ڇا اڄ نواز- مودي ملاقات ٿيندي؟؛مير اعظم علي ٽالپر

اڄ ڏهين جولاءِ جمعي تي روس جي شهر ’اوفا‘ ۾ برڪس شنگهائي جي ستين (7) اجلاس دوران پاڪستان جي وزيراعظم نواز شريف ۽ هندستان جي وزيراعظم نريندر مودي وچ ۾ ملاقات متوقع آهي. حالانڪه هن ملاقات لاءِ ٻنهي طرفن کان ڪابه سرڪاري طرح سان ڄاڻ نه ملي آهي. هن تحرير وقت به صرف ٻنهي سربراهن جي ملڻ جو امڪان آهي. پاڪستان ۽ هندستان جي پيار ۽ محبت جي گاڏي ٽريڪ تان لهي چڪي آهي، سا هن پهرين ملاقات ۾ هڪدم ريل ته ڊوڙڻ شروع نه ڪندي. البته نواز شريف ۽ مودي جي ملڻ سان هندستاني جبل هماليه ۽ پاڪستاني جبل نيله پربت تان هڪدم برف پگهرڻ نه لڳندي، پر ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪشمڪش گهٽ ٿيندي. هن کان اڳ 2013ع ۾ هندستاني وزيراعظم من موهن سنگهه ۽ نواز شريف به ملي چڪا آهن ۽ تازو مسلمانن جي مقدس مهيني رمضان جي آمد تي مودي جو مبارڪن وارو فون نواز شريف لاءِ هڪ سٺو قدم هو. هن برڪس ۾ ٻنهي ملڪن کي نئون ميمبر بڻايو ويندو ۽ خاص ڪري دنيا ۾ يونان (گريس) جي کوٽ کاتي کانپوءِ ٻيو ڪهڙو ملڪ کوٽ ۾ ايندو؟ ان کان بچڻ لاءِ هي اجلاس اهم آهي ۽ چون ٿا يونان کانپوءِ ڏيوالي ٿيڻ لاءِ ٻيو نمبر ’اسپين‘ جو آهي.مودي هن کانپوءِ هندستان ۾ 17 تاريخ تي ڪشمير ايندو ۽ مسلمانن سان گڏجي عيد ملهائيندو، جيئن هو ڪجهه مهينا اڳ هندو پنڊتن سان ڏيئا (ديوالي) ملهائي چڪو آهي ۽ پڻ افطار پارٽي به ڏيندو. هندستان ۾ هر رمضان ۾ ڪانگريس پاران افطار ۽ عيد ملن پارٽيون مقرر آهن. اڳوڻي هندستاني صدر فخر علي احمد جي دور کان زور شور ملهايون وينديون آهن. بهرحال اڄوڪي ملاقات ٻنهي ملڪن طرفان هن خطي لاءِ هڪ خوشگوار قدم آهي.تازو هندستان ۾ ناليواري قانوندان رام ڄيٺ ملاڻي چيو آهي ته ممبئي جو ڊان ’دائود ابراهيم‘ واپس هندستان اچڻ لاءِ تيار هو ۽ ان مون کي ٻڌايو هو ته بقول رام ڄيٺ ملاڻي ته دائود هندستان ۾ اچڻ کانپوءِ پنهنجي ممبئي واري گهر ۾ رهندو ۽ کيس گرفتار نه ڪيو ويندو ۽ پوءِ ڀلي ڪيس هلايا وڃن، پر بقول وڪيل رام ڄيٺ ملاڻي ته ان وقت جي مهاراشٽر جي وزيراعليٰ شرت پوار اها ڳالهه منظور نه ڪئي ۽ پڻ ”ڇوٽا شڪيل“ جيڪو ممبئي اچي نه سگهيو، رام ڄيٺ ملاڻي جي هن بيان کانپوءِ هندستان جي سياسي بازار ۾ هلچل پيدا ٿي وئي آهي ۽ هرطرف ’دائود ابراهيم‘، ’ڇوٽا شڪيل‘ ۽ ’رام‘ جو نالو هڪ ئي آواز ۾ تنقيد سان ورتو پيو وڃي. جڏهن ته هندستان جي سياست ۽ موجوده حڪمران پارٽي بي جي پي جو جهونو ۽ ناليوارو سنڌي ليڊر ايل ڪي آڏواڻي به پارٽي ۾ هئڻ جي باوجود حڪومت پاران سرڪار ۾ نظرانداز آهي. جڏهن ته هو پارٽي جو مکيه پائي جو ليڊر ۽ مرڪزي باڊي جو اڳواڻ هوندي به ميٽنگ ۾ وزيراعظم نريندر مودي سامهون چپ چاپ ويٺو هوندو آهي. جو هندستان ۾ بي جي پي پارٽي بدران هڪ شخص مودي جي شخصي حڪومت چئي وڃي ٿي.تازو ايل ڪي آڏواڻي هڪ واضح اشارو ڏنو آهي ته جيئن ته 1977ع ۾ ان وقت جي وزيراعظم مسز انڌرا گانڌي پنهنجي اقتداري ڪرسي بچائڻ خاطر الهه آباد ڪورٽ جي فيصلي کي نظرانداز ڪندي پنهنجي اقتدار لاءِ هندستان ۾ ايمرجنسي هڻائي هئي ۽ ان ڪاري ڏينهن کانپوءِ هندستان ۾ سياست جو اصل روح ئي تبديل ٿي ويو هو. هن وقت به حالتون ان رستي تي وڃي رهيون آهن، جتي اڳتي هلي وزيراعظم مودي کي ڪا نئين ايمرجنسي نافذ ڪرڻي پوندي. انهي بيان کانپوءِ ناليوارو سياستدان سنڌ ڄائو لال ڪرشن آڏواڻي هندستان جي سياست ۾ وڏي تنقيد جو نشانو بڻجي ويو آهي. ٻئي پاسي سنڌ جو هڪ ٻيو ناليوارو پنڊت نوابشاهه ضلعي وارو ’چاچا آشا رام‘ مختلف ڪيسن ۽ الزامن تحت احمدآباد سينٽرل جيل ۾ مسلسل نظربند آهي. ان جي پٺيان به سياسي نظريو ۽ مذهبي ڪٽرپڻو چيو وڃي ٿو، ان لاءِ تازو دنيا ۽ هندستان ۾ اقوام متحده پاران يوگا جو عالمي ڏينهن ملهائيندڙ سوامي ’بابا رام ديو‘ جو خفيه هٿ چيو وڃي ٿو. ڇو ته آشا رام بطور ’سوامي‘ رام ديو کان وڌيڪ ميمبر ۽ مذهبي اثر رکندڙ شخصيت آهي. بهرحال جيڪي به مذهب جي ڪري پنهنجي ڌرتي ڇڏي ويا آهن، اهي ٻئي هنڌ به تڪليف ۾ آهن ۽ ڪجهه سال اڳ هتان لڏي ويل هڪ نه پر ڪافي شخص هندستان وڃڻ کانپوءِ واپس سنڌ ۾ موٽي آيا. جيتوڻيڪ هنن کي سنڌ ڌرتي تي رهڻ وارن کان کوڙ ساريون شڪايتون، اغوا، ڦر، ڌاڙا، قتل کانسواءِ ٻيا ڪيترائي مسئلا درپيش آهن.اڄڪلهه هندستان ۾ سڀ کان وڌيڪ ڳالهه وزيراعظم مودي جي حڪم تي ”ڊجيٽل انڊيا“ جي هلي رهي آهي. ان سلسلي ۾ سڀ کان پهرين 36 ٽڪرين تي مشتمل ڪجهه سال اڳ مڌيه پرديش ۽ ٻين علائقن کي ملائي هڪ نئون صوبو ڇٽيهه ڳڙهه ٺاهيو ويو هو، ان کي ئي ڊجيٽل انڊيا جو مرڪز بڻايو ويو آهي. هن صوبي جي گادي واري شهر راڻيپور ۾ هتان لڏي ويل سنڌين جي اڪثريت آباد آهي. ڊجيٽل انڊيا جي پهرين ڏينهن ئي هندستان جي ويب سائيٽ وارن الزام هنيو آهي ته پاڪستان مان ڪن ماڻهن سندن ويب سائيٽ جام ڪري انهن مٿان پاڪستان جو جهنڊو لڳائي ڇڏيو ۽ ڪافي ڪلاڪن جي مٿا ڪٽ ڪرڻ کانپوءِ هندستان جي ويب سائيٽ رکڻ وارن پنهنجيون بي ايس، اينل جون ويب سائيٽ بحال ڪري وري پاڪستاني ويب سائيٽ کي هيڪ ڪري انهن مٿان هندستان جو ٽه رنگو جهنڊو لڳائي ڇڏيو. ان سلسلي ۾ راڻيپور جي هڪ نوجوان فيصل افضل چيو ته هي هڪ غير اعلانيه مقابلو آهي ته ڪير ڪنهن کان زور آهي ۽ ان ۾ ’واري وٽي‘ وارو طريقو آهي، جنهن ۾ ٻنهي طرفن کان طاقت جو ڀرپور مظاهرو ڪيو پيو وڃي، پر اصل ۾ هي گلوبل ۾ کلي عام هڪ جنگ آهي. ان سائيبر ڪرائم تحت پاڪستان وارا اسان جون ويب سائيٽس هيڪ ڪن ته اتي ۽ جيڪڏهن اسان هتي (هندستان مان) پاڪستان وارن جون ويب سائيٽس جام ڪريون ته مقامي انتظاميه قانوني چاره جوئي ڪري. پر في الحال اهڙو سائيبر ڪرائيم جو قانون نظر نٿو اچي. جڏهن ته خود هن صوبي ڇٽيهه ڳڙهه ۾ فون جي مڪمل سهوليت به دستياب نه آهي، جنهن سان ’بي ايس اينل‘ تحت ڊجيٽل انڊيا جو ڪم هلي سگهي، ان کانسواءِ موبائل جو سسٽم به ميلن جا ميل ٽاور پري هئڻ سبب سگنل نه آهن ۽ ان ڪري هتي موبائل ڳالهائڻ ۽ رابطي واري سم کانسواءِ گانا ٻڌڻ لاءِ استعمال ٿئي ٿو.روڊ ۽ رستن تي ٽريفڪ حادثا ۽ ٽڪر ٿيڻ عام واقعا آهن، پر تازو هندستان جي صوبي راجستان جي شهر جئه پور ۾ نيشنل هاءِ وي جي باءِ پاس تي دُوسوا وٽ ٻن ڪارن ۾ خاص ٽڪر ٿيو، جنهن ۾ هڪ ڪار ماضي جي ڊريم گرل ادڪاره هيما مالني جي مرسڊيز ۽ ان اڳيان ٻي ڪار الٽو هئي،

جنهن کي ٽڪر لڳڻ سبب ان ۾ هڪ ڇوڪري ٻن سالن جي ننڊ ۾ ئي ڌڪ لڳڻ شرط گذاري وئي، جڏهن ته خود هيما مالني جي اک ۽ منهن تي زبردست ڌڪ لڳڻ سبب چار ٽانڪا هڪ پرائيويٽ اسپتال ۾ هنيا ويا. هتي ماضي جي قصي ۽ داستان کي هڪ دفعو ٻيهر قارئين جي دلچسپي لاءِ لکڻ ضروري آهي ته هيما مالني فلمن ۾ اچڻ کانپوءِ مدراس ۾ جتيندر سان شادي ڪرڻ واري هئي، پر سنڌي فلمساز سپي صاحب جي فلم شعلي ۾ ’بسنتي ٽانگي واري‘ جو ڪردار هيما مالني ڪندي رام ڳڙهه ويندي فلم جي هيرو ڌرميندر سان شادي ڪري ڇڏي. جڏهن ته ڌرميندر سان ماضي جي ناليواري اداڪاره مينا ڪماري بي پناهه محبت ڪندي هئي ۽ ان ڪري هن پنهنجي مڙس ڪمال امروهي (فلم پاڪيزه ٺاهيندڙ) کان ڌار ٿي وئي. پر ڌرميندر مينا ڪماري سان بيوفائي ڪري ويو ۽ هن ناليواري فلمسٽار بدران نئين اداڪاره ۽ ڊريم گرم هيما مالني سان پرڻو ڪري ڇڏيو. جڏهن ته ان وقت خود ڌرميندر شادي شده ۽ سندس گهرواري پرڪاش مان کيس پٽ اجيه 22 سال ۽ ڌيءَ 21 سالن جي هئي. ان وقت ان شادي تي مشهور سنڌي فلمي اخبار شڪنتلا ۾ سڀ ڪجهه ديپ ڪوڏواڻي (مرحوم) لکيو هو ۽ ان کانسواءِ فلم شعلي هندستان ۾ رليز ٿيڻ بعد ان جي تصويري ڪهاڻي سنڌي ۾ عبرت اخبار جي فلم ايڊيشن ۾ قسط وار شايع ڪئي هئي، جيڪا پڻ شڪنتلا ۽ ديپڪ ڪوڏواڻي جي سهڪار سان ڇپي هئي. بهرحال ڪجهه ڏينهن اڳ هيما مالني جي ڪار جي ٽڪر سان گذاري ويل ڇوڪريءَ هريش جي ڏاڏي کي وڏو صدمو رسيو آهي ۽ ان کانسواءِ والد هنومان کنڊيوال سخت پريشان آهي ۽ هنن چيو آهي ته هڪ وي آءِ پي شخصيت تي هرڪو ڌيان ڏئي ٿو ۽ عام ماڻهو جانور وانگر اسپتال ۾ پيو آهي. منهنجي گاڏي روڊ تي زيرو رفتار ۾ هئي ۽ هيما جي ڪار 160 جي اسپيڊ سان طوفان بڻجي لڳي وئي هئي ۽ ان لاءِ ڊرائيور مهيش ٺاڪر ذميوار آهي يا خود قومي اسيمبلي جي ميمبرياڻي ۽ اداڪاره هيما مالني پاڻ فيصلو ڪري، پر سرڪار ته اسان جي مدد ڪري. هيما مالني ممبئي پهچي الزام هنيو آهي ته مخالف ۾ هنومان کنڊيوال جي ڪار وارن جو ڏوهه آهي. هن اهو نيٽ تي ٽوئيٽ ڪيو آهي. جيتوڻيڪ هيما مالني جي ڌيءَ استپال ۾ اچي زخمي ۽ معاوضي ڀرڻ جو چيو هو، پر خود هيما نه آئي، غلطي ڪنهن جي به هئي، پر ٻارڙي جو موت افسوسناڪ آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *