ڇا زلزلي متاثرين لاءِ ڀارت کان امداد جي ضرورت آهي.؟: غلام مصطفي جمالي

ڏهه سال کان کانپوءِ وري به آڪٽوبر آيو ۽ پاڻ سان گڏ وري ڪهر جو ڪهرام کڻي آيو.هر طرح لاشن جا انبار ۽ عمارتون کنڊر بڻيل.جت خوشيون هنيون ان هنڌ ماتم هيو.جت شادي جي سهرا هيا اهي گيت نغما نوحن ۾ تبديل ٿي چڪا آهن.ماڻهو سجدن ۾ ڪري پنهنجي پروردگار کان پناهه وٺي رهيا هئا.هي زلزلو نه ڪنهن وزيراعظم جي حڪم سان آيو ۽ نه ئي ڪنهن جي سازش هئي.۽ نه ئي ڪنهن ايجنسيز جو ڪم هو .هي ته انهي خدا جو آيل هو پنهنجي بندن مٿان آيل امتحان هو.جنهن جي جهڙي به صورت ۾ صبر جي ضرورت آهي.انهي صبر کان ڪم وٺي ڪري انهن پنهنجي ملڪ جي ڀائر ڀينر امڙين جي مدد ڪرڻ جي ضرورت آهي جيڪي انهي زلزلي سبب متاثر ٿيا آهن.جن کان پنهنجا وڇڙيا آهن.جيڪي پنهنجي پيارن جي وڇڙهڻ ڪري آهون ۽ دانهون ڪري رهيا آهن.اهو سوال هڪ وڏو ۽ اهم سوال آهي. آيل زلزلي تمام گهڻو خطرناڪ هو.پر الله جو ڪرڙوين احسان جو ايترو نقصان نه ٿيو.جيترو شديد زلزلو هو.جڏهن ته سرڪار طور تي ٻڌايو پئي ويو ته زلزلي جي شدت8.1 هئي جڏهن ته هو زلزلو2005۾ آيل زلزلي کان به وڌيڪ خطرناڪ هو.پر هن جي ڀيٽ ۾ ايترو نقصان ناهي ٿيو.جڏهن 2005۾ آيل زلزلي جي شدت7.1هئي جنهن اندر 80هزارکان وڌيڪ جانيون زايا ٿيون هنيون. جڏهن ته 8.1 جي شدت سان ايندڙ زلزلي اندر 300ماڻهن مرڻ جا اطلاح اچي چڪا آهن.جڏهن ته هزارن جي تعداد ۾ زخمي آهن.جن جي اعلاج لاءِ حڪومت پاڪستان ۽ پاڪ آرمي سميت ملڪ جي عوام به انهي ڪم ۾ رڌل آهي.جڏهن ته پاڪستان جي جاگرافيائي لحاظ سان هڪ نظر ڊوڙائينداسين ته پاڪستان اندر8.1جي شدت سان آيل زلزن جي تاريخ تمام تورڙي آهي. جڏهن ته ملڪ جي تاريخ تي نطر وجهنداسين893ع ۾ ايندڙ سنڌ اندر شاهه بندر جيڪو زلزلو آيو هو ان اندر به ڏيڊ ماڻهو فوت ٿيا هئا. اهڙي طرح بلوچستان اندر1857۾ آيل ڪهان جي علائقي اندر جنهن جي شدت به8.کان مٿي جي هئي ساڳئي صوبي بلوچستان اندر1889 ۾ جهالا وان علائقي اندر زلزلو آهي جنهن جي شدت به 8.کان مٿي جي هئي جڏهن ته وري به1945 اندربلوچستان جي علائقي مڪران ۽ صوبي سنڌ ۾ زلزلو آيو جنهن جي شدت به8.کان مٿي جي هئي جڏهن ته انهن سمورن آيل زلزلن اندر هن آيل زلزلي جي ڀيٽ ۾ ڪافي تعداد ۾ جاني توڙي مالي نقصان ٿيو هو.جنهن جي وجهه اها پئي ٻڌائي وڃي ته هن آيل زلزلي جي مرڪز زمين جي تمام گهڻو هيٺ هو.جڏهن ته ٻين زلزلن ۽ 2005۾ آيل زلزلن جو مزڪر زمين جي ويجهو هو انهي ڪري تمام گهڻو نقصان ٿيو.جڏهن ته هن زلزلي جا لوڏا پوري ملڪ اندر محسوس ڪيا ويا پر ڪي پي ڪي ۾ هن زلزلي ڪافي نقصان ڪيو آهي.انهي ڪري پاڪستاني بهادر آرمي چيف جلدي ڪي پي ڪي پهچي ويو.۽ اعلان ڪيا ته پاڪ آرمي جو هر فوجي انهن زلزلي متاثرين جي مدد ڪري ۽ کيس ڪنهن کان موڪل وٺڻ جي ضرورت ناهي.پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته تحريڪ انصاف جو ليڊر عمران خان پڻ ڪي پي ڪي ۾ موجود هوندي به پشاور نه وڃي سگهيا ۽ اين 122 تي ٿيل ڌانڌلين جو بحث ۾ مصروف رهيا.شايد اهو سندس ذهن ۾ آيل زلزلي کان وڌيڪ اهيمت رکندڙ هو.پر اهو به الله جو احسان ٿيو ته زلزلي سبب خير ٿيو.پر هن سموري قصي اندر هڪ ڳالهه جيڪا شايد ڪنهن کي ذهن ۾ هجي يا اهو سوال سندس سوچ کي پريشان ڪري رهيو هجي ته ڀارت جي دل ۾ هن وقت پاڪستان لاءِ ۽ ان جي عوام لاءِ ڪهڙو رحم جاڳيو آهي.جو هو پاڪستان ۾ آيل زلزلي متاثرين جي مدد ڪرڻ ٿو چاهي.ڇا کيس اهو وسري ويو ته هن اڃان ڪجهه ئي ڏينهن پهرين آئين آف ڪنٽرول جي ڀڃڪڙي ڪندي پاڪستاني سرحدن اندر فائرنگ ڪري بي گناهه پاڪستاني جي رت وهائي ڇڏيو.ڇا انهي وقت سندس دل جي ويٺل پاپي انسان کي رحم ڪون آيو. جو هن زلزلي اندر هن پاڪستان وزيراعظّم جي فونڪري مدد جي لاءِ چيو.پر پاڪستان وزيرااعظم ميان نواز شريف اهو بهتر فيصلو ڪيو.پر پاڪستان ايڌي فائونڊيشن لاءِ ڀارتي وزيراعظم هڪ ڪروڙ رپين جو اعلان ڪيو آهي..انهي ڪري ڳالهه سمجهه نه پئي اچي ته هي پندرهن سالن تائين گيتا جي پالڻ جو معاوضو آهي يا ڪي پي ڪي ۾ آيل زلزلي متاثرين جي مدد جي پيڪج ڇو ته ان کان پهرين به پاڪستان اندر ايڌي فائونڊيشن اهو واحد ادارو آهي .جنهن پاڪستان ۾ آيل زلن يا خدڪش بم ڌماڪن اندر پاڪستاني عوام جي ڀرڀور مدد ڪئي آهي ۽ ڪندو اچي پر ان وقت ته انڊيا جي ايڌي ياد ڪون هو جو هن وقت ياد آيو آهي.انهي ڪري ايڌي فائوڊيشن جي گزارش آهي ته انڊيا طرفان مليل انهي امداي رقم کي واپس ڪري انڊيا جي اهو ٻڌائي ته کيس عوام ۽ پاڪستاني حڪومت ۾ ايتري طاقت آهي جو هو پنهنجي مجبور عوام جي مدد ڪري سگهن.انهي ڪري مان هڪ نه پر شايد سموري پاڪستاني عوام اندر مايوسي ڇانئبي ڇو ته هن وقت حالات ڪجهه اهڙا آهن.

انڊيا اهو ملڪ آهي جنهن اگر هڪ ڪروڙ ڏنو ته انهي کي دهل ڳجهي ۾ وجهي ڳائيندو.اڄ هن اگر هڪ ڪروڙ جي پيش ڪش ڪئي آهي ته انهي مان هو شريف هزگز ڪون بڻبو سڀاڻي وري به پاڪستان خلاف سازشون ڪندو ڇو ته اهو اهين نه ڪري ته کيس آرام نه ايندو. ڇو ته هميشه اسان جي مخالف ۾ رهيو آهي.جنهن هر وقت پاڪستان اندر دهشتگردي ڪري غريب عوام جو رت وهايو آهي.اڄ جڏهن اسان زلزلي ۾ زد ۾ آيو آهيون ته هو عالمي برادري جي منهن ڏيکارڻ خاطر اسان سان همدردي ڪري رهيو آهي. انهي ڪري پاڪستاني حڪومت ۽ پاڪ آرمي انڊيا جي مدد جي آڇ کي قبول ناهي ڪيو ته عوام کي اهو به قبول نه هوندو ته ايڌي فائوڊيشن انڊيا کان هڪ ڪروڙ جي امداي رقم وٺي.انهي ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته ايڌي اها واحد فائونڊيشن آهي جنهن هر وقت پاڪستاني عوام جي ڏکئي وقت مدد ڪئي.۽ ان وقت وري به پاڪستان ۽ پاڪستاني عوام مٿان ڏکيو وقت آيل آهي.جنهن اندر ايڌي فائونڊيشن پنهنجو ڀرپورڪردار ادا ڪري رهي آهي.پرسوال انهي رقم جو آهي جيڪا انڊيا کان مليل آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *