ڊاڪٽر عاصم جو ڪيس الجهي رهيو آهي.!!!: غلام مصطفيٰ جمالي

اڳوڻي صدرپاڪستان آصف علي زرداري جي ويجهي ساٿي ڊاڪٽر عاصم تي ڪرپشن.مني لارنڊنگ،اختيارين جو ناجائزاستعمال.سرڪاري پلاٽن تي اڏاوتون ڪرائڻ. جهادي تنظيمن ۽ لياري گينگ وار جي 28 زخمي دهشتگردن جو رعايتي اگهن تي علاج ڪرڻ سيمت اربين رپين جي ڪرپشن سيمت ڪيترائي ڪيس داخل آهن.جڏهن ته ريجنرس.پوليس کان پوءِ هن وقت ڊاڪٽر عاصم نيب جو مهمان آهي.ڊاڪٽر عاصم تي اهو الزام آهي ته هو جڏهن پيٽروليم جو وزيرهو. ته ان وقت هن پنهنجي مليل اختيارين جو ناجائز فائدو ورتو.۽ مختلف ماڻهن کان رشوت وٺي ڪري ڪڙورين رپين جي ڪرپشن ڪري اربين رپيا گڏ ڪيا.جڏهن ته اهو سڀ ڪجهه سنڌ ۾ ٿيو جتي ان وقت به پ پ جي حڪومت هئي ۽ هن وقت به پ پ جي ئي حڪومت آهي.۽ فرق صرف ايترو آهي ته هن وقت پ پ وفاق ۽ سنڌ ٻنهي تي حڪومت ڪري رهي هئي ۽ هن وقت پ پ صرف سنڌ تي حڪومت ڪري رهي آهي.ڊاڪٽر عاصم جنهن جي باري ٻڏايو وڃي ٿو ته هو آصف علي زرادي جي تمام گهڻي ويجهن دوستن مان هو.جنهن جي گرفتاري کان پوءِ سموري پ پ قيادت حرڪت ۾ اڇي وئي آهي.جڏهن ته جنهن ڏينهن ڊاڪٽر عاصم ريجنرس هٿان گرفتار ٿيو هو.ان ڏينهن کان وٺي ئي پ پ قيادت جي اها ڪوشش هئي ته ڪهڙي نموني سان ڊاڪٽر عاصم جي ريجنرس کان جان ڇڏائي وڃي.ڇو ته ان وقت ريجنرس وٽ قيد ڊاڪٽر عاصم جنهن جي باري ۾ ملڪ اندر اها ڳالهه عام هئي ته هن ريجنرس کي ڪجهه اهڙا اعترافي بيان ڏنا آهن.جن سان وڏا وڏا سياسي ڌاڙا بي نقاب ٿيندا.جڏهن ته ان وقت ملڪ جا سمورا چئينل ۽ اخبارون انهي خبرن تي بحث ڪري رهيون هنيون.ڊاڪٽر عاصم تي ريجنرس جي گواهي کانپوءِ ڪراچي جي مڪامي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو.پر انهي ڪيس جي رزلٽ اها ئي آئي جيڪا سنڌ حڪومت ۽ آصف علي زرادي چاهيندي هئي.جڏهن ته انهي پوليس ڪيس اهو به انساني ذهن اندر هڪ تاثر پيدا ڪيو ته  پ پ سنڌ اندر واقعي پنهنجو معيار ۽ پاور رکي ٿي.جنهن جو اندازو انهي ڳالهه مان لڳائي سهگجي ٿو ته ڊاڪٽر عاصم جي گرفتاري کي ڏسي ڪري.سنڌ حڪومت کي وفاق سان به انهي معاملي تي مهاڏو اٽڪائڻو پيو. نيٺ سنڌ حڪومت ۽ وفاق جي لفظي ويڙه ان وقت ختم ٿي جڏهن سنڌ حڪومت پنهنجو سموريون ڳالهيون مڃرائي پوءِ ريجنرس مدي ۾ واڌ جي اعلان جي حامي ڀري.هن وقت پ پ جي سربراه آصف علي رزداري ڪيترن ئي ڏينهن کان وٺي ڊبئي ۾ تريسل آهي. جڏهن ته ڪجهه مهينا پهرين اوچتو سمعودي عرب پهچي ويو هو.جڏهن ته آصف علي زرادي جو اوچتو ٻاهر وڃڻ ۽ پارٽي جا سمورا اجلاس دبئي ۾ ڪرڻ جي پٺيان ڪهڙو راز آهي.اهو شايد اڃان به راز آهي.

جڏهن ته ڪرپشن جا جيڪو داغ ڊاڪٽر عاصم جي جي ڪيئر تي لڳو آهي انهي جا ڪجهه ڇنڊا شايد آصف علي زرادي تي به نه ڪريا هجن.۽ شايد اها ئي حيقيت آهي جيڪا کيس ملڪ نه اڃڻ لاءِ مجبور پئي ڪري.جڏهن مڪاني چونڊن جي پهرين،ٻئي ۽ ٽئي مرحلي ۾ پارٽي کي سندس تمام گهڻي سخت ضروت هئي.۽ پارٽي جو چيئرمين هجڻ جي ناتي کيس ملڪ اندر ئي رهڻو هو.پر ان جي باجود به به هو ملڪ اچي نه سهگيو.پر شايد هاڻ هو ملڪ اچي يا نه اچي انهي جي باري ۾ به ڪو  بيان نه اچي رهيو آهي. ڊاڪٽر عاصم ڪيس جي باري ۾ نظر وجهي ته هو پوليس جي ڪيس جانچ مطابق بي گناه ۽ معصوم آهي.جڏهن ته اهڙي رپورٽ پوليس عدالت ۾ پيش ڪري نه رڳو ريجنرس جي گواهي کي ڪوڙو ڪيو هو پر ريجنرس خد انهي بيان تي پريشان آهي.جڏهن ته ڏسجي اگر اهڙي ڳالهه آهي ته پوءِ ريجنرس جي ڪهڙي دشمني هئي جو هو ڊاڪٽر عاصم کي گرفتار ڪري ها.۽ گرفتار ڪرڻ کانپوءِ کيس ڪيس به هڪ وڏي قطار ۾ ڦاسائي ها.جڏهن ته سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي ته اڄ تائين ڊاڪٽر به اهڙو بيان ناهي ڏنو.جنهن مان اهو ظاهر ٿي ته هن سان ڪا ريجنرس جي ذاتي دشمني آهي.!جڏهن ته ڊاڪٽر عاصم جي ڪيس کي وٺي ڪري سنڌ حڪومت تي وڌيڪ ڳالهيون ٿي رهيون آهن .ته اگر ڊاڪٽر عاصم اڃان وڌيڪ ريجنرس وٽ رهي ها ته اڃان گهڻا سچ سامهون اچن هان.شايد اها به وجهه هئي جو سنڌ حڪومت کي ريجنرس تي ايڪشن کڻڻو پيو ۽ ريجنرس مدي واري واڌ جي وٺي ڪري پوري ملڪ ماحول کي گرم ڪري ڇڏيو.جڏهن ته سنڌ حڪومت کي سنڀاليندڙ پ پ هن وقت اهڙي ڪنهن به پريشاني کي منهن ڏيڻ جي قابل ناهي.جنهن اندر فوج يا ريجنرس سان مهاڏو اٽيڪل هجي.هن وقت پ پ خد پريشانين کي منهن  ڏئي رهي آهي.ڇو ته پنجاب ۽ ڪي پي ڪي مان پ پ مڪمل ختم ٿيندي نظر پئي اچي.۽ هاڻ جيڪا باقي رهيل اپوزيشن هئي اها ڊاڪٽر عاصم ڪيس ختم ڪري ڇڏي.وفاق چاهي ٿي ته ڊاڪٽر عاصم ڪيس کي پنهنجي انجام تائين پهچايو وڃي.جڏهن ته انهي ڪيس اندر هڪ ديوار آهي جيڪا سنڌ حڪومت جي صورت ۾ آهي.۽ سنڌ حڪومت سري عام ڊاڪٽر عاصم جي مدد ڪري رهي آهي.جنهن کان پوءِ ڪيس سلجهڻ بجاءِ الجهجي رهيو آهي.جڏهن ته انهي ڪيس کي ڏٺي ڪري سنڌ حڪومت ۽ ريجنرس وچ ۾ پڻ اختلاف ٿي ويا آهن.۽ شايد اهي اختلاف ختم نه ٿيا ته سنڌ ۾ گورنر راج به لاڳو ٿي سگهي ٿو.جڏهن ته اهڙو اختيار وفاق وٽ آهي ته هو گورنر راج لاڳو ڪري سگهي ٿي.۽ جيڪڏهن اسٽيبلشمنٽ اشارو ڏنو ته اهين به ٿي سگهي ٿو.هن ڪري سنڌ حڪومت کي جيڪو به فيصلو ڪرڻو آهي اهو سوچي سمجهي ڪرڻ گهرجي.جڏهن وفاقي وزير چوڏري نثار پڻ اهڙو بيان ڏنو هو ته وٺس ڊاڪثر عاصم جي ٻه سئو ڪراڪن جي اعترافي وڊيو پيل آهي.جنهن کي هن منظر عام تي آڻڻ جو پڻ اعلان ڪيو آهي.جڏهن ته ڊاڪٽر عاصم جي ڪيس کي وڌيڪ سوڙهو ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر عاصم جي گهر ڀاتين جي به ڪرپشن ڪيس کي جاچ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.جنهن اندر ڊاڪٽر جي ماءُ،ڌي،پٽ کانسواءِ سندس ناٺين کان به پڇا ڪئي ويندي.ٻئي طرف پ پ جي نوجوان قيادت بلاول ڀٽو زرداري ڪالهه پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته ن ليگ ايترو ظلم ڪري جيترو هو برداشت ڪري سگهي.جيڪو هن آزاد ڪشمير ۾ مارجي ويل پ پ ڪارڪنن جي باري ۾ چيو.ٻئي طرف ڊاڪٽر عاصم گذريل ڪيس جي ٻڌڻي ۾  عدالت کي پڻ درخواست ڪئي ته ڪيس گرفتار ٿي 120ڏينهن ٿي ويا آهن پر اڄ تائين کيس گرفتاري وارنٽ ناهن ڏيکاريا ويا.نه ئي اڄ تائين ڪنهن به قسم جا ثبوت پيش ڪيا ويا آهن.ان دوران نيب 18دفعا نيب ۽ جاچ ادران پڇا ڳاڇا ڪئي آهي.کيس عدالت تي ڀروسو آهي،پر هاڻ سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي ته ڊاڪٽر عاصم ڪيس کي ايترو طويل ٿو پيو ڪيو وڃي.آخر انهي پٺيان ڪهڙو راز لڪل آهي.جڏهن ته ڊاڪٽر عاصم ڪيس ايترو ته الجهيل ناهي جيترو کيس الجهايو پيو وڃي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *