ڇا صحيح ، ڇا غلط؟ ؛حاجره ممتاز

ڪجهه ڏينهن اڳ ملڪ جي هڪ وڏي انگريزي اخبار پنهنجي فرنٽ پيج تي دهشتگردن جي ڦاهي جي ڦندي تي لٽڪندي لاشن جي تصوير شايع ڪئي، جن کي فيصل آباد ۾ جمعي جي ڏينهن ڦاهي ڏني وئي هئي.

هڪ ٻي انگريزي اخبار پنهنجي فرنٽ پيج تي پشاور سانحي جي خلاف ڪراچي ۾ جمعي جي ڏينهن ايم ڪيو ايم جي سڏ تي نڪرندڙ ريلي جي تصوير شايع ڪئي، جنهن ۾ ٻن ڇوڪرن کي پلي ڪارڊ کنيل هئا، جن تي لکيل هو ته ”اک جي بدلي اک، سڀني کي لٽڪايو، ڦاهي چاڙهيو.“

اسلام آباد ۾ لال مسجد جي ٻاهر مظاهرين جي هڪ تصوير آهي، جنهن ۾ هڪ شهري جي پلي ڪارڊ تي لکيل آهي ”ڀڄ برقعه ڀڄ“، جيڪو مولانا عبدالعزيز جي 2007ع ۾ لال مسجد مان فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڏانهن اشارو آهي.

ڪجهه ڏينهن اڳ پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول ۾ جيڪا رت جي راند کيڏي وئي، اها برداشت کان ٻاهر آهي پر ان باوجود اسان جي شهرين جي تضادن ۽ ڪنفيوزن سان ڀريل ذهنيت، جنهن جي عڪاسي پشاور سانحي تي ردعمل سان ٿي رهي آهي، وڌيڪ پريشاني جو باعث آهي.

پاڪستاني رياست ۽ معاشرو ان مقام تي هڪ وڏي عرصي کانپوءِ پهتي آهي ۽ اهو سمورو عرصو سٺي ۽ خراب طالبان جي وچ ۾ فرق تي بحث ڪندي گذريو آهي. ان ڳالهه تي پڻ بحث ڪئي وئي ته ڇا طالبان سخت گير دهشتگرد آهن يا ناراض ڀاءُ، ۽ اهو به ته صحيح قدم امن ڳالهيون آهن يا پوءِ هڪ فوجي آپريشن.

رياست به ٻنهي طرف لڏندي رهي آهي. آپريشن ضربِ عضب جي آغاز کان اڳ وزيراعظم نواز شريف پاران ڪيترن سياسي پارٽين تي مشتمل ڪانفرنس سڏائي هئي ته جيئن تحريڪ طالبان پاڪستان سان ڪنهن معاهدي تي پهچڻ جي لاءِ ڪو پلان ٺاهيو وڃي.

انهي سموري عوام کي اهڙي ڪنفيوزن ۾ وجهي ڇڏيو آهي، جنهن عوام ۾ فرق ڪرڻ جي بنيادي صلاحيتون به ختم ڪري ڇڏيون آهن، جن سان معاشري ۾ پرتشدد انتهاپسندي جي خلاف محاذ کڙي ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.

آپريشن ضربِ عضب جي ڪيترن ماڻهن مختلف بنيادن تي مخالفت ڪئي آهي، جن مان ڪجهه سبب معقول آهن ۽ ڪجهه ناهن پر جنهن ڳالهه تي آئون زور ڏيڻ چاهيان ٿي، اهو اها ته عسڪريت پسندن جي خلاف ڊرون ۽ بمن جي استعمال سان هڪ وڏي جوابي ڪارروائي جي لاءِ ميدان صاف ٿي ويندو.

ان ۾ ڪجهه ڳالهيون گذريل هفتي جي واقعن بعد وڌيڪ بلند ٿي ويون آهن، جو دليل ڏنا پيا وڃن ته اُهي اِهي ته رياست ۽ فوج پاڻ قتل عام کي دعوت ڏني، ڇو ته ان تي شمال مغربي حصي ۾ مبينه دهشتگردن جي خلاف آپريشن دوران اهو ئي ڪرڻ جو الزام آهي ۽ حقيقت ۾ ٽي ٽي پي اهو ئي چيو ته پشاور حملو پاڪ فوج جي حملن ۾ عورتن ۽ ٻارڙن جي مرڻ جو بدلو آهي.

پر اهو دليل بي بنياد آهي ۽ ان جو بنيادي سبب اهو ته ٽي ٽي پي ۽ ان جا اتحادي عسڪريت پسند گروهه ئي هئا، جن رياست جي خلاف سڀ کان اڳ هٿيار کنيا ۽ رياستي ادارن، آبادي، شهرين ۽ ملٽري کي نشانو بڻايو.

ها اهو ضرور آهي ته سماجي، اقتصادي، سياسي ۽ ٻين سببن انهن گروهن کي اهو قدم کڻڻ تي مجبور ڪيو، جنهن ۾ هڪ سبب اهو پڻ آهي ته رياست پنهنجي مفادن جي لاءِ هڪ وڏي عرصي تائين انهن کي تحفظ ۽ سرپرستي ۾ رکيو.

پر ان جي باوجود اها رياست جي ذميواري آهي ته هو هڪ اهڙي هٿياربند بغاوت جي خاتمي لاءِ قدم کڻي، جنهن ۾ سويلين نشانو بڻجي رهيا آهن.. ميدان جنگ ۾ سٺو رويو روا رکڻ مهانگو پئجي سگهي ٿو ۽ هن وقت قبائلي علائقا ميدان جنگ بڻيل آهن پر سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ انهن علائقن جي اهڙي مشهوري نٿي ڪرڻ چاهي، ڇو ته پوءِ سمورا جنگي قانون (مثلن: قيدين جو تحفظ) لاڳو ٿيندا پر ان کي ائين ڪرڻ گهرجي.

ان کانپوءِ سرعام ڦاهيون ۽ دهشتگردي ۾ ملوث ماڻهن کي ماري ڇڏڻ بابت ماڻهن جون دانهون آهن، جيڪي پاڻ کي لبرل سمجهن ٿا. ڇا رت جي اڃ انهن ماڻهن کي انهيءَ سطح تي نه ٿي وٺي اچي، جن جي خلاف آهن؟ ڇا تشدد کي تشدد جي ذريعي ختم ڪرڻ صحيح آهي؟

بنا فرق جي پشاور حملي جا ڏوهاري (جيڪڏهن زنده هجن ها)، سلمان تاثير جو قاتل ممتاز قادري ۽ پاڪستانين جي قتل ۾ ملوث ماڻهن کي ڦاهي جي ڦندي تي لٽڪندي ڏسي تسلي جو سبب بڻجندو. ها اها چاهت فطري آهي ته اسان انهن سان پڻ اهڙو ٿيندي ڏسون، جيڪو انهن اسان سان ڪيو ويو آهي. اخلاقيات جي تقاضا آهي ته اهي ماڻهو قانون کي منهن ڏين، جنهن کي وڌيڪ مضبوط ۽ موثر بڻائڻ جي ضرورت آهي.

(ڊان جي ٿورن سان)

********

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published.