ڇا رائوانوار گرفتار ٿيندو..؟؟: غلام مصطفيٰ جمالي

ڪراچي اندر سري عام هڪ بلوچ نوجوان جو قتل ٿيو. جيڪو قتل ڪنهن ٻئي نه پر پوليس جو هيمشه کان بهترين آفيسر ڏسرائيندڙ رائوانوار خد ڪيو. بلوچ نوجوان نقيب الله مسعود جي قتل کانپوءِ سندس وڊيو توڙي ڦوٽو سوشل ميڊيا تي پوسٽ ٿيڻ شروع ٿيا ته پوري ملڪ جي پرنٽ توڙي اللڪٽرونيڪ ميڊيا جي نقيب الله مسعود جون خبرون شروع ڪيو ته نقيب الله مسعود جي قتل بابت پوري ملڪ اندر سراپا احتجاج ٿيڻ شروع ٿيو،آخرڪار سپريم ڪورٽ آف پاڪستان انهي قتل جو نوٽيس ورتو ۽ نيقيب الله مسعود قتل ڪيس تي تحقيات ٽيم قائم ڪئي.هڪ طرف سپريم ڪورٽ آف پاڪستان نقيب الله مسعود قتل ڪيس تي تحقياتي ٽيم جوڙي ته ٻئي پاسي سنڌ حڪومت ملير سابق ايس ايس پي رائو انوار جيڪو نقيب الله مسعود قتل ڪيس جو مک جوبدار هوُ کيس پنهنجي عهدي تان هٽائي ڇڏيو.ڪورٽ پاران جوڙيل تحيقاتي ڪيمشن جڏهن نقيب الله قتل ڪيس اندر جوابدار سابق ايس ايس پي رائو انوار کي تحيقات لاءِ گهرايو ته هن اچڻ کان صاف صاف انڪار ڪري ڇڏيو،جڏهن ته جوڙيل تحقياتي ڪميشن رائو انوار بابت بيان ڏيندي چيو ته اسان باربار نقيب الله مسعود قتل ڪيس بابت سابق ايس ايس پي رائو انوار کي نوٽيس موڪلي رهيا آهيون پر هن اچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي  ٻئي پاسي اهو به ٻڌايو پئي ويو ته رائو انوار سان گڏ جيڪي ٻيا پوليس اهلڪار جيڪي نقيب الله مسعود قتل ڪيس ۾ شامل آهن انهن کي به  نوٽيس موڪليا ويا آهن پر انهن مان به ڪير جوڙيل تحقيقاتي ٽيم اڳيان پيش نه ٿي سگهيو آهي.

هڪ پاسي جوڙيل ڪيمشن پاران اهڙا بيان سامهون آيا ته ٻئي پاسي رائوانوار پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته هوُ جوڙيل تحقياتي ڪميشن جي اڳيان انڪري پيش نه پيو ٿي جو کيس اها اميد ئي ناهي ته کيس انصاف ملندو.جوڙيل تحيقاتي رپورٽ ٽيم پاران اهو به چيو ويو ته جيڪڏهن رائو انوار جوڙيل ڪميٽي اڳيان پيش نه ٿيو ته کيس گرفتار ڪيو ويندو،نه رڳو هڪ رائوانوار کي گرفتار ڪيو ويندو پر انهي جي سموري ٽيم کي گرفتار ڪيو ويندو جيڪي نقيب الله مسعود قتل ڪيس ۾ ملوث آهن.جڏهن اهڙا بيان منظرعام تي اچڻ لڳا ته رائوانوار به منظرعام تان غائب ٿي ويو،ڪجهه ڏينهن پهرين رائونوار کي  حوالي اڏي تي ڏٺو ويو هوُ جتان هن ٻاهر ڀڄي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو ناڪام ويو،جڏهن ته انکان پهرين اسلام آباد ۾ به رائوانوار نه رڳو ڀڄڻ جون تياريون ڪيون پر هوُ جهاز جو ٽڪيٽ به ڪرائي ويو هوُ ۽ جهاز ۾ چڙهي به ويو هوُ اتي جهاز ۾ عملي مان ڪنهن کيس سڃاڻي ورتو ته هي سابق ايس ايس پي رائوانوار آهي جنهن تي پاڪستان ۾ نقيب الله مسعود قتل ڪيس بابت جانچ هلي رهي آهي،جنهن کانپوءِ نقيب الله مسعود جي قاتل پوليس آفيسر رائوانوار کي جهاز مان لاٿو،پران وقت به کيس گرفتار نه ڪيو ويو،۽ هي ٻيو دفعو هو جڏهن سابق ايس ايس پي آساني سان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو،۽ هاڻ ان ڏنهن کان وٺي سابق ايس ايس پي مسلسل غائب آهي ۽ پوليس کي تلاش ڪري رهي آهي.

ڪراچي آءِ سنڌ اي ڊي خواجه جو پڻ اهڙو بيان سامهون آيو آهي ته هوُ رائونوار جي باري ۾ کيس پهرين ڄاڻ هجي هان ته هوُ کيس گرفتار ڪري وٺِي هان،جڏهن ته هن اهو به چيو ته رائوانوار لاءِ بهتر اهوئي ٿيندو ته هو پنهنجو پاڻ کي قانون جي حوالي ڪري ڇڏي.ايس ايس پي رائو انوار جي گرفتاري لاءِ آءِ جي سنڌ سموري صوبن جي اداران کي اطلاع ڪري ڇڏيو آهي،جڏهن ته اهو به آءِ سنڌ جو بيان سامهون آيو آهي ته رائوانوار پنهنجو پاڻ کي قانون جي حوالي ڪري سندس موقفن جو به خيال ڪيو ويندو ۽ سندس موقفن کي به ٻڌو ويندو.مان سمجهان ٿو ته آءِ سنڌ جي انهي بيان ۾ رائو انوار لاءِ بهتري آهي ڇو ته هڪ پاسي پاڪستان جي عدالت آهي جنهن جو احترام ڪرڻ به رائوانوار تي فرض ٿي ٿو ٻئي پاسي ڳالهه انصاف جي آهي ته سندس موقفن جي به ڳالهه ڪئي وئي آهي ته سندس موقفن کي به ٻڌو ويندو،انجي باوجود به رائوانوار جيڪڏهن ڀڄڻ جون ڪوششون ڪري رهيو آهي ته مان سمجهان ٿو ته اهو فيصلو کيس نقصان ۾ وجهندو.

رائوانوار هن وقت اسلام آباد ۾ آهي يا ڪراچي يا پاڪستان جي ڪنهن ٻئي صوبي ۾ هوندو اهو عمل صرف ان کي آهي ٻيو الله کي ڇو ته پاڪستان جي سموري سڪيورٽي ڪوششون ڪري رهي آهي ته رائونوار کي ڪنهن به حالت ۾ گرفتار ڪجي پر رائو انوار مسلسل پوليس توڙي سڪيورٽي ادارن جي نظرن کان اوجهل آهي،جيڪو هن وقت تائين پوليس ۽ سيڪورٽي ادارن کي هٿ نه اچي سگهيو آهي، جيڪڏهن ڳالهه پوليس جي ڪوششن جي ڪجي ته مان سمجهان ٿو ته اهو ڪم انهن لاءِ مشڪل ناهي جيڏو مشڪل ٺاهيو پيو وڃي،ڇو ته اها ڳالهه ظاهر آهي ته آخري دفعو رائو انوار کي اسلام آباد ۾ ڏٺو ويو هو جنهن کانپوءِ هو ڪراچي به اچي سگهيو آهي،جنهن ڳالهه مان اهو صاف ظاهر ٿئي ٿو ته رائو انوار اسلام آباد جي ڪنهن وي آءِ پي هوٽل يا ڪنهن مٽ مائٽ وٽ رهائش پزير هوندو،ڇو ته اهوجنگ منهن ته هر گز نه ڪندو.!! انڪري پوليس لاءِ سڀ کان بهتر اهوئي آهي ته هوُ ڪراچي،اسلام آباد سميت ملڪ جي وڏن وڏن هوٽل جي رهائش پزيرماڻهن جي لسٽ چيڪ ڪري اهو انهي لاءِ ته رائوانوار ڪو عام ماڻهو ناهي جيڪو ڪنهن ٻئي پاسي سان هوٽلن ۾ لڪيو ويٺو هجي،رائو انوار هڪ سابق ايس ايس پي آهي ۽ ملڪ توڙي ٻاهرين ملڪن اندر سندس وڏا چرچا آهن ۽ ملڪ جو ننڍو توڙي وڏو ماڻهو نه رڳو نالي سان سڃاڻي ٿو ته پر هر ماڻهو کيس چهري مان به صاف صاف سڃاڻي ٿو ڇو ته اهو انهي ڳالهه جو چٽو ثبوت آهي ته جيڪڏهن رائوانوار کي ڪير به سڃاڻي ها ته کيس اسلام آباد اندر جهاز مان نه لاٿو وڃي ها ۽ هوُ آساني سان ملڪ کان ٻاهر هليو وڃي ها،پر اها سندس بدقسمتي چئبي يا نقيب جي قتل جو انصاف. جنهن کيس ملڪ کان ٻاهر وڃڻ کان روڪي ڇڏيو جو کيس جهاز مان ڪنهن چهري سان سڃاڻي ورتو هو هي رائو انوار آهي انڪري هي  ملڪ مان ٻاهر نه ٿو وڃِي سگهي.

هن وقت سابق ايس ايس پي رائو انوار ۽ سندس ساٿين جا فون نمبر به بند پيل آهن،ٻئي پاسي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو جيڪو بيان سامهون آيو آهي ته جنهن اندر هن چيو آهي ته ڪٿي رائوانوار کي لڪايو ته نه ويو آهي ڇو ته هن ملڪ اندر چورن جا پاٿيدار تمام گهڻا آهن.مان سمجهان ٿو ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو اهو بيان به تمام پنهنجي جاءِ به بلڪل به درست آهي ڇو ته رائوانوار  ڪو پکي ناهي جيڪو هوا ۾ اڏامي ويو آهي جيڪو ڪيترا ڏينهن ٿي ويا آهن جو پوليس کي هٿ نه اچي سگهيو آهي،سابق ايس ايس پي رائو انوار جو پوليس جي اڳيان پيش نه ٿيڻ جنهن مان اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته نقيب الله مسعود قتل ۾ سنڌوسنئون رائوانوار ئي ملوث آهي جنهن جي ڪري هو پوليس کان لڪي رهيو آهي،جڏهن ته اها به ڳالهه سورهن آنا سچي آهي ته سابق ايس ايس پي رائو انوار کي ضرور ڪنهن چڱي سياسي ڌر جي هٿي آهي جنهن جي پست پنائي اندر رائوانوار لڪي وڃِي ويهي رهيو آهي،جو پوليس کي هٿ نه پيو اچي.

مان سمجهان ٿو ته پوليس کي جيڪا عدالت 72ڪلاڪن جي مهلت ڏني آهي انهي ملهت اندر رائوانوار کي پوليس ضرور گرفتار ڪري،پوليس جي ڪوششون سان رائوانوار گرفتار ٿي سگهي ٿو ڇو ته هوُ ملڪ اندر موجود آهي ملڪ کان ٻاهر ڀڄِي نه ويو آهي جو پوليس کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام  ويندي. ڪالهه رائوانوار بابت هڪ ٻيو بيان به سامهون آيو هو ته هڪ پوليس آفيسر جو رائو انوار سان فون تي رابطو ٿيو هو جنهن ۾ هڪ هن رائوانوار کي چيو ته هن لاءِ عدالت 72ڪلاڪن جو ٽائيم ڏنو  آهي، انڪري بهتر آهي ته ٿيندو ته هوُ پنهنجو پاڻ کي پوليس جي حوالي ڪري.انڪري مان سمجهان ٿو ته قانون کان ڪير به بالاتر ناهي انڪري رائو انوار کي پنهنجي گرفتاري ڏيڻي پوندي ۽ هوُ ان سلسلي ۾ جيڪڏهن پاڻ اچي پيش ٿي ته ان لاءِ بهتر ٿيندو..

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *