، اهي ڏسن ۽ جاچن ته مدرسن ۽ عبادتگاهن ۾ ڪهڙي ذهنيت وارا ماڻهو ڪيئن نفرتن کي هوا ڏئي رهيا آهن. مون کي ته شڪارپور جي سياسي، سماجي ڌرين تي حيرت آهي ته انهن نانگن کي نروار ڪرڻ بدران خاموش ٿيا ويٺا آهن. ٻي طرف اهي ماڻهو آهن جيڪي سماج ۾ زهر اوتيندا رهن ٿا، تن شڪارپور سميت سڄي سنڌ کي يرغمال ڪري ڇڏيو آهي. اڄ به انهن وٽ وڏي پئماني تي ڏنڊا بردار فورس آهي، اهي اڄ به نفرت جو واپار ڪن ٿا پر ڪو انهن کي روڪڻ ٽوڪڻ وارو ناهي.

اسان قلمڪارن وٽ قلم کانسواءِ ٻيو ڪو هٿيار ناهي. ٿيڻ ته ائين گهرجي ته قلم جو جواب به قلم سان آڏو اچڻ گهرجي پر جن وٽ قلم جي حرمت ئي ناهي اهي تلوار جي ٻولي ڳالهائيندا آهن پر سوال اهو آهي ته تلوار سر سسيءَ کان ڌار ڪري ته سگهي ٿي، ڇا اها سوچ تي به ڪو وار ڪري سگهي ٿي؟ بلاول ڀٽو هن ڀونءِ کي دهشت جي باهه ۾ سڙڻ کان بچائي ۽ پنهنجي همراهن کي سمجهائي، اهي سياڻا ٿين ڏاها ٿين، ڏيهه کي ”ڏنگن“ جي رحم ڪرم تي نه ڇڏيو وڃي.

*************

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *