ڇا نورين لغاري واقعو سنڌ ۾ انتهاپسندي جي تصديق آهي…….!!: اشرف نوناري

سنڌ دنيا جو اهو واحد خطو آهي جيڪو صدين کان مذهبي انتهاپسندي، فرقيواريت ۽ لساني دهشتگردي سميت هر قسم جي تعصب پرستي خلاف مسلسل جهيڙيندو پيو اچي، اسان سنڌي هميشه ان خوشفهمي ۾ رهندي سالن کان ائين چوندا پيا اچون ته اسان سچل، سامي ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي صوفي ازم واري فڪر ۽ فلسفي جا وارث آهيون ۽  سنڌ اندر ڪنهن به صورت ۾ مذهبي انتها پسندي جي ڪابه گنجائش ناهي پر حقيقت ان جي ابتڙ آهي جو سنڌ جي نياڻي نورين لغاري جي دارالخلافت پهچڻ کان ويندي عيسائين جي مذهبي ڏينهن ايسٽر تي خودڪش حملو ڪرڻ واري اعتراف سنڌ جي صوفي ازم واري دعويٰ کي رد ڪندي تصديق ڪري ڇڏي ته سنڌ هن وقت مذهبي انتها پسندن جي لپيٽ ۾ اچي وئي آهي، سنڌ جا ماڻهو باغين سان شامون ملهائڻ، سنڌ فيسٽيول، لاهوتي، صوفي ۽ ثقافتي ميلا ملهائڻ ۾ پورا آهن پر ان باوجود سنڌ اندر مذهبي انتهاپسندي تيزي سان وڌندي پئي وڃي ڇاڪاڻ جو اڄ جڏهن نورين لغاري وارو معاملو سامهون آيو آهي ته ڄڻ پيرن هيٺان زمين نڪري وئي هجي، ڇنڇر 15- اپريل تي لاهور جي پنجاب هائوسنگ سوسائٽي واري علائقي مان نورين لغاري جي بازياب ٿيڻ، سندس دهشتگرد مڙس محمد علي طارق جي مارجڻ، داعش پنجاب جي امير ۽ ڪمانڊر عظيم عرف ابو فوجي جي فرار ٿيڻ  ۽ لاهور ۾ دهشتگردي جي ڪوشش کي ناڪام بڻائڻ هڪ وڏو تاريخي الميو آهي، انهي واقعي جي ٻن ڏينهن کانپوءِ سومر 17- اپريل تي پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور  پريس بريفنگ ڏني جنهن جي ٽن ڪلاڪن کانپوءِ ساڳئي ڏهاڙي لمس يونيورسٽي ڄامشوري ۾ نورين واري معاملي تي ڪوٺايل گڏجاڻي کانپوءِ لمس جي وائيس چانسلر پروفيسر نوشاد احمد شيخ وضاحت ڪندي چيو ته لمس جي استادن، آفيسرن، ملازمن، شاگردن توڙي شاگردياڻين جو مذهبي دهشتگرد تنظيم داعش سان ڪوبه تعلق ناهي، نورين لغاري جيڪو ڪجهه ڪيو اهو سندس ذاتي عمل هو،

نورين لغاري جي انهي عمل جو لمس يونيورسٽي سان ڪو تعلق ناهي، نه ئي لمس ۾ داعش جو ڪو وجود آهي ، جڏهن ته ان گڏجاڻي  ۾ نورين واري معاملي تي ڪاميٽي جوڙي وئي ان جي رپورٽ اچڻ کان اڳ  ئي لمس يونيورسٽي جي وي سي لمس ۾ داعش جو وجود نه هجڻ  جي اکيون ٻوٽي تصديق ڪري ڇڏي، دولت اسلاميه عراق شام (داعش) جيڪا عرب ملڪن سان تعلق رکندڙ دنيا جي خوفناڪ مذهبي دهشتگرد تنظيم آهي  جنهن دنيا جي امن ۽ سلامتي کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي، داعش شام، عراق، لبيا، يمن، افغانستان کانپوءِ دنيا جي ٻين ملڪن سان گڏو گڏ پاڪستان ۾ پڻ پنهنجا پير مضبوطي سان کوڙي ڇڏيا آهن، القائده، طالبان، ٽي ٽي پي، سجنا گروپ ۽  جيش محمد سميت ڪيترين ئي مذهبي انتها پسند تنظيمن پنهنجي وجود کي ديني مدرسن کان ظاهر ڪرايو جنهن لاءِ سنڌ جي لبرل ۽ سيڪيولر سوچ رکندڙ سنڌين مطالبا ڪيا ته مدرسا انتها پسندي ۾ ملوث آهن ان لاءِ مدرسا بند ڪيا وڃن پر ڪيڏي نه حيرت جي ڳالهه آهي ته داعش جهڙي خطرناڪ تنظيم صوفين جي سر زمين ڄامشوري جهڙي سيڪيولر سوچ رکندڙ شهر جي مادر علمي مان پنهنجو وجود ظاهر ڪرايو اهو به  اهڙو جو سنڌ ڄائي نورين لغاري نه رڳو  خلافت جي شهر پهچڻ تي پنهنجي خاندان کي خوشخبري وارا ميسيج ڪيا، نورين لغاري 10 فيبروري تي لياقت يونيورسٽي مان گم ٿي، 25 فيبروري ۾ سندس گمشدگي جو ڪيس داخل ٿيو، انهي دوران ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي حيدرآباد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو هو ته نورين جو لاڙو مذهبي جنونيت طرف هو، امڪان آهي ته هن داعش ۾ شموليت اختيار ڪئي آهي،

سن 2015 ع ۾ افغانستان ۾ داعش جي موجودگي ۽ وڌندڙ سرگرمين کانپوءِ ان وقت جي سنڌ جي انتظامي سربراهه آءِ جي سنڌ پوليس غلام حيدر جمالي جي حوالي سان پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ هڪ خبر شايع توڙي نشر ٿي، جنهن ۾ سنڌ پوليس جي ڪائونٽر ٽيررزم ڊپارٽمينٽ طرفان سنڌ ۾ داعش جي نيٽ ورڪ جي تصديق ڪندي داعش سان تعلق رکندڙ 53 دهشتگردن جي  لسٽ جاري ڪئي وئي، رپورٽن موجب عبدالله يوسف عرف عبدالعزيز عرف ثاقب جي سربراهي ۾ سنڌ ۾ داعش جو نيٽ ورڪ ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن جي فنڊنگ سعودي عرب مان ٿئي ٿي  انهي رپورٽ ۾ ڪراچي سان واسطو رکندڙ طيب ۽ علي رحمان انجنيئر  پڻ ان گروپ ۾ شامل آهن، جنهن جو واسطو ڪوٽڙي سان ٻڌايو ويو هو،  اهڙي انڪشاف ۽ داعش جي موجودگي جي تصديق ان وقت ئي سنڌ جي پرامن ۽ سيڪيولر سوچ رکندڙ عوام کي لوڏي ڇڏيو هو ڇو جو داعش جي سنڌ ۾ موجودگي نه رڳو ملڪ پر دنيا جي امن ۽ سلامتي لاءِ وڏو خطرو بڻيل آهي،  سنڌ پوليس جي سنڌ ۾ داعش جي موجودگي واري بيان کانپوءِ  سنڌ پوليس جي ترجمان داعش بابت ٽي وي چئنلن جي رپورٽن ۽ اخباري بيانن کي رد ڪندي ترديد ڪئي ته سنڌ پوليس  سنڌ ۾ داعش جي موجودگي ۽ 53 داعش ڪارڪنن جي ڪا به لسٽ جاري ناهي ڪئي، جڏهن ته ساڳئي  ڏينهن 14 آڪٽوبر 2015  اربع واري شام  وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار  علي خان پاران پنجاب  هائوس ۾ ڪيل پريس ڪانفرنس دوران هڪ سوال جي جواب ۾ چيو  ته پاڪستان ۾ داعش جو ڪو به وجود ناهي، هن اعتراف ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ 40 کان وڌيڪ مقامي ۽ بين الاقوامي دهشتگرد گروپ موجود آهن، انهن مان ڪنهن به هڪ جو داعش سان رابطو ٿي سگهي ٿو، يا ته ٻيون مذهبي وڙهاڪ تنظيمون داعش جو نالو استعمال ڪري سگهن ٿيون پر پاڪستان ۾ داعش جي موجودگي جا ڪي به اطلاع ناهن، جهڙي طرح 2015ع  ۾ آءِ جي سنڌ سنڌ ۾ داعش جي موجودگي جي تصديق ڪندي داعش جي سهولتڪارن جي لسٽ جاري ڪئي ان بعد بنا ڪنهن جاچ جي وفاقي گهرو  وزير ترديد ڪئي،  اهڙي طرح لمس يونيورسٽي جي وي سي پڻ بنا ڪنهن جاچ جي پنهنجي جان ڇڏائڻ لاءِ لمس ۾ داعش جي موجودگي کي پير ٻڌي رد ڪري ڇڏيو، جڏهن ته نورين ڪيس جي جاچ آفيسر ايس ايس پي حيدرآباد عرفان بلوچ جو چوڻ آهي ته نورين  لمس يونيورسٽي ۾ مذهبي انتهاپسندي جي تبليغ ڪندي ساهيڙين کي پاڻ جهڙو بڻائڻ جي ڪوشش ڪندي رهي، هن پنهنجين ساهيڙين کي  جهادين سان رابطي جو ٻڌائڻ سميت اهو پڻ چيو ته هوءَ به جهاد ڪرڻ چاهي ٿي،

نورين لغاري جا اهڙا انڪشاف توڙي ميڊيا ۾ آيل خبرون سنڌ ۾ مذهبي انتهاپسندي ۽ دهشتگرد تنظيم داعش جي موجودگي جي تصديق ڪن ٿيون، نورين لغاري جي اهڙي انتهاپسند سوچ توڙي مشعال خان جي انتهائي بيدردي سان ٿيل قتل واري واقعي مان ظاهر ٿو ٿئي ته ملڪ جي اعليٰ تعليمي ادارن کي داعش جي سوچ شڪست ڏئي رهي آهي، مدرسن ۾ پڙهندڙ خطابين کانپوءِ اعليٰ  تعليمي ادارن جي سيڪيولر سوچ رکندڙ نوجوانن کي انتها پسند سوچ يرغمال بڻائي رهي آهي، دنيا پئي چيو ته داعش کي ڪٿي به خلافت قائم ڪرڻ نه ڏينداسين پر داعش ته صوفين جي سرزمين  سنڌ جي ڄائي  پڙهيل لکيل خاندان  سان تعلق رکندڙ نورين لغاري جهڙي ڇوڪري جي ذهن ۾ پنهنجي خلافت قائم ڪري ڇڏي آهي، جيڪڏهن اسان کي داعش سميت جيڪي به مذهبي انتهاپسند تنظيمن جي وجود کي پاڙ کان ختم ڪرڻو آهي ته پوءِ اسان پنهنجن تعليمي ادارن توڙي گهرن ۾ انتهاپسند سوچ رکندڙ ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين مٿان ڪرڙي نظر رکڻي پوندي، جڏهن ته تعليمي ادارن ۾ هولي توڙي ٻين ڏڻن سميت ثقافتي تهوار ملهائڻ جي اجازت ڏيڻي پوندي ۽ قانون لاڳو ڪندڙن جو ڪردار بهتر ۽ شاگرد دوست بڻائڻو پوندو، جڏهن ته سنڌ جي تعليمي ادارن توڙي درسگاهن مان بنيادپرستي ۽ انتهاپسندي جي رستاروڪ ڪرڻ لاءِ رياستي ادارن ۽ انتظاميه کي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو،  سيڪيولر ۽ لبرل سوچ رکندڙ شاگرد تنظيمن کي پنهنجيون سرگرميون شروع ڪرڻ جي اجازت پڻ  ڏيڻي پوندي ته جيئن انتهاپسندانا سوچ کي شڪست  ڏئي سگهجي.

sntmediacellsindh@gmail.com

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *