ڇا لکجي پنهنجي بي وسي تي: اصغر ملاح

سنڌ عظيم انسان جو ديس آهي جن دنيا کي انسانيت سان محبت جو پيغام ڏنو آهي جيڪي سنڌ ۾ سانحا ۽ هاڃا ٿي رهيا آهن انهن جون خبرون هر نئين ڏينهن اخبارن ۾ لڳل سرخين ۾ نظر اچن ٿيون سنڌ جي عوام کي سخت ڳڻتي آهي سنڌ سان جيڪو ناانصافين جو سلسلو جاري آهي اهو ڪنهن به ريت کٽندو نظر نٿو اچي سنڌ ۽ سنڌ جي عوام جا مسئلا جيڪي گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان حڪمرانن جي لاتعلقي سبب وڌي بحرانن جي صورت اختيار ڪري ويا آهن هر وقت جي حڪومت سنڌ جي مسئلن تي سنجيدگي سان ڌيان ڏيڻ بدران فقط پنهنجي اقتدار جو مدو پورو ڪرڻ ۽ ڳجهه مفادن خاطر سنڌ جي ماڻهن سان لاتعلق بڻيل رهي آهي، حڪمرانن طرفان سنڌ جي دردن جي دوا ڪرڻ بدران ابتو زخمن تي لوڻ هاريو ويو آهي سنڌ جي اڪثر شهرن ۾ لينڊ مافيا سرڪاري عمارتن   توڙي ريلوي آبپاشي ۽ ٻين کاتن پلاٽن کي به نه بخشو آهي سياسي اڳواڻن جي   حمايت سان لينڊ مافيا اربين روپين جي سرڪاري   پلاٽن   تي قبضا ڪري ورتا آهن جڏهن ته قبضا ڪندڙن روينيو کاتي جي من پسند ڪامورن سان ملي ڀڳت ڪري سرڪاري پلاٽن ۽ عمارتن جا ڪوڙا ڪاغذ به ٺهرائي ورتا آهن قبضن باوجود ڪنهن به نوٽيس نه ورتو آهي سنڌ ۾ هڪ پاسي ڌارين جون دادگيريون ۽ ڏاڍن جون ڏاڍايون آهن ته ٻئي پاسي ڪڌيون رسمون امن امان جي حوالي سان اغوا، ڌاڙا، ڦرون، چوريون سڀ عروج تي آهن شريف ماڻهن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي سنڌ ڌرتي جتي تيل گئس ڪوئلي جا قدرتي ذخيرا آهن ۽ اتي جي عوام کي پيئڻ جي صاف پاڻي جي سهولت به ميسر ناهي عوام اڪثر غربت جي لڪير واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي آبادي ۾ اضافي روزگار جا وسيلا گهٽ هجڻ بيروزگاري، آمدني گهٽ هئڻ سبب عوام غربت بک بدحالي جو ڏينهون ڏينهن شڪار ٿي رهيو آهي تاريخ ٻڌائي ٿي ته اها سنڌ جي خوشحالي ۽ ساوڪ ئي هئي جيڪا دنيا جي غاصبن جو سنڌ مٿان چڙهائي ڪرڻ جو سبب بڻبي هئي سنڌ جي عوام کي چوندي ڏٺو ويو آهي ته سنڌ جي اڪثر عوام جو گذر سفر جو سڄو دارومدار زراعت تي آهي سنڌ ۾ زراعت جو وڏو وسيلو سنڌودرياهه آهي اڌ صدي گذرڻ باوجود پاڻي جو مسئلو حل نه ٿي سگھيو آهي.

سنڌو درياهه جو زميني رستو يا لنگهه ڪشمير جي پهاڙن تان لنهدو پنجاب جا ميداني علائقا لتاڙيندو سنڌ جي سرزمين کي سيراب ڪندو سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿوسنڌو دريا کي ونگ وجھي سنڌ جي زرعي معيشيت کي تباهه ڪيو ويو آهي هر دؤر ۾ پنجاب غير قانوني طور سنڌ جي حصي جو پاڻي ڦٻائي ٿو سنڌ جي حصي جو پاڻي چوري ٿيڻ معمول بڻيل رهيو آهي پاڪستان ۾ شامل صوبن اندر پاڻي جي منصفاڻي ورڇ لاءِ هڪ ادارو ارسا جوڙيو ويو. هو ان فيصلي تحت 1991ع ۾ وفاقي صوبائي حڪومتن۾ هڪ پاڻي معاهدو ٿيو.جنهن مطابق سنڌو درياهه جي ڊوائون اسٽريم   ۾ يعني ڪوٽڙي کان هيٺ سمنڊ جي ڇوڙ تائين روزانو 5 هزار ڪيو سڪ پاڻي ڇڏيو ويندو پر افسوس جي ڳالهه آهي ته انهي ٺاهه ٿيڻ باوجود به اڄ تائين سنڌو جي ڊائون اسٽريم ۾ گهربل پاڻي ناهي ڇڏيو ويو ۽ گهربل پاڻي نه ڇڏڻ جي نتيجي ۾ ميڊيا ۾ آيل خبرن موجب هن وقت تائين سمنڊ اندازن 13 لک ايڪڙ زمين ڳڙڪائي چڪو آهي فوري طور تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ سنڌ جي ڊائون اسٽريم ۾ روزانو 5 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڏنو وڃي ته جيئن سنڌ جي زمين سمنڊ جو کاڄ ٿيڻ کان بچي سگهي سنڌ جي عوام دانهيو آهي ته ڪهڙو به دور هجي سنڌ جي عوام جو حق مري ٿو سنڌو دريا ۾ پاڻي جي کوٽ سبب آبادگار وقت سر پنهنجن فصلن جي پوکائي نه ڪري سگھندا آهن يا فصل پاڇاٽا ٿي ويندا آهن جن کي وقت سر صحيح پاڻي نه ملندو آهي زرعي پاڻي نه ملڻ سبب فصلن مان بهتري پيداوار نه ٿيندي آهي سٺا فصل نه ٿيڻ سبب هاري آبادگار مشڪلاتن جو شڪار ٿي اڪثر ڪنگال ٿيندا رهيا آهن.

سنڌ، جيڪا ماضيءَ ۾ دنيا جو خوشحال خطو هوندي هئي،. سڪار جي سڃاڻپ رکندڙ سنڌ هاڻي بک ۽ بدحاليءَ جي علامت بڻجي چڪي آهي عوام کي چوندي ڏٺو ويو آهي ته سنڌ ۾ رهندڙ افغانين، بنگالين، برمين ۽ ٻين  غير قانوني پرڏيهين گذريل ڪيترن ئي سالن کان ترسيل آهن جنرل ضياءُ الحق جي دور ۾ سوويت يونين ۽ افغان جنگ دوران افغاني لڏپلاڻ ڪري پاڪستان آيا ۽ پوءِ انهن سنڌ جو رخ ڪيو جنهن سان هڪ طرف افغانين غير قانوني پرڏيهين جو تعداد وڌي ويو ۽ اڄ انهن مان ستر سيڪڙو فرد مختلف ڏوهن ۾ ملوث آهن، انهن سنڌ ۾ منشيات ۽ هٿيارن جو ڪاروبار شروع ڪيو ته ٻئي طرف انهن وياج جا دوڪان کولي سنڌ جي ماڻهن کي قرضي بڻائي ڇڏيو. هاڻي سنڌ جي ننڍي توڙي وڏي شهر ڳوٺ ۾ وک وک تي هر هنڌ منشيات ۽ غير قانوني هٿيارن جو ڪاروبار عروج تي آهي. پرڏيهين جي ڪري سماجي برايون وڌيون آهن ته ٻئي طرف طالبان ڪلچر ۽ انتهاپسنديءَ جي سرگرمين ۾ واڌارو آيو آهي .،

پرڏيهين نرم قانون جو فائدو حاصل ڪري نادرا کان سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرايا آهن ۽ انهن نادرا جي سڃاڻپ ڪارڊن تحت سنڌ ۾ پنهنجا غير قانوني طور تي ووٽ داخل ڪرايا آهن ۽ اهي پرڏيهي چونڊن ۾ پنهنجي ووٽ جو استعمال ڪندا رهيا آهن سنڌ حڪومت کي گهرجي ته اها پرڏيهين جي سنڌ مان نيڪاليءَ جي لاءِ نه صرف پاڻ قانون سازي ڪري پر وفاقي حڪومت کي به اهڙي سفارش ڪري ته وفاقي حڪومت پرڏيهين کي ملڪ مان نيڪالي ڏيڻ لاءِ قانون سازي ڪري ۽ پرڏيهين کي پڪڙي پهرين فرصت ۾ جيل ۾ موڪليو وڃي ۽ پوءِ کين پنهنجي پنهنجي ملڪن ڏانهن واپس موڪليو وڃي. سنڌ حڪومت لکين غير قانوني پرڏيهين کي نيڪال جي لاءِ قانون سازي ڪري خاص طور تي آمريڪا جهڙيءَ طرح پرڏيهين کي سنڌ مان نيڪالي ڏيڻ جي لاءِ آڇ ڪئي آهي، انهيءَ مان حڪومت کي ڀرپور فائدو وٺڻ گهرجي ۽ آمريڪا سميت دوست ملڪن  ۽ گڏيل قومن جي مهاجرن سان لاڳاپيل کاتن کان به ان مد ۾ مدد وٺي سگهجي ٿي. جيڪڏهن اڄ غير قانوني پرڏيهين جي خلاف ڪا مؤثر قانون سازي نه ٿي ته پوءِ سڀاڻي دير ٿي ويندي عوام کي چوندي ڏٺو ويو آهي ته، امن امان سنڌ جو وڏي ۾ وڏو مسئلو آهي سنڌ ڪنهن وقت ۾ امن جو گهروارو هو جتي چوري،ڌاڙن،ڦرلٽ ۽ قتل جي وارداتن جو تصور به نه هو اها سنڌ اڄ بدامني جي باهه ۾ سڙي رهي آهي ۽ ائين محسوس ٿي رهيو آهي ڄڻ سنڌ ۾ عوام جي تحفظ نالي ڪابه شيءِ نه رهي آهي سنڌ ڪيترن ئي شهرن ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ موٽر سائيڪلن جي ڦرن سميت گهرن ۾ ڌاڙا لڳڻ معمول بڻجي ويا آهن،

ننڍن وڏن شهرن ڳوٺن ۾ بي رحم ڏوهاري ڏينهن ڏٺي جو هٿيارن جي زور تي ڪارن موٽرسائيڪلون ڦرڻ سميت ٻيون وارداتون ڪن ٿا ۽ آساني سان غائب ٿي وڃن ٿا سنڌ جي مختلف شهرن مان ماڻهن جي اغوا جا واقعا معمول بڻجي ويا آهن عوام جي بدقسمتي اها آهي ته بي رحم ڏوهارين خلاف ڪابه ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي ڇو ته انهن ماڻهن جا وڏا هٿ آهن شايد ان ڪري جو ڏوهارين، قاتلن جي سرپرستي وڏا ڀوتار ڪري رهيا آهن اهو سبب آهي جو اسان جي پوليس هر هنڌ ناڪام آهي ۽ اها ڏوهن تي ڪنٽرول ڪرائي نه سگهي آهي نه اڄ تائين بي ڏوهارين جو خاتمو آڻي سگهي آهي نه ئي قتلن جي ڪيسن ۾ ملوث قاتل گرفتار ڪري سگهي آهي پر هاڻي اهي علائقا به محفوظ ناهن جتي ڦرون ۽ ڌاڙن جو نالو نشان نه هوندو هو مختلف شهرن ڳوٺن ۾ ماڻهن سج لٿي کانپوءِ گهرن کان ٻاهر نڪرڻ ۾ به خوف محسوس ڪن ٿا مختلف شهرن جي پريس ڪلبن اڳيان احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته سنڌ حڪومت جو امن امان جي بحالي عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ سميت عوام جي فلاح ۽ بهبود ڏانهن گهڻو ڌيان ڪونهي سنڌ ۾ قانون الاهي ڪٿي آهي پوليس الاهي ڇا ڪري رهي آهي پوليس پنهنجو فرض وساري ويٺي آهي پوليس کاتي تان عوام جو اعتماد ڏينهون ڏينهن ختم ٿيندو وڃي ٿو پوليس جو کاتو وجود ۾ ان ڪري آيو آهي يا جنهن جو ڪم ئي عوام کي جان ۽ مال جو تحفظ فراهم ڪرڻ سميت امن امان برقرار رکڻ آهي اڪثر ڏٺو ويو آهي جتي ڪو واقعو ٿيندو آهي ته اتي ڦرلٽ لاءِ ٻڏڇوڙ ڪئي ويندي آهي ۽ حقيقي جوابدار آزاد هوندا آهن هاڻي ته عورتن جي تحفظ حفاظت لاءَ وجود ۾ آيل عورتن جي ٿاڻن تي به ڏنو پٽ ڇٽي واري رسم واري ڪار لڳي پئي آهي جيڪا پوليس ڏوهارين کان ڀتا او ڳاڙندي هجي ان کان ڪهڙي اميد ڪري سگهجي ٿي ته اها امن امان بحال ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي.

رهيل سهيل ڪثر وزيرن مشرين ۽ وي.آءِ پيز جي ڊيوٽين ۾ پوري ٿي وڃي ٿي پر افسوس ته انهي صورتحال جو ڪنهن به نوٽيس نه ورتو آهي سنڌ جي عوام کي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا اڳيان احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته منشيات اغوا ڪاري هاڻ باقاعده صنعت جي صورت اختيار ڪري وئي آهي منشيات هڪ اهڙو زهر آهي جو منشيات جا اثر استعمال ڪندڙ فرد سميت خاندان توڙي سماج تي خراب اثر پون ٿا منشيات جو عادي معاشري جو ڪريل فرد تصور ڪيو وڃي ٿو سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ڳوٺن ۾ بنا ڪنهن ڊپ ڊاء جي وک وک تي منشيات جو سري عام وڪرو جاري، شادين مرادين ۾ ٻين خوشي وارن موقعن تي ته نوجوان پاران ٺرو پيئڻ جون محفلون منعقد ڪيون وڃن ٿيون مردن کان پوءِ عورتن ۾ پڻ منشيات واپرائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي جسم فروشي جي ڌنڌي ۾ ملوث ڪيتريون ئي عورتون منشات شراب چرس پيئڻ جون عادي بڻيل آهن غريب ماڻهو عورتون معصوم ٻار به منشيات ۽ شراب جواستعمال ڪن ٿا ۽ عادي بڻجي چڪا آهن جن جو انگ خطرناڪ حد تائين تيزي سان وڌي رهيو آهي منشيات جا عادي ماڻهو تيزي سان موت جو شڪار ٿي رهيا آهن.

سنڌ ۾ ڪيترائي ماڻهو اغوا ٿيندا رهن ٿا گذريل ڇهن مهينن جي اخباري سرخين تي نظر وجهبي ته سنڌ جي مختلف شهرن مان اغوا ٿيل ماڻهن جون مختلف اخبارن ۾ خبرون پڙهي سنڌ جي مختلف ننڍن وڏن شهرن ڳوٺن ۾ امن امان جي بدترين صورتحال جو اندازو بخوبي پئجي ويندو آهي سنڌ ۾ ڌاڙيل فيڪٽر پنهنجي مڙني خوفناڪين سان سنڌ جي عوام لاء عذاب بڻجي چڪو آهي جنهن سبب بدامني وارن علائقن مان وڏي انگ ۾ عوام لڏ پلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿيا آهن ڪيترائي مغوي ڀنگ عيوض واپس ٿيڻ معمول بڻيل رهيا آهن ٺل جي رهواسڻ فضيلا سرڪي جي امڙ پاڪ ڪتاب مٿي تي رکي اٺن سالن کان پنهنجي گلن جهڙي معصوم نياڻي جي بازيابي لاءِ مسلسل احتجاج ڪري وقت جي حڪمرانن کان صرف ۽ صرف انصاف جي گهر ڪري رهي آهي ته منهنجي جگر جي ٽڪري منهنجي نياڻي فضيلا سرڪي کي بااثر ڌرين کان کيس آزادي ڏياري وڃي پر وقت جا حڪمران وقت به وقت متاثر ماڻهن سان انصاف ڪرڻ جون ڌيون خاطريون ڪرائين ٿا پر اهڙين خاطرين تي اڄ تائين عوام کي ڪو عمل ٿيندي نظر نه آيو آهي سالن کان سنڌ جي مختلف شهرن مان شهرين ڳوٺاڻن کي ڀنگ لاء اغوا ڪرڻ جون وارداتو معمول بڻيل رهيون آهن پر بي رحم ڏوهارين خلاف ڪابه آثرائتي ڪاروائي نه ٿي آهي جيڪي ٿيڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته حڪمرانن سمجهن ٿا ته سنڌ جي عوام کين هڪ ڀيرو ٻيهر چونڊي اقتداري ايونن ۾ موڪليو آهي هاڻي سنڌ جي عوام ان خدا جي خلق ۾سندن ڪو به مفاد باقي نه رهيو آهي جو هو سنڌ جي عوام جي تحفظ روزگار لاء پريشان ٿين عوام جو جڏهن وارو آيو ڏٺو ويندو جڏهن به هو چاهيندا ته ٻيهر انهن کي نوان خواب ڏيکاري نوان واعدا وچن ڪري پنهنجي ووٽن لاء استعمال ڪري سگهندا شل سندن اهو خواب ايندڙ وقت ۾ ساڀيان نه ٿي سگهي ڇاڪاڻ ته خدا خلق معصوم ضرور آهي پر هو آڻ ڄاڻ نه آهي هو ڄاڻن ٿا هر ڀيري سنڌ جي سياستدان مفاد پرست وڏيرن جاگيدارن قبائلي سردارن جي دلاسن ۾ گهڻي وقت کان استعمال ٿيندا رهيا آهن هاڻي سنڌ جو عوام آزمايلن کي آزمائڻ لاء تيار نه ٿيندو انهن کي سمجهڻ گهرجي ته توهان سنڌ ڌرتي جي مٽي تي پيدا ٿيا آهيو سنڌ ڌرتي تي کيڏي، پڙهي وڏا ٿيا آهيو توهان کي سنڌ جي عوام پنهنجي ووٽن تي چونڊي اقتداري ايوان تي پهچايو آهي توهان سنڌ ۽ سنڌي عوام جا رهنما ۽ رهبر آهيو پوءِ توهان پنهنجي سنڌ ۽ سنڌين سان منهن ڇوٿا موڙيو منصور جيان سنڌ ڌرتي خاطر سر ڏيڻ وارا سولي چڙهي ڌرتي سان وفا ڪندي شهيد ٿي ويا جيڪي هميشه لاءَ امر ٿي ويا جنهن جا قصا تاريخ جي سنهري اکرن ۾ لکيل ملندا اڄ اهڙا ڪونڌر نه رهيا آهن سنڌ جو عوام سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاج ڪري رهيو آهي پر سنڌ حڪومت بي رحم ڏوهارين خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪرڻ لاء تيار نه آهي اغوا ٿيلن جا وارث ڪنهن در دانهن کڻي وڃن انصاف لاء ڪنهن جو در کڙڪائين کين ڪٿان به اميد جو ڪرڻو نظر نه ٿو اچي..

سنڌ جي عوام ۾ مايوسي نا اميدي ۽ ڪاوڙ وڌي رهي آهي جنهن جو اقتداري يوانن ۾ وٺلن کي ڪو به احساس نه آهي فضيلا سرڪي جي امڙ جيان سنڌ جا ويچارا ماڻهو احتجاج ڪري ڪري ٿڪجي پون ٿا ۽ نيٺ خاموشي اختيار ڪري وٺن ٿا انهي مان ادارن جي ڪمزوري ۽ بي وسي ظاهر ٿئي ٿي انهي جو وڏو ڪارڻ پوليس کاتي ۾ سياسي مداخلت آهي ڪٿي ايماندار آفيسر کي هفتو به ٽڪڻ نٿو ڏنو وڃي اهڙي صورتحال ۾ ڪيئن امن قائم ٿيندو سنڌ حڪومت کان سنڌ جي عوام جو مطالبو آهي ته پوليس رينجرز ۽ وفاقي صوبائي ايجنسين بي رحم ڏوهارين خلاف ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ پنهنجي جان جي پرواهه نه ڪندي آپريشن ڪيو آهي سموري سنڌ ۾ بي رحم ڏوهارين منشيات فروشن خلاف سخت آپريشن ڪري عوام کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ته جيئن سک جو ساهه کڻي سگهن ۽ پنهنجي زندگي پرسڪون نموني سان گذاري سگهن

Email: mallah asghar @ yahoo . com

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *