ڊارڪ از ڊوائين ؛ارم گل

قدرت ۽ انساني سوچ جي لامحدود اصولن مان هڪ اصول اهو به آهي ته انسان جي دل کي هر اها شيءِ وڻندي آهي، جيڪا پُرڪشش ۽ خوبصورت هجي، پوءِ اها خوبصورتي ڪهڙي به ٿي سگهي ٿي. جيئن ڪنهن جي دل کي خوبصورت چهرو، ڪنهن کي خوش اخلاق، ڪنهن کي ڳالهائڻ، ته وري ڪنهن کي ڪنهن جي انا، ضد يا ڪاوڙ وڻندي آهي، پر اهو ان صورت ۾ ممڪن هوندو آهي، جڏهن ڪير ڪنهن جي محبت ۾ گرفتار هجي يا وري ڪا ٻي ويجهڙائي هجي، پر اهو دنيا ۾ عام رواج آهي ته سٺي سيرت، دل، اخلاق ۽ ٻيون خوبيون پوءِ خوبصورت چهرو اوليت رکندو آهي. دنيا ۾ رنگ جي بنياد تي انسانن ۾ فرق پيدا ڪرڻ وارو مسئلو عام هلي رهيو آهي. ان جو زنده مثال نيلسن منڊيلا جي زندگي آهي، جنهن پنهنجي زندگي ۾ ئي گهري رنگ وارن ماڻهن کي انساني حقن کان نه صرف آگاهه ڪيو پر کين حق ڏيارڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ اڄ دنيا نيلسن منڊيلا کي رنگ جي بنياد تي نه بلڪه عمل جي بنياد تي ياد رکندي پئي اچي، پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اڄ به نسل پرستي ۽ رنگ جي بنياد تي فرق ڪرڻ واري مسئلي جو خاتمو نه ٿي سگهيو آهي. اڄ به جنهن جو رنگ گهرو يا سانورو آهي، ان کي گهٽ سمجهيو ويندو آهي ۽ جنهن جو رنگ صاف ۽ اڇو آهي، ان کي دنيا جو حسين ۽ خوشقسمت سمجهيو ٿو وڃي، پر اهڙي سوچ رکڻ وارن ماڻهن کان هڪ سوال آهي ته اڇي رنگ وارو وڌيڪ ۽ گهري يا سانوري رنگ وارو گهٽ آهي. اهو ڪهڙي ڪتاب ۾ ڪهڙي ڏاهي چيو آهي؟ جڏهن ته ٻئي رنگ قدرت جي پيداوار آهن ته پوءِ انساني سوچ ۾ اهو فرق ڇو؟

گهٽ شعور رکندڙ سماجن ۾ بيمار ذهنيت وارا ماڻهو هر شيءِ ۾ فرق پيدا ڪري پاڻ کي محدود ڪري ڇڏيندا آهن ۽ بدقسمتيءَ سان اسان به هڪ اهڙي ئي معاشري جو حصو آهيون، جتي اڪثر ڪري اڇي رنگ وارن ماڻهن کي اوليت ڏني ويندي آهي، ڀلي پوءِ اهو گهر ۾ رهندڙ ٻن اڇن ڀاءُ ڀيڻ ۾ هڪ گهري رنگ وارو هجي يا دوستن جو ڪو گروپ هجي، ان گهري رنگ واري انسان کي گهٽ فوقيت ملندي آهي ۽ هاڻي ته وڌيڪ بگاڙ اڇي رنگ ڪرڻ واري ڪريم ڪيو آهي، جنهن سبب گهري يا سانوري رنگ وارا ماڻهو وڏي ذهني دٻاءُ ۾ مبتلا ٿين ٿا. ڇاڪاڻ ته معاشي بحران سبب مڊل ڪلاس جي ماڻهن جي انهن تائين رسائي ممڪن نه ٿي هجي. ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا به ان ڪامپليڪس کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ڇو ته اتان ئي ڀيٽ ڪرڻ جي شروعات ٿي رهي آهي ۽ هن مسئلي کان عورتون خاص طور تي نوجوان ڇوڪريون ته وڌيڪ متاثر ٿي رهيون آهن، جنهن جي نتيجي ۾ هو پنهنجي اندر مان خوداعتمادي ختم ڪري ڇڏين ٿيون ۽ اهڙي ناڪاري سوچن ۽ ڏوهن کي جنم ڏين ٿيون، جن جو ڪو مثال ناهي. جيئن، گهري رنگ وارين ڇوڪرين لاءِ سٺا رشتا ناهن ايندا ۽ گهڻي قدر ته انهن کي ڏکيا لفظ ٻڌڻ لاءِ ملندا آهن ۽ ڪيترائي رشتا رنگ جي بنياد تي کين ٺڪرائي ويندا آهن، تنهن کانسواءِ نوان ڪريم ۽ جديد تجربن جي ذريعي هو پنهنجي چهري جو مذاق اُڏائينديون آهن ۽ احساسِ ڪمتريءَ جو شڪار بڻجي زندگيءَ مان مايوس ٿي وينديون آهن.

عام طرح اهو چيو ويندو آهي ته اهڙي سوچ گهٽ پڙهيلن جي هوندي آهي، پڙهيل لکيل ماڻهو ائين ناهن سوچيندا. بلڪل، ائين ئي آهي، پر هر پڙهيل لکيل شخص جي اها سوچ ناهي هوندي. ڇو ته اڻ پڙهيل ماڻهن کي ته ڪنهن ڳالهه جو ادراڪ ئي ناهي هوندو. جڏهن ته اڄڪلهه جا پڙهيل لکيل باشعور فرد ان فرق کي هٿي ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ٿا ۽ هو پنهنجي تعليم جو صرف نوڪري ۽ ڪاروبار جي حد تائين استعمال ڪن ٿا. جڏهن ته انساني سوچ کي بهتر ڪرڻ ۾ تعليم جو وڏو ڪردار آهي، حالانڪ رنگ جي بنياد تي فرق ڪرڻ انساني حقن جي لتاڙ وانگر آهي. رنگ قدرت جي ڏنل هڪ نعمت مان آهي، جنهن کي جيڪو نوازي پوءِ ان جو ذميوار ڪنهن ٻي انسان کي بڻائي سزا ڏيڻ ڪٿان جي عقلمندي آهي؟ نه صرف ان فرق سان گهري يا سانوري رنگ وارا ماڻهو متاثر ٿين ٿا، بلڪه اڇي ۽ صاف رنگ وارا ماڻهو به ساڳي ئي ذهني بيماري ۾ ڦاسي پون ٿا، جيئن انهن ۾ غرور ۽ وڏائي پيدا ٿي ويندي آهي ۽ پاڻ کي وڌيڪ ٺاهڻ جي چڪر ۾ انسانيت ۽ اخلاقيات کان پري ٿي ويندا آهن. بس اها ننڍڙي ڳالهه سمجهائڻ لاءِ اسلام آباد ۾ ”ڊارڪ از ڊوائين“ جي نالي هڪ تحريڪ شروع ڪئي وئي آهي، جنهن جو مقصد پاڪستان سميت پوري ايشيا ۾ مثبت ذهنن کي جنم ڏيڻ آهي. اهي مرد ۽ عورتون، جيڪي گهري يا سانوري رنگ جا هوندي پاڻ کي گهٽ يا پاڻ ۾ اها ڪمي محسوس ڪن ٿيون، انهن کي اهو سمجهائڻو آهي ته خوبصورتي گهري سانوري يا اڇي رنگ سان ناهي هوندي، بلڪ همت، حوصلي ۽ خوداعتمادي سان هوندي آهي. رنگ جي بنياد تي انسانن ۾ فرق پيدا ڪرڻ هڪ ذهني بيماري آهي، جيڪا انسان کي اندر ئي اندر ۾ کوکلو ڪري ٿي ڇڏي. هن مهم جو مقصد ماڻهن کي اهو سمجهائڻ آهي ته صرف چمڙي جي خوبصورتيءَ جي چڪر ۾ پنهنجي اصل خوبصورتي کي نه وڃايو. هن مهم جو مقصد اها دعويٰ ڪرڻ آهي ته سماج ۾ هر انسان کي هڪجهڙا موقعا ڏنا وڃن. هن مهم جي ضرورت ان ڪري محسوس ڪئي وئي، ڇاڪاڻ ته روز اسان جي سماج ۾ انيڪ نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون بهترين موقعن ۽ ملازمت کان محروم رهن ٿا. مٿان هر پاسي کان مايوسي ۽ ٺڪرائڻ سبب ذهني بيمارين ۾ مبتلا ٿي وڃن ٿا ۽ سٺن رشتن ۽ موقعن جي انتظار ۾ پنهنجو عقل ۽ فهم وڃائي ويهن ٿا، جنهن جي نتيجي ۾ هو آسمان ڏانهن نهارڻ ئي ڇڏي ٿا ڏين. جڏهن ته زمين تي رهندڙ هر انسان جو اهو بنيادي حق آهي ته هو آسمان کي ڏسي ۽ ان تائين پهچڻ لاءِ اڇي رنگ جو نه بلڪه بهترين ڪارگردگي ۽ سخت محنت ڏانهن راغب ٿئي.

فاطمه لوڌي، جنهن ان مهم جي شرعات ڪئي آهي، خوبصورت چهرو ٺاهڻ اڄڪلهه جي جديد دور ۾ ڪو مشڪل ڪم ناهي پر مشڪل آهي ته پاڻ ۾ انسانيت ۽ هڪجهڙائي قائم ڪرڻ، هڪ صحتمند معاشرو قائم ڪرڻ، ڇاڪاڻ ته سائنس به ان معاملي ۾ پوئتي آهي. انسانيت کي انسان ئي قائم ۽ دائم رکي سگهن ٿا. قدرت مختلف رنگ ان لاءِ ناهن ٺاهيا ته انسان پاڻ ۾ فرق پيدا ڪري، هڪ ٻئي کي گهٽ سمجهي. بلڪه قدرت مختلف رنگ ان لاءِ ٺاهيا آهن ته جيئن انسان قدرت جي هر پيدا ڪيل شيءِ کي قبول ڪري ۽ خوش رهي. اسان سڀني کي هن اهم نقطي تي نه صرف سوچڻ گهرجي پر عملي قدم کڻي هن مهم جو حصو بڻجڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *