ڊاڪٽر خالد  محمود سومرو جي قتل واري هنڌ تي ڇا ٿيو؟ ؛خالد ٻانڀڻ

صبح جا 6 لڳي 25 منٽ ٿيا هئا، جڏهن جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري ۽ اڳوڻو سينٽر  علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو سکر جي گلشن اقبال واري علائقي ۾ مرڪزي جامع مسجد، جيڪا هو پاڻ ٺهرائي رهيو هو، ان ۾ صبح جي نماز پڙهڻ بعد پوئين صف ۾ وڃي سنتون ادا ڪرڻ لاءِ گوڏن ڀر ويهي احتيات پڙهي رهيو هو ته مسجد جي پوئين گيٽ مان اکين ڏٺن ‎شاهدن موجب ٻه هٿياربند داخل ٿيا، جن کي ٻٽون ٻڌل هيون، هڪ جي هٿ ۾ ٽي ٽي پسٽل ٻئي جي هٿ ۾، ٻه رايا آهن، پوليس موجب هڪ وٽ ايس ايم جي رائفل هئي، جڏهن ته موجود نمازين جو چوڻ آهي ته ان وٽ ڪلاشنڪوف هئي،

پسٽل واري هٿ سان اشارو ڪندي خالد محمود جي نشاندهي ڪئي ۽ باقي نمازين کي هڪل ڪئي ته ڪوبه پنهنجي هنڌ کان نه چري نه ته سڀ ماريا ويندا، جنهن بعد ڊاڪٽر تي سڌي فائرنگ ڪئي وئي، گوڏن کان ڪک ۽ پيٽ تائين پورو برسٽ هنيو ويو، گولين جا نشان ڀتين تي اڃا تائين موجود آهن، فائرنگ ڪندڙ وري مزي سان ساڳي دروازي کان ٻاهر اچي اڇي رنگ جي جئيلا ڪار ۾ چڙهي فرار ٿي ويا، ٻڌايو پيو وڃي ته حملا آور چار ڄڻا هئا، واقعي واري هنڌ مسجد ۾ وڇايل نک تي رت جا دٻا پڻ موجود آهن،

ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جمعي جي شام جو سکر  جي ليوڪس پارڪ ۾ پارٽي جو جلسو ڪيو، ان کي خطاب ڪرڻ کانپوءِ ٻڌايو پيو وڃي ته رات جو هڪ وڳي ڌاري هو پنهنجي مدرسي ۾ آرام ڪرڻ لاءِ آيو، هن سان گڏ ٻه پوليس گارڊ ڪلاشنڪوفن سان گڏ هئا، واقعي وقت هڪ گارڊ آرام ۾ ۽ ٻيو وضو ڪري رهيو هو، جن ڪابه  مزاحمت نه ڪئي ۽ نه وري جوابدارن جو ڪو پيڇو ڪيو، واقعي وقت پهتل ماڻهن ٻڌايو ته هو ون فائيوو تي باربار فون ڪندا رهيا پر ڪنهن به فون اٽينڊ نه ڪيو، هڪ ڪلاڪ کان پوءِ سکر سائيٽ ٿاڻي جي پوليس موبائيل آئي هئي، عيني شاهد سڪندر ملڪ ٻڌايو ته مدرسي ۽ مسجد واري هنڌ تي پهريان ڇپري واري مسجد هئي، بعد ۾ خالد محمود سومرو اتي مدرسو، مسجد پئي ٺهرائي جنهن جو ٻن سالن کان ڪم هلندڙ آهي،

جتي اڄ به ڪم لاءِ سرون، بجرو ريتي ۽ سيمنٽ موجود آهي، واقعي واري مسجد کي ٻه گيٽ آهن، هڪ مين گيٽ ٻيو مدرسي جي پٺيان وارو گيٽ آهي، واقعي واري وقت مدرسي جي پوئين گيٽ جو ننڍو دروازو نمازين جي اچڻ لاءِ کليل هو، مسجد جي پيش امام مولوي لطيف جمالي ٻڌايوته صبح جي نماز وقت 4 کان 5 نمازي موجود هئا، فائرنگ شرط هو سڀ بيهوش ٿي ڪري پيا هئا، ڊاڪٽر خالد محمود کي اسپتال  کڻي ويندي هن رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، ڊاڪٽر خالد محمود سومرو تي هڪ دفعو جيڪب آباد ۾ حملو ٿيو هو، تازو حملو هن تي رتو ديرو ڀرسان جلسو ڪري موٽي اچي رهيو هو ته ٿيو هو، جنهن ۾ سندس گاڏي جا شيشا ٽٽي پيا هئا، پاڻ معجزاڻي طور بچي ويو هو،

هن تي لڳ ڀڳ اڳ ۾ 5 حملا ٿي چڪا هئا، تازو سکر ۾ 6 هين ٿيل حملي ۾ هو شهيد ٿي ويو آهي،

شهيد بينظير ڀٽو، شهيد بشير خان قريشي، کان پوءِ ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي قتل سڄي سنڌ کي ڌوڏي ڇڏيو آهي، پوري سنڌ سوڳ ۾ ورتل آهي، واقعي جو اطلاع ملندي پوري سنڌ جيان پورو سکر بند ٿي ويو آهي، ڊاڪٽر خالد محمود سومرو واحد مذهبي اڳواڻ هو، جنهن جو سنڌ جي مسئلن خاص ڪري ڪالا باغ ڊيم ۽ سنڌ جي ورهاڱي واري اشو تي سنڌ جي حق ۾ موقف واضع ۽ چٽو هوندو هو، هن ڪڏهن به سوديبازي جي ڳالهه نه ڪئي، واقعي کان ڪجهه ڪلاڪ پهرين هن ليوڪس پارڪ ۾ جلسي دوران سنڌ ۾ ملندڙ نوجوانن جي چچريل لاشن تي تقرير ڪندي ڇتي تنقيد پڻ ڪئي هئي،

مان پڙهندڙ کي ٻڌايان ته جتي خالد محمود سومرو جو واقعو ٿيو آهي، اهو سکر جو انڊسٽريل ايريا ۽ ڪجهه ڳوٺ آهن، جنهن مسجد ۾ ڊاڪٽر خالد محمود سومرو کي شهيد ڪيو ويو آهي اتي سرڪاري جاچ ٽيمون پهتل آهن ۽ مختلف رخن کان جاچ ڪري رهيون آهن، ڇو ته اتان هڪ رستو شڪارپور، لاڙڪاڻي ڏانهن ٻيو رستو خيرپور ڏانهن ٽيون رستو، روهڙي ڏانهن وڃي ٿو، جاچ ٽيم  واقعي وقت مسجد ۾ موجود ماڻهن جا بيان قلم بند ڪرڻ سان گڏ گولين جا خول پڻ هٿ ڪيا آهن، جوابدارن جا اسڪيچ ٺاهيا پيا وڃن، واقعي واري هنڌ کي سيل ڪيو ويو آهي،

پر ٿيندو ڇا اڄ تائين جيترن به سياستدانن لياقت علي خان، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد بينظير ڀٽو ۽ ٻين جا ڪيترا به قتل ٿيا آهن،

انهن مان ڪنهن به هڪ جي اڄ تائين جاچ رپورٽ عوام آڏو ناهي آندي وئي، هاڻي به ايئن ٿيندو ٽيمون ٺهنديون، علائقو سيل ٿيندو هر رخ کان جاچ ٿيندي ۽ پوءِ جاچ فائيل ٻين دز چڙهيل فائيلن سان گڏ جمع ٿي ويندو، سوڳ ۾ ورتل پارٽي اڳواڻ ڪارڪن ٽن ڏينهن تائين احتجاج ڪندا، ان کان پوءِ وري موت جهڙي خاموشي ٿي ويندي،

ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جو خون به ٻين خونن جيان لڙهي ويندو، ڊي آءِ جي اسپيشل برانچ شرجيل کرل چئي ٿو ڊاڪٽر کي 12 پوليس اهلڪار ڏنل هئا، پر هن ڏهن کي واپس ڪري صرف ٻه گارڊ پاڻ سان گڏ رکيا هئا ۽ مختلف رخن کان جاچ ڪري رهيا آهيون، پر مان چوان ٿو ٿيندو ڇا ۽ اهو ئي جيڪو اڳ ٿيندو آهي. جوابدارن جي گاڏي مسجد جي پٺيان آئي هئي، جتي ٻٻرن جا گهاٽا وڻ آهن،

اکين ڏٺن شاهدن ٻڌايو ته اها گاڏي آهستي آهستي اچي انهن وڻن ۾ بيٺي هئي ۽ ان گاڏي ۾ سوار هٿياربندن سنڌ کان وري شينهن جهڙي گجگوڙ ڪندڙ آواز کسي ڇڏيو، گولي کي ڪو رحم نه آيو ته هو ڪنهن جي جسم ۾ پيوند ٿيڻ پئي وڃي، ڏسندي ڏسندي چوڌاري آهون، سڏڪا برپا ٿي ويا، ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي پٽ جي گهر ۾ شادي واريون خوشيون گهري ماتم ۾ تبديل ٿي ويون، سڄي سنڌ سڪتي ۾ وٺجي وئي، هاڻي ڏسجي ته اڳتي ڇا ٿيندو؟!

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *