ڇا وزيراعظم جي استيفيٰ تي اتفاق ٿي سگهندو.؟؟: غلا مصطفيٰ جمالي

شايد اها ڳالهه عمران خان جي لاءِ اڻوڻندڙ هجي. ڇو ته ميان نواز شريف جي استيفيٰ جنهن لاءِ عمران خان پنهنجي سموري سياسي طاقت آزمائي ڇڏي آهي .انهي استيفيٰ تي اتفاق نه ٿي سگهيو.جڏهن ته تجزيڪار پهرين به اهي ئي چئي رهيا ته عمران خان ڀلي ڪيتيريون ئي ڪوششون ڪري پر جيڪو مقصد هو اپوزيشن مان وٺڻ ڇو چاهي اهو کيس ڪڏهن به نه ملي سگهندو. ملڻ ته پري جي ڳالهه آهي ويتر کيس وٺڻ  جي بدران ڏيڻو پوندو.عمران خان صاحب اپوزيشن کي وٺي ڪري وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪري رهيو هو جنهن مان اهو ان وقت ظاهر ٿي رهيو هو ته انهي اپوزيشن اجلاس اندر ميان صاحب جي استيفيٰ پڪي آهي.پر اهين ٿي نه سگهيو.۽ عمران کي جيتري اپوزيشن مان اميد هئي انهي اميد مان کيس افسوس جو نااميد ٿيڻو پيو.اعتراز احسن ته تمام گهڻي نرم لهجي سان اهو چئي رهيو هو ته اپوزيشن جماعتون ميان نواز شريف کان استيفيٰ جو مطالبو نه ٿيو ڪن. ان ڪري انهي اختلاف جو احترام ڪيو وڃي.شيخ رشيد به چيو  ته انهي راءِ جو احترام ڪيو وڃي.پ پ ته عمران خان کي وڏي اونچائي تان کڻي ڪري هيٺ اڇلايو آهي.بلاول خد نواز ليگ کان استيفي جو مطالبو ڪري رهيو هو ۽ اپوزيشن اندر پ پ جو اهڙو رويو سمجهه کان ٻاهر آهي.ڇو ته جنهن ڳالهه تي ملڪ  اندر هڪ مهم هلي رهي هئي اها ڳالهه هئي ميان نواز شريف جي استيفيٰ ڏي.جيڪڏهن اها ئي رهجي ٿي وڃي ته پوءِ ته سمورو ڊرامو ئي ختم ٿي ويندو.ان کان بهتر ته اهو ئي هو ته ٻنهي پاسن کان اپوزيشن اي اين پي شير پائو قرباني ڏئي ها.۽ باقي جماعتون ملي ڪري نواز شريف جي استيفي جو مطالبو اعلانيه سهي ڪري ڇڏين هان.پر اهين به نه ڪيو ويو.پپيلز پارٽي اين اي پي شير پائو جي بيان جي موقف تي اتفاق ڪيو .جڏهن ته پ پ هڪ دفعو ٻيهر عمران خان کي اهو پيغام ڏنو آهي جنهن پيغام کي عمران خان هاڻ نه سجهيو ته پوءِ ڪڏهن به نه سجهي نه سگهندو.ڇو ته پ پ عمران خان سا ڪا به راند کيڏڻ لاءِ تيار ناهي.جيڪڏهن تيار  آهي ته پ پ پنهنجي مرضي جي راند رهندي.هڪ اهم سوال جيڪو هر ڪنهن جي ذهن ۾ ضرور آيو هوندو ته آخر اعتراز احسن ڪنهن جي ڳالهه مڃي اپوزيشن اندر اهڙو بيان ڏنو.هن بلاول جي ڳالهه مڃي يا آصف علي زرداري جي ڳالهه.!ڇو ته بلاول اڃان ڪجهه ڏينهن پهرين پنهنجي هڪ تقرير اندر اها ڳالهه وڏي آواز سان چئي رهيو هو ته هو هر حال اندر ميان نواز شريف جي استيفي چاهي هو جڏهن ته بلاول پنهنجي بيان اندر ميان نواز صاحب کي چيو ته مودي جي ياد کي هڪ ڌڪو ٻيو به ڏيو.مطلب ته پنهنجي بيان اندر بلاول نواز شريف کي مودي جو يار قرار ڏنو هو.پر اتي سوچڻ جهڙي ڳالهه اها به آهي ته انهي سموري سياست اندر آصف علي زرداري خاموش رهيو هو آصف علي زرداري جي طرفان بلاول جي تقرير جي مطعق ڪو به وضاحتي بيان ميڊيا جي سامهون نه آيو هو.ان ڪري ملڪ اندر اها ڳالهه عام هئي ته اعتراز حسن اپوزيشن اجلاس اندر پ پ جي طرفان تحريڪ انصاف جو نمائدو ٿيندو.ڇو ته بلاول ان وقت نواز ليگ جي خلاف بيان ڏئي رهيو هو ۽ پاڪستان اندر هن وقت به آصف کي ڇڏي ڪري پ پ کي بلاول جي پارٽي سڏيو پيو وڃي پر اهين ٿي نه سگهيو جنهن مان اها ڳالهه صاف ظاهر ٿيو آهي ته پاڪستاني اندر جيڪا پ پ آهي اها اڃان به آصف زرداري جي هٿ ۾ آهي انهي  پ پ جون واڳون اڃان به آصف علي زرداري جي ئي هٿ ۾ آهن.ڇو ته اهي واڳون جيڪڏهن بلاول جي هٿ ۾ هجن ها ته اعتراز احسن ڪڏهن به اهڙو بيان نه ڏئي ها جيڪو سڌو سنئون بلاول جي خلاف هجي!.ڇو ته ٻه ڏينهن پهرين پ پ جي ساڄِي ٻانهن ڏسجندڙ بلاول چوي  ٿو ته نواز شريف استيفي ڏئي ۽ ٻن ڏينهن کان پوءِ سندس ئي پارٽي جو هڪ اهم اڳواڻ سندس پارٽي جي خلاف ورزي ٿو ڪري ته ان مان صاف ظاهر آهي ته پ پ جي سياسي ماحول جو وايو منڊل تبديل ٿي ويو آهي.تجريڪار ته آصف علي کان اهو منسوب ڪري چڪا آهن ته خورشيد رشيد منهنجي ڪنٽرول ۾ آهي ۽ اعتراز احسن منهنجي ڪنٽرول ۾ ناهي.جڏهن ته بلاول جي تقرير کان پوءِ سڀئي اهو چئي رهيا هئا ته اعتراز احسن بلاول جي مشن تي نڪتل آهي.پوءِ اهو سڀني ڏٺو ته سڀ ڳالهيون هڪ طرفيون ثابت ٿيون.آخر اهو ئي ٿيو جيڪو آصف علي زرداري چاهيو ٿي.عمران ته پهرين دفعا پ پ  جي ايترو ويجهو آيو هو.جڏهن ته  اي اين  پي ۽ َآصف علي ته چولي دامن جو ساٿ آهي.آصف علي زرادي جي به اسفند يار ولي سان تمام گهڻي ويجهڙائپ آهي. ۽ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته آصف علي زرداري چاهي ته اي اين پي وزيراعظم جي استيفيٰ جو مطالبو ڪري.اي اين پي کي معلوم آهي ته سندس ڪا حيثيت ناهي.ان ڪري سندن ڪو به موقف هڪ طرفو ناهي.ان ڪري اهو بيان هڪ طرف ئي اچي نه ٿو سگهي جيستائين انهن کي ڪنهن هڪ طرفان ڪو اشارو نه ملي.

تجريڪارن جو اهو به چوڻ آهي ته اي اين پي کي لنڊن مان اهو اشارو مليو هو ته اوهين پنهنجي فيصلي تي پڪو پهه ڪري  ڇڏيجو اوهانجي انهي فيصلي جو سڀ احترام ڪندا.انهي ڪري شير پاو به پنهنجي ڳالهه تي پڪو پهه ڪري ڇڏيو.اگر اي اين پي کي شڪ هجي ها ته سندس ڳالهه به مڃي ويندي.ته ڪڏهن به اهڙو سخت موقف نه ڏين ها.ان ڪري اهو سڀ ڪجهه هڪ ڊرامو هو جيڪو عمران خان سان ڪيو ويو.۽ عمران خان به انهي ڄار ۾ هر زور ڦاسيندو ويو. عمران خان ته پنهنجي لاهور واري بيان اندر اهو به چيو هو ته هو اپوزيشن جي اجلاس اندر پنهنجي ٽي او آروز پيش ڪندو. جيڪڏهن اها ڳالهه هجي ها ته عمران خان کي گهٽ  ۾ گهٽ اهو اندو ته هجي ها ۽ هو لاهور واري جسلي اندر اهو اعلان  ته نه ڪري ها.پر هاڻ سوال اهو آهي ته هاڻ ڇا ٿيندو.ڪنهن حد تائين اهو چئي سگهجي ٿو ته استيفي واري فوڪڻي مان هوا نڪري چڪي آهي.عمران خان کي ته اپوزيشن اجلاس اتي اچي پهچايو آهي جتي شايد کيس پاڻي ڍڪ به نصيب نه ٿيندو.جيتوڻيڪ هن وقت عمران خان اڪيلو ڀلي استيفيٰ جو مطالبو به ڪري پر مان سمجهان ٿو ته اهو مطالبو ايترو اثرائتو نه هوندو.جيترو سموريون اپوزيشن پارٽيون ملي ڪري ڪن ها.انهي ڪري هن وقت تجزيڪار اهو به پچئي رهيا آهن ته عمران خان اهو سڀ ڪجهه نه پر اسڪپرٽ رائيٽرسان اهو سڀ ڪجهه ٿيو آهي.کيس وچ سمونڊ ۾ بي يارو مددگار ڇڏيو ويو آهي.جڏهن ته پ پ ته انهن سان اهڙي شطرنج راند کيڏي آهي جنهن جو اندازو به نه ٿا لڳائي سگهن.اسڪرپٽ رائٽر کي پهرين ئي رائونڊ ۾ فلاپ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.پر اميد اهائي آهي ته اسڪرپٽ رائيٽر نااميد نه ٿيندو.۽ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو.۽ سپريم ڪورٽ کان وڌيڪ اميدون لڳايون وينديون.۽ اهو چيو ويندو ته پ پ جي حمايت ته رڳو اخلاقي بنياد ئي ڪئي وئي هئي نه ته انهي حمايت جي ڪابه ضرورت به هئي.پر اها به حقيقت آهي ته پهرين رائونڊ اندر اسڪرپٽ رائٽر کي ناڪامي ملي ۽ نواز شريف کي فائدو.۽ عمران کي سياسي طور تي نقصان ۽ پ پ کي فائدو.انجي باوجود به اهو چيو پيو وڃي ته اهو بحران اڃان وڌيڪ ٽي مهينا  هلندو.ان ڪري ڏسڻو هاڻ اهو آهي ته هاڻ ڇا ٿو ٿئي ۽ اسڪرپٽ وري ڪهڙي ڪهاڻي ٿو لکي.

***

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *