ڇا هن سياست مان عوام کي فائدو ٿيندو؟: تحرير. شيرمحمد سولنگي (اچيورس)

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته چوڌري نثار 2016 ۾ پريس ڪانفرنس ۾ ڊيل جو ذڪر ڪيو، ايان علي ڇٽي وئي، زرداري به واپس اچي ويو، شرجيل ميمڻ تي 5 ارب جي ڪرپشن هئي، اهو به واپس اچي ويو، ايان علي تي 5 ڪروڙ رپيا مني لانڊرنگ جو الزام هو، عمران خان چيو ته نواز شريف کي سنڌ ياد اچي ويو، منصوبي تي منصوبي جو اعلان ڪري رهيو آهي، نورا ڪشتي ٿي رهي آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته نواز شريف پاناما ڪيس تي ڊڄ کان آصف زرداري سان ڊيل ڪئي آهي، منصوبن لاءِ پسئا ڪٿان ايندا، ڪجهه خبر ناهي، اڄ اهو ئي ٿيو، جڏهن ماضي ۾ نواز ليگ پيپلز پارٽي جي دور ۾ خاموش ويٺي رهي، جمهوريت بچائڻ لاءِ زرداري ۽ نواز گڏ ٿي ويا، زرداري بيان ۾ چيو آر او اليڪشن سبب نواز ليگ کٽي، عمران خان چيو ته جڏهن مون چيو ته ان وقت ٻئي جمهوريت بچائي رهيا هئا، اهو سڀ ڊرامو ٿي رهيو آهي، نواز شريف کي به جڏهن مسئلو ايندو آهي، ٻئي گڏ ٿي ويندا آهن، آصف زرداري ۽ نواز شريف ٻنهي تي مني لانڊرنگ جا الزام آهن، نواز ۽ زرداري نوراڪشتي ڪندا آهن، هڪ ٻئي کي نقصان نه ٿيڻ ڏيندا، جيستائين وزيراعظم ڪرپٽ رهندو ادارا ٺيڪ ٿيڻ نه ڏيندو، پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته زرداري ڪيئن چيو ته نيب جي مجال آهي جو انهن کي هٿ لڳائي، قوم پاناما ڪيس جي فيصلي جو انتظار ڪري ٿڪجي پئي آهي، دعا ٿا ڪريون ته جلدي پاناما ڪيس جو فيصلو اچي، آصف زرداري ۽ نواز شريف ملي چيئرمين نيب لڳايو، آصف زرداري ۽ نواز شريف جا مفاد ساڳيا آهن، ڊيل تحت شرجيل ميمڻ واپس پاڪستان آيو، عمران خان چيو ته ڊيل تحت ڊاڪٽر عاصم حسين کي آزاد ڪيو پيو وڃي، ڊيل تحت ايال علي کي پرڏيهه وڃڻ ڏنو ويو، ن ليگ به پيپلز پارٽي جي دور ۾ چار سالن تائين خاموش ويٺي رهي، جڏهن مون چيو هو ته ڌانڌلي ٿي تڏهن ته هي انهن سان گڏ بيٺا هئا، انهن ٻنهي جا مفاد هڪ آهن، نيب چيئرمين ڪيئن آصف زرداري ۽ نواز شريف کي پڪڙي سگهي ٿو، ڪرپٽ وزيراعظم ڪنهن کي پڪڙيندو ناهي، ڊيل ڪندو آهي ۽ اڄ به ڊيل ٿي، چوڌري نثار 12 سيپٽمبر 2016 جي پريس ڪانفرنس ۾ ان ڊيل جو ذڪر ڪيو هو، نواز شريف ۽ آصف زرداري گڏجي نيب چيئرمين مقرر ڪيو، واضح ٿي ويو ته ڪرپٽ وزيراعظم سمورن ادارن کي ڪرپٽ ڪندو آهي، جيڪڏهن حڪومت چاهي ته ايان علي به بچي ويندي ۽ ڊاڪٽر عاصم به، پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته اتحاد ان جماعت سان ٿي سگهي ٿو، جنهن جو منشور ملندو هجي، عدالت جو فيصلو پروسيڪيوشن تي ڀاڙيندو آهي، ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي ۾ ڪيترائي ماڻهو آهن، جيڪي اها ڊيل نه ٿا چاهين، پنجاب ۾ پيپلز پارٽي نه ٿي چاهي ته زرداري واپس اچي، خبر ناهي ڊاڪٽر عاصم جي معاملي تي حڪومت ڪيئن ڊيل ڪري ورتي، اسلام آباد جي پارڪن ۾ قبضن کي ڪوئي نٿو روڪي، عمران خان چيو ته پيپلز پارٽي تي تنقيد جو پروگرام نه هيو ڇو ته نواز شريف سان پاناما جو مقابلو ٿي رهيو آهي

سنڌ نيشنل فرنٽ جي سربراهه ممتاز ڀٽو چيو آهي ته آصف علي زرادري جي ڪرپشن جي ڪري 2 ڀيرا بينظير جون حڪومتون هٽايون ويون. اڳوڻي صدر جي ڪرپشن جو ازالو بينظير کي ادا ڪرڻو پيو. ڀٽو جا حقيقي وارث اسان آهيون، اسان کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد بينظير ڀٽو ۽ مرتضيٰ ڀٽو جي رت جو بدلو گهرجي. نئين ديري ۾ جلسي کي خطاب ڪندي سنڌ نيشنل فرنٽ جي سربراهه ممتاز ڀٽو چيو ته ڀٽو جي ڦاهي تي حاڪم زرداري مٺائي ورهائي هئي، حاڪم پارٽي کي پارٽي جي ٽڪيٽ نه ملي ته ٻي پارٽي ۾ هليو ويو. آصف علي زرادري ڳڻڻ کان وڌيڪ دولت ڪمائي. هن چيو ته عوام زرادري کي هن وقت تائين نٿي مڃي. سنڌ ۾ افسر شاهي جي دور ۾ عوام ان سان گڏ ناهي. هن وڌيڪ چيو ته آصف زرداري بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي جاچ وڌڻ نه ڏني جڏهن ته آصف زرداري 5 سالن تائين صدر رهي به بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي جاچ ڇو نه ڪرائي.؟

سياست رڳو سياستدان ئي هڪ ٻئي سان نه پيا ڪن پر اهڙي ڪارروائي زندگيءَ جي مڙني شعبن ۾ جاري ۽ ساري آهي. اسڪولن ۾ ماستر هڪٻئي سان سياست ڪري رهيا آهن، بلڪه معمارن جي مستقبل سان سياست ڪري رهيا آهن، اسپتالن ۾ ڊاڪٽر ۽ ٻيا اسٽاف  وارا هڪٻئي سان  گڏ مريضن جي صحت ۽ زندگيءَ سان سياست ڪري  رهيا آهن. مارڪيٽن ۾ واپاري هڪٻئي سان سياست ڪري رهيا آهن. مطلب توهان  زندگي جي ڪهڙي به شعبي ۾ هليا وڃو  توهان کي هڪٻئي سان سياست ٿيندي ئي نظر ايندي. سياست جنهن جو اصل مقصد ماڻهن جي خدمت ڪرڻ  ۽ انهن جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ آهي، هينئر ان جو مفهوم بلڪل ئي تبديل نظر اچي رهيو آهي. هاڻي  سياست جو مطلب ڄڻ ته ٻئي کي بيوقوف بڻائڻ، ايڪسٽرا سياڻپ جو مظاهرو ڪرڻ، ڪنهن کي ڌوڪو ڏيڻ رهجي ويو آهي. جيڪو سچ پچ پاڻ واري سماج جو هڪ وڏو الميو آهي. هن رويي جيڪي مجموعي  طور تي نقصان ڏنا آهن، اهي اسان جي سامهون آهي. هڪ عجيب قسم جو خوف آهي، هڪ عجيب قسم جي افراتفري آهي، جيڪا چئني ڏسائن ۾ جاري آهي. حالت اها آهي جو پيءُ پٽ تي اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، پٽ ماءُ تي اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، زال مڙس تي اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هر ڪو پاڻ کي ڄڻ ته ٻئي کان لڪائيندو ڦري رهيو آهي. شيون کسجي وڃڻ جو خوف هر ماڻهو جي مٿان حاوي ٿي ويو آهي، ڪجهه نه هجڻ جي باوجود ڪجهه ٿي وڃڻ جو خوف سڀني جو سڪون بردباد ڪري رهيو آهي. سياري جي باهه ته هرڪو پاڻ ڏي سوريندو آهي پر پاڻ وٽ صورتحال ڪجهه اهڙي قسم جي ٿي وئي آهي جو  ڪير اونهاري جي باهه به ٻئي کي سورڻ ڏيڻ پسند نه ٿو ڪري ۽ ان جي تپش ۾ سڙندي به ان کان پري ٿيڻ نه ٿو چاهي.

ميان صاحب جو زور سنڌ طرف آهي. ميان صاحب هڪ مهيني اندر سنڌ جا ٽي دورا ڪري چڪو آهي ۽ پرڪشش پئڪيجز جو اعلان به ڪري ويو آهي  ۽ زرداري صاحب جو زور وري پنجاب طرف آهي ۽ گهڻو ڪري لاهور ۾ ئي لڏو لاهي ويهي رهيو آهي. ٻئي همراهه مفاهمت کي مزاحمت ۾ تبديل ڪري ڀير تي ڏونڪو هڻي چئي رهيا آهن ته ايندڙ اليڪشن ۾ اسان ئي ميدان مارينداسين، ٻئي پاسي خان جي آهي جيڪو وري خبرون ئي اور ڪري رهيو آهي ۽ ائين محسوس ڪرائي رهيو آهي ته ايندڙ وزيراعظم ته هي ڪليئر آهي، باقي چئني صوبن ۾ وڏا وزير ڪهڙا مقرر ڪرڻا آهن

هاڻي ته ننڊ جا اکين مان کيپ ختم ڪري منهن تي پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻي سستيءَ جي ڳهر مان نڪرڻ گهرجي، حق جي راهه جو راهي بڻجڻ گهرجي، من ڪو بلو ٿي پوي، باقي رڳو سوشل ميڊيا تي دل جي باهه اُجهائڻ سان وسيلن تي حق ڪو نه ملندا. صحت، تعليم، نوڪريون، ترقياتي منصوبا هي بادشاهي سوچ رکندڙ حاڪم پاڻ در تي اچي ڪو نه ڏيندا. هاڻي جڏهن چوڌري، وڏيرا، سردار، سيد، سياستدان توهان جي در تي ووٽ وٺڻ لاءِ اچن ته انهن کان هڪڙو سوال ضرور ڪجو ته توهان جي تڪ، علائقي ۾ هنن ڪهڙي ترقي ڪرائي آهي؟ جيڪڏهن مطمئن ڪندڙ جواب ڏين ته ووٽ ڏيو نه ته جلسن ۾ تقريرن، اسيمبلين جي تقريرن کان متاثر ٿي پنهنجو ووٽ وري نه وڃائجو خدارا ووٽ جو صحيح استعمال ڪجو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *