هڪ پل لاءِ به ان حقيقت کي وساري نٿا سگهون ته عورت جي اها فطري خلوت پسندي هئي، جنهن ڪائنات جي هڪ زال کي مرد تي ظاهر ڪيو ۽ عورت جي اها نرمي ۽ نزاڪت هئي، جنهن حياتي جي سخت ترين منزلن کي آسان ڪيو، اتي عورتون اڄ سرعام بيگناهه ۽ بي سبب مردن هٿان تشدد بعد قتل ٿي رهيون آهن. اهڙا ڪيترائي عورتن تي تشدد جا واقعا هر روز جو معمول بڻيل آهن ۽ هر روز اخبارن جون سرخيون اهڙن خبرن سان ڀريل ملنديون. اسين صرف هڪڙي ڏينهن جي اخبار جي ٽاپ اسٽوري تي نظر وجهنداسين ته اسان کي نه ڄاڻ ڪيتريون ئي اهڙيون خبرون ملنديون، جيڪي صرف عورتن تي تشدد ۽ انهن کي بيگناهه اغوا ڪرڻ بعد انهن کي قتل ڪرڻ جون خبرون هونديون، اهڙن چند خبرن تي نظر وجهجي ٿي.مٺي ۾ ڳورهاري عورت جي لڄ لُٽي بيهوشي واري حالت ۾ جوابدار سندس لاش ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا. مائي سوڍي ميگهواڙ کي جوابدار لڇمڻ ساٿين سميت گهر ۾ گهڙي يرغمال بڻائي مَن ۾ ويٺل شيطان کي راضي ڪرڻ بعد ڦٽو ڪري ويا. پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو. هفتو اڳ اڏيرو لال مان اغوا ٿيل ناري ڪاجل کي پوليس آزاد نه ڪرائي سگهي، جڏهن ته قانون کان بالا بڻيل جوابدار، قانون جي گرفت ۾ نه اچي سگهيا آهن. جوابدار پاران وارثن کي ڌمڪين وارو سلسلو جاري آهي. چونڊيل نمائندن کي سندن وارثن تي رحم نه آيو. وارث بي يارومددگار بڻيل آهن. ڏهرڪي مان مذهب مٽائي مسلمان ٿيل ناري جا وارث انصاف لاءِ ٻاڏائي رهيا آهن، انهن جو چوڻ آهي ته ڀرچونڊي جي پيرن اسان جي نياڻي کي زبردستي اغوا ڪرائي مذهب مٽائي رياض سيال سان پرڻايو آهي، خدارا نياڻي واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.خبرن تي نظر وجهڻ کانپوءِ توهان پاڻ بخوبي اندازو لڳائي ويا هوندو ته عورتن سان ڪيڏو ظلم ڪيو پيو وڃي؟ جنهن تي اسين سوچي به نٿا سگهون.اسين هڪ اهڙي معاشري ۾ رهون ٿا جتي عورتن کي ٿوري به آزادي جو حق حاصل نه آهي، اهي سدائين عذاب ۽ عتاب سهندي زندگي گذارين ٿيون.شادي کان اڳ عورت پنهنجي پيءُ ماءُ جي گهر ۾ انهن دڙڪن، داٻن، تشدد ۽ ڏاڍ هيٺ رهي ٿي، جڏهن ته شادي بعد پنهنجي مڙس جي گهر پهچڻ بعد به ساڳيو سلسلو مڙس طرفان برقرار رهي ٿو، اهڙي معاشري ۾ آخر ”عورت ڪنهن در دانهن ڏي؟“ عورت هڪ گونگي جي مثل آهي، جيڪا زبان مان آواز/ ٻاڦ ٻاهر نٿي ڪڍي سگهي. ڏٺو وڃي ته اسلام ۾ عورت کي مرد جي برابري جيترو حق حاصل آهي. عورت جو رتبو ايترو ته اهميت وارو آهي جو ان نگاهه سان عورت کي ڏٺو وڃي ته عورت خدا تعاليٰ جي اهڙي تخليق آهي، جنهن سان ڪائنات کي سونهن ۽ سوڀيا ملي آهي. ٿورو ويهي سوچجي ته جيڪڏهن عورت نه هجي ها ته هي دنيا به خوبصورت نه هجي ها.ڄمڻ کان وٺي جواني تائين هڪ عورت ئي آهي، جيڪا ممتا جي روپ ۾ ظاهر ٿي هڪ مرد کي پالي ٿي، راتين جا اوجاڳا ڪاٽي ان ٻار جي سار سنڀال لهي ٿي ۽ اعليٰ منزل تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي ۽ زندگي جي آخري وقت تائين دعاڳو رهي ٿي ته منهنجي مٺڙي اولاد کي ”شل ڪُوسو واءُ نه لڳي“.عورت کي ڀيڻ جي روپ ۾ ڏٺو وڃي ته اها پنهنجي ڀائرن لاءِ ڇپر ڇانوَ بڻيل رهي ٿي، پنهنجي زندگي داءَ تي لڳائي به پنهنجي ڀائرن جي لاءِ سک ۽ شانتي گهري ٿي.عورت کي جيڪڏهن گهرواري جي روپ ۾ ڏسجي ته زال، مڙس جي همسفر ساٿي ٿي زندگي جي هر ڏکي گهڙي ۾ گڏجي ڪلهو ڪلهي سان ملائي هڪ مرد وانگر پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿي. ٻهراڙي جي عورت کي ڏٺو وڃي ته هو سارو ڏينهن پنهنجي گهر جو ڪم ڪار ڪرڻ، ٻني ۾ گاهه پٽو ڪرڻ، مال جو ڪم ڪرڻ هجي يا ان کان علاوه پورهئي جو ڪم هجي، پنهنجي سِر ڪري ٿي. ان سڄي صورتحال تي نظر وجهڻ کانپوءِ خبر پئي ٿي ته عورت ڪيڏي تڪليف برداشت ڪري هر اهو ڪم ڪار پنهنجي سِر کڻي ٿي، جنهن تي اسان سوچي به نٿا سگهون، پر تنهن جي باوجود به اسان جا مرد حضرات پنهنجي اَنا جو مسئلو بڻائي بيگناهه ننڍي وڏي ڳالهه تي عورتن تي تشدد ڪرڻ ۾ مصروف عمل هوندا آهن. ڪٿي ته ماني جي دير ٿيڻ تي اهي مرد پنهنجي پيٽ جي بک کي اجهائڻ لاءِ انهن معصوم عورتن کي تشدد ڪندي ڪندي موت جي ننڊ سمهارڻ بعد انهن مٿان ڪوڙي تهمت هڻي پنهنجي جان آجو ڪرڻ ۽ پاڻ کي غيرتمند ثابت ڪرڻ لاءِ انهن معصوم عورتن مٿان ڪارنهن جو ڪوڙو الزام مڙهن ٿا، جيڪي واقعا سنڌ جي اڪثر شهرن مان رونما ٿين ٿا ۽ مختلف اخبارن جي زينت بڻجن ٿا. انهن نام نهاد غيرتمند مردن کي پنهنجي مَن ۾ جهاتي پائڻ گهرجي ته اسان جا افعال ڪهڙا آهن، ڇا اسان پنهنجي عورتن کي گهر ۾ هر سهوليت ميسر ڪري ڏني آهي؟تنهن ڪري عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ اين جي اوز ۽ انساني حقن سان لاڳاپيل ادارن کي گهرجي ته اهي پنهنجون سرگرميون تيز ڪري عورتن سان ٿيندڙ ناانصافين جو نوٽيس وٺي انهن کي انصاف ڏيارڻ تائين هر ڪردار ادا ڪن ته جيئن اهي ڪٿي بيگناهه موت جي ننڊ نه سمهي سگهن ۽ هن بيڪار ۽ ناڪاره ٿيل معاشري ۾ رهي پنهنجي زندگي بهتر نموني گذاري سگهن. جيڪڏهن انهن ڪردار ادا نه ڪيو ته عورتون روز بيگناهه ڪسنديون رهنديون، جنهن کي ڪير به روڪي نه سگهندو.