ڇا سيڪريٽري مٽائڻ سان سنڌ جي تعليم بهتر ٿيندي ……؟؟: حسن ناز سومرو

جيئن ته سنڌ جي تعليم کي 20 سالن کان به مٿي واري عرصي دوران تباه ڪيو ويو آهي پر هن مسئلي کي ڪنهن به سڌي طريقي سان حل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي ويئي آهي جنهن جي ڪري اڄ ڏينهن تائين سنڌ جي تعليم ۾ ڪنهن به قسم جو سڌارو اچي نه سگھيو آهي ڇاڪاڻ ته جيسيتائين اسان جي سنڌ جي سياستدانن کي سڌي رستي تي نه آندو ويندو تيسيتائين سنڌ جي تعليم جو سڌرڻ ناممڪن آهي. سنڌ حڪومت سنڌ جي تعليم کي سڌارڻ لاءِ فرسوده طريقا استعمال ڪري فقط پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر سنڌ جي عوام کي اهو يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي پيئي وڃي ته سنڌ جا سياستدان سنڌ ۽ سنڌي عوام جا هڏ ڏوکي آهن جڏهن ته حقيقت ان جي ابتڙ آهي.

سنڌ ۾ تعليم جي بهتري لاءِ سنڌ سرڪار جيڪي قدم کنيا آهن انهن ۾ هڪ طريقو بايو مئٽرڪ سسٽم رائج ڪرڻ آهي پر پوءِ به سنڌ جا اسڪول ويران آهن، هڪ اطلاع موجب ته ڪجھ سال اڳ ۾ فوت ٿيل استادن جي به بايو مئٽرڪ ڪري انهن جي پگھار جاري ڪئي ويئي آهي ته پوءِ آخر سنڌ اندر تعليم ۾ بهتري ڪيئن ايندي…..؟؟ سنڌ ۾ روزانو جي بنياد تي بايو مئٽرڪ ذريعي استادن جي حاضري ورتي ٿي وڃي پر پوءِ به استاد اسڪولن کان غائب آهن…….!!

استادن جي موڪل هيڊ آفيس ڪراچي مان منظور ڪئي ويندي آهي پر پوءِ به استاد نه ٿا لڀن ………!! آخر انهن استادن وٽ اهڙي قسم جو ڪهڙو جادو آهي جو سرڪار پاران ايتري سختي هجڻ جي باوجود به استاد پگھارون به کڻن ٿا پر اسڪول جو منهن نه ٿا ڏسن…….!!

آخر سنڌ جي تعليم کي ڪهڙي طريقي سان سڌارجي……..؟؟ ان سوال جو جواب ته آسان آهي پر جيئن ڪوئن صلاح ڪئي ته يار روزانو ٻلي اسان جي ڪوئن کي ماري وڃي ٿي سو اهڙو ڪو طريقو اختيار ڪجي جو ٻلي جي اچڻ جي خبر اسان کي اڳواٽ ئي ملي وڃي ته جيئن اسين ٻلي جي پهچڻ کان اڳ ۾ ئي ٻرن ۾ هليا وڃون…..!! سو هڪڙي ڏاهي ڪوئي مشورو ڏنو ته ان لاءِ بهتر ڪم اهو آهي ته ٻلي جي ڳچي ۾ ڪا گھنٽي ٻڌي ڇڏجي سو جيئن ئي ٻلي اسان ڏانهن ايندي ته گھنٽي وڄندي ۽ اسين سمورا ڪوئا ٻرن ۾ لڪي وينداسين سو اها صلاح سمورن ڪوئن کي پسند آئي پر جڏهن صبح ٿي ته ڪوئن کي اها ڳاله بعد ۾ سمجھ ۾ آئي ته آخر ٻلي کي گھنٽي وجھندو ڪير ……….!!

سو سائين اسين به سرڪار کي مشورا ته جام ڏينداسين پر انهن تي عمل ڪير ڪرائيندو ڇاڪاڻ ته سنڌ جي تعليم جي بهتري لاءِ ڪم ڪندڙ خود ئي تعليم جي تباهي جا ذميوار آهن، جن ماڻهن تعليم جو ٻيڙو هٿ سان ٻوڙيو ۽ هينئر چون ٿا ته اسان جو ته ڪو قصور ئي ڪونه آهي.

اسين جڏهن غور سان سنڌ جي تباهي لاءِ سوچينداسين ته سڀ کان پهريان سنڌ جي تباهي پاڪستان پيپلز پارٽي ڪرائي، جنهن پنهنجو پاڻ کي سنڌ جي نمائنده جماعت سڏرائي نه فقط سنڌ جو پر سنڌ جي تعليم جو به ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو…………!!

پاڪستان پيپلز پارٽي جڏهن به اقتدار ۾ آئي آهي ته هتي ٻيا کاتا ته وڃي کڏ ۾ پون پر جيڪا جٺ تعليم کاتي سان ڪئي ويئي آهي ان تي جيترو افسوس ڪجي سو گھٽ آهي.، پاڪستان پيپلز پارٽِي اقتدار ۾ ايندي ئي ٻيون نوڪريون ڇڏيو پر تعليم کاتي ۾ ايتريون ته ڀرتيون ڪندي آهي جيئن ڪا نڌڻڪي شيءِ هٿ آئي هجين، سنڌ جي ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز کي ماستري جي ڪوٽا ڏني ويندي آهي پوءِ ان ڪوٽا تحت جنهن کي وڻين تنهن کي نوڪريون ڏيڻ ۽ پوءِ جيڪي ننڍا ننڍا جيالا هوندا آهن انهن کي فقط ماستري نوڪري ڏيئي راضي ڪيو ويندو آهي ۽ پوءِ ان جيالي کي ڀلجان الف بي پڙهڻ نه ايندي هجي پر ان کي ماستري واري نوڪري ضرور ڏيندا آهن ڇاڪاڻ ته هن قربانيون جو ڏنيون آهن باقي جيڪا عوام آهي ۽ انهن ۾ پڙهيل لکيل نوجوان آهن اهي ڀلي در در جا ڌڪا کائن ان سان پيپلز پارٽي کي ڪوبه فرق نه ٿو پوي، ۽ وري جڏهن تعليم سڌارڻ جي ڳاله ڪئي ويندي آهي اهي ئي ماسترن مهانڊي جيالا هٿ ۾ جھنڊا کڻي نعرن جا هوڪرا لائي ڏيندا پر انهن کي اها خبر ڪونه ٿي پوي ته جيڪي هو اڄ تعليم سان ويڌن ڪري رهيا آهن ان جو نتيجو سڀاڻي سڄي قوم کي ڀوڳڻو پوندو ۽ اڄ ڀوڳيون پيا. سنڌ ۾ تعليم کاتي جهڙي طريقي سان پير مظهر تباهيون ڪيون ۽ 6 هزار استاد ڀرتي ڪرڻ واري هنڌ تي 13 هزار استاد ڀرتي ڪري ڇڏيا پر اڄ ڏينهن تائين ان جي ڇنڊ ڇاڻ ٿي نه سگھي آهي ۽ پوءِ به پيپلا چون ٿا ته اسين قوم کي روزگار ڏيندا آهيون جڏهن ته مسلم ليگ وارا ماڻهن کي بيروزگار ڪندا آهن ته سائين منهنجا جيڪڏهن 6 هزار نوڪرين جي جاءِ تي 13 هزار ماڻهو کڻندو ته ته آخر پوءِ ڇنڊ ڇاڻ ته ٿيڻ کپي يا نه ….؟؟ پر پوءِ به پي پي پي وارا نعرا هڻي اهڙن نااهل ماڻهن کي برقرار رهڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ڪري ڪامياب ٿي ويندا آهن.

گذريل چئن سالن کان سنڌ ۾ تعليم جي بهتري لاءِ تعليم جو سيڪريٽري اڳوڻي صدر آصف علي جو ڀيڻيئو فضل الله پيچوهو کي مقرر ڪيو ويو هو جنهن پنهنجون ماهراڻيون صلاحيتون استعمال ڪندي تعليم جي بهتري لاءِ ڪجھ سٺا ۽ اثرائتا قدم کنيا پر پيچوهو صاحب جو چوڻ هو ته مان بااختيار هوندي به بي اختيار آهيان ڇاڪاڻ ته ٻه سال اڳ ۾ جڏهن فضل الله پيچوهو صاحب خود وڃي مختلف اسڪولن تي ڇاپا هڻي ايڪشن وٺندو پر اهي متاثر استاد ڪي گھٽ ڪونه هئا سو انهن ۾ کوڙ سارا ته سياسي شخصيتن جا ڇاڙتا هئا سو پوءِ فضل الله پيچوهو جو ايڪشن ڇا ڪري سگھندو هو پر پوءِ به پيچوهو صاحب مختلف طريقا استعمال ڪري تعليم جي بهتري جون ڪوششون ڪندو رهيو.

فضل الله پيچو صاحب سيڪريٽري تعليم هوندي ٽِي ڀيرا تعليم جا منسٽر تبديل ڪيا ويا پر پوءِ به فضل الله پيچوهو صاحب همت نه هاري ۽ پنهنجو ڪم دل ۽ جان سان ڪندو رهيو، پر چوندا آهن ته سمنڊ ۾ رهي مانگر مڇ سان وير رکڻ تمام ڏکيو هوندو آهي سو فضل الله پيچوهو صاحب به واڳن وچ ۾ ويهي تعليم جي بهتري لاءِ سوچي رهيو هو جيڪو ڪم شايد وس کان گھڻو مٿي هوس، پر پوءِ به اڳوڻي تعليم واري سيڪريٽري فضل الله پيچوهو کي هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، تمام باخبر ذريعن جو چوڻ آهي ته هن وقت سنڌ نوڪريون ڏيڻ جو وقت اچي ويو آهي سو فضل الله پيچوهو صاحب سخت قسم جو ماڻهو آهي سو اهو نوڪرين جي ورهاست ۾ ضرور ٽنگ اڙائيندو سو حڪومت سسنڌ سوچيو ته ڇونه فضل الله پيچوهو کي هٽائي من پسند ماڻهن کي نوڪريون ڏيئي اندڙ اليڪشن ۾ عوام کان ووٽ وٺي سگھجي سو اهو خيال ذهن ۾ رکي فضل الله پيچوهو کي هٽائي ان جي جاءِ ته هاڻوڪي چيف منسٽر سيد مرادعلي شاه صاحب جي ڀيڻيوي آصف حيدر شاه کي سيڪرِيٽري تعليم مقرر ڪيو ويو آهي سو هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته جهڙي طريقي سان فضل الله پيچوهو تعليم جي بهتري لاءِ ڪم ڪيو پر هو ڪامياب ٿي نه سگھيو پر هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ڇا آصف حيدرشاه سنڌ جي تعليم بهتر ڪري سگھندو يا وري هو به پاڪستان پيپلز پارٽي جي کنيل قدمن جي حمايت ڪري سنڌ جي تعليم جيڪا اڳ ۾ ئي تباه حال آهي ان کي وڌيڪ ڇوٽ ڏيئي انهن گوسڙو ماسترن کي ٽي وي تي ڪم ڪرڻ يا اخباري دنيا ۾ صحافت وارو ڪردار ادا ڪرڻ يا انهن ڀاڳورن ماسترن کي ذاتي ڪاروبار ڪندڙ جي کليل ڇوٽ ڏني ويندي ۽ سنڌ جي تعليم کي هميشه جي لاءِ تباه ڪري ۽ سنڌ قوم جون پاڙون کوکليون ڪري سنڌي قوم کي اقليت ۾ آڻي هميشه جي لاءِ اپاهچ بڻايو ويندو، سو هاڻي ان ڳاله جو فيصلو عوام جي عدالت ۾ ڇڏيو ويندو جيڪو سنڌ جي تعليم تي سويبازي ڪندو تنهن کي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو ڪڏهن به معاف نه ڪندا ۽ ان لاءِ سنڌ جي عوام کي سخت فيصلا ڪرڻا پوندا ڇاڪاڻ ته ان ۾ ئي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي ڀلائي ۽ بقاء آهي.

****

موبائيل نمبر؛ 03133160003

m.hassannazsoomro@gmail.com جي ميل؛ ا

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *