ڇا پاڪ- ڀارت تڪرار سيڪريٽري سطح تي نبرندو؟ ؛ارشاد ڪاغذي

پاڪ- هند جي سيڪريٽري سطح جي گڏجاڻي ٿي گذري. هند جي پرڏيهي سيڪريٽري سارڪ ياترا تي نڪتو آهي. ڀوٽان، بنگلاديش، پاڪستان جو دورو ڪري سارڪ ملڪن جي هم منصبن، اعليٰ سرڪاري عملدارن ۽ سربراهن سان ملاقاتون ڪيون آهن. جي شنڪر جي ڏکڻ ايشيا جي سارڪ ملڪن جو تعارفي دورو آهي، جنهن ۾ پنهنجي هم منصبن سان عليڪ سليڪ ڪرڻ ۽ ڳالهين کي سمجهڻ تائين محدود آهي. ان ۾ ڪا گهڻي پيشرفت يا اڳڀرائي ٿيڻ جي ڪابه اميد نٿي رکي سگھجي. جي شنڪر جي ڪم ڪرڻ جو پنهنجو طريقو آهي يا وري ايئن چئي سگھجي ٿو ته امريڪا جي افغانستان مان فوج ڪڍڻ کان پوءِ هندستان پنهنجي پرڏيهي پاليسي کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ هڪ نئون پلان جوڙيو هجي. پر منهنجي توريل تڪيل راءِ هيءَ آهي ته ڀارت پنهنجي ساک کي بچائڻ لاءِ سفارتڪاري جو سهارو وٺي پاڪستان ۽ سارڪ ملڪن سان نئين سر همقدم ۽ هم ڪلام ٿيڻ جو گس اختيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هو ڪيترو ڪامياب ٿو وڃي؟ سو وقت ئي ٻُڌائيندو، پر شرط هي آهي ته هو پنهنجو بالادستي وارو رويو بدلائي ته اصل مسئلو حل ٿي سگھي ٿو. جيڪو بظاهر ويجهڙ  ۾ ٿيندي نظر نٿو اچي. پر اميد ڪجي ٿي ته ڀارت ۽ پاڪستان دشمنيءَ کي ڇڏي دوستي ڪندا ته جيئن ٻنهي ملڪن ۾ سازگار ماحول جڙي سگھي.

ڀارت جو پرڏيهي سيڪريٽري سبرانيم جي شنڪر ماهر سفارتڪار آهي. هن انٽرنيشنل رليشن ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي آهي ۽ نيوڪليئر ڊپلوميسي ۾ امتيازي سند (Specialization) ڪئي آهي. سندس والد صاحب ماڊرن چاڻڪيا ڪوٺبو آهي. ياد رهي ته چاڻڪيا موريا سلطنت جو پيل پائو هو. هو پروفيسر، قانون جو ماهر، حسابن جو ماهر، جنهن ارٿ شاستر ڪتاب لکيو هو. هند جو پرڏيهي سيڪريٽري سادو، قابل ۽ تڪرارن کي ڳالهين ذريعي سلجهائڻ ۾ مهارت رکي ٿو. چين ۽ امريڪا ۾ سفير رهڻ دوران هن ڪيئي سٺا ڪارناما سرانجام ڏنا. چين ۽ ڀارت جي لاڳاپن کي بهتر بنايو ۽ امريڪا سان سول نيوڪليئر واري معاملي تي تاريخي قدم، هن جي صلاحيتن جي ڪري ممڪن ٿي سگھيو. هينئر سارڪ ۽ هن خطي، خاص طرح سان پاڪستان جي تڪرار کي ڪيئن حل ڪرائيندو؟ اهو چئي نٿو سگھجي. جي شنڪر عهدو سنڀالڻ وقت چيو هو ته ”هو سرڪار جي ترجيحات جي پوري پابندي ڪندو.“ ان جو سولو مطلب هي آهي ته مودي سرڪار جيڪي فيصلا ڪندي، ان جو پابند رهندو. هونئن به هي ڪري ڇا ٿو سگھي؟ تنهن ڪري وڏي توقع ۽ اميد رکڻ نه گھرجي ته جلدي سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.

ڀارت جي وزيراعظم نريندر مودي 13 فيبروري تي ڪرڪيٽ ڊپلوميسي تحت پاڪستان جي وزيراعظم کي فون ڪري سيڪريٽري سطح تي ڳالهين جي آڇ ڪئي ۽ پنهنجو سيڪريٽري موڪلڻ جو اعلان ڪيو. سو ڀارتي سيڪريٽري هتي آيو ۽ جيڪي ڳالهيون ٿيون، ان ۾ فقط هڪٻئي کي ڏوراپا ڏنا ويا. پاڪستان کيس پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪيو ۽ سمجهوتا ايڪسپريس سميت بلوچستان، فاٽا ۽ ٻين هنڌن تي ڀارتي مداخلت ۽ دراندازي جو معاملو اٿاريو. ان کان علاوه سيز فائر جي خلاف ورزين، ڪشمير، سرڪريڪ ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. هند جي پرڏيهي سيڪريٽري پاڪستان جي وزيراعظم سان ملاقات ڪئي ۽ ڀارت جي پرڌان منتري جو خط ڏنو.

مون مٿي عرض ڪيو هو ته هي دورو تعارفي هو، تنهن ڪري ڪي خاص فيصلا ڪيا وڃن، اهو ممڪن ئي نه هو. پر هڪ ڳالهه سڀني کان سٺي ٿي ته سيڪريٽري سطح تي ڳالهيون جاري رکڻ جو اشارو ڏنو ويو آهي. پر پوءِ به انهن جي مرضي آهي ته ڪنهن به وقت ڳالهين کي پٺي ڏيئي سگھجي ٿي. جيئن ڀارت آگسٽ 2014ع ۾ ڪيو. بهانو اهو بنايو ته پاڪستان جي اختيارن حريت ڪانفرنس جي اڳواڻن سان ڇو ڳالهايو؟ جڏهن ته پاڪستان چيو ته اسان گذريل ٽيهه سالن کان ڪشميرين سان ڳالهه ٻولهه ڪندا رهندا آهيون. سرتاج عزيز ايترو مڃيو ته حريت ڪانفرنس جي اڳواڻن سان ڳالهائڻ جو وقت صحيح نه هو، وقت جي نزاڪت اها هئي ته ڪشميرين سان ٻي مناسب موقعي تي ڳالهايو وڃي ها ته چڱو هو.

پاڪ – هند جي تڪرار تي نظر ڦيرائجي ٿي ته هن مهل تائين ٽي جنگيون لڳيون آهن. ٻنهي ملڪن جي آزاد ٿيڻ کان پوءِ ڪشمير تي هندستان زوري قبضو ڪيو ۽ ان کان پوءِ به ڪيئي لڙايون ٿيون. ان سبب ٻنهي ملڪن جو رويو جارحاڻو رهندو آيو. هڪٻئي جي خلاف سازشون سٽيون ويون ۽ دخل اندازي کي همٿايو ويو. هندستان مشرقي پاڪستان ۾ اڳرائي ڪري بنگلاديش بڻايو، ٻي طرف هتان ڪشميرين جي مدد ٿيندي رهي. تنهن ڪري مون کي نٿو لڳي ته سيڪريٽري سطح تي ڪو ٻوٽو ٻاري سگھجي ٿو، پر هيءُ نماءُ آهي، جيڪو ڊپلوميسي جي نالي ۾ پنهنجي ملڪ جي عوام ۽ دنيا کي بيوقوف بنائڻ آهي.

ڀارت جي تڏهوڪي وزيراعظم راجيو گانڌي جو خاص صلاحڪار بهرام نام لکي ٿو ته ”پاڪستان جو صدر ضياءُالحق بنا دعوت جي پاڪ – ڀارت ڪرڪيٽ ميچ ڏسڻ لاءِ 1987ع ۾ چنائي ويو. هو دهلي ايئرپورٽ تي لٿو. وزيراعظم راجيو گانڌي هن سان ملڻ لاءِ تيار نه هو. ڪابينا جي وزيرن ۽ مخالف ڌر جي زور ڀرڻ تي هو ضياءَ جي آجيان لاءِ دهلي ايئرپورٽ تي ويو. راجيو بي رخي ۽ سرد مهري سان هن سان مليو. راجيو جي توهين آميز سلوڪ جي باوجود جنرل ضياءُاالحق وڏي گرمجوشي سان هن سان ۽ ٻين سان هٿ ملايو. روانگي کان اڳ ۾ ضياءَ راجيو گانڌي جي ويجهو آيو ۽ کيس چيو مسٽر راجيو توهان پاڪستان تي حملو ڪرڻ گھرو ٿا، پر هڪ ڳالهه ذهن نشين ڪندا، دنيا هلاڪو خان ۽ چنگيز خان کي وساري ڇڏيندي ۽ فقط ضياءُ ۽ راجيو گانڌي کي ياد رکندي. ڇاڪاڻ ته جنگ روايتي هٿيارن سان نه پر ايٽمي هٿيارن سان وڙهي ويندي. ان صورتحال ۾ پاڪستان مڪمل تباهه ٿي سگهي ٿو پر پوءِ به دنيا ۾ مسلمان موجود رهندا

*******جاري*****

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *