چيني علاج ؛ هما يوسف

اسان جو وزيراعظم واپس فارم ۾ اچي ويو آهي. ڌرڻن جي تاريڪ ڏينهن کان ٻاهر نڪرڻ کان پوءِ هو هاڻ پاڻ کي سوڀارو محسوس ڪرڻ لڳو آهي. هُن بجلي ۽ گئس جي قيمتن ۾ واڌ کي رد ڪندي پنهنجي ڪابينا سان سختيءَ سان ڳالهايو آهي. هُن جرئت جو مظاهرو ڪندي ڪوٽ راڌا ڪشن ۾ عيسائي جوڙي جي قتل کي ڏوهه قرار ڏنو ۽ پوليو جي خلاف جنگ جو اعلان ڪيو. ۽ اڳئين هفتي هو چين سان 19 معاهدا ڪرڻ لاءِ بيجنگ روانو ٿي ويو. اُهي معاهدا گهڻي ڀاڱي بجليءَ ۽ صنعتي ترقيءَ متعلق هُئا.

چين وارو دورو ڪنهن لحاظ کان پي ٽي آءِ ۽ پي اي ٽي جي ڌرڻن سبب پهچندڙ نقصانن جو ازالو ڪرڻ جي ڪوشش هئي. چيني صدر جو سيپٽمبر ۾ پاڪستان جو دورو ان لاءِ ملتوي ٿي ويو هو، ڇو ته اسلام آباد ۾ ڌرڻا جاري هُئا. اُن سبب چيني صدر هيڏانهن اچڻ بدران نئين دهليءَ وڃڻ پسند ڪيو. اُن کان علاوه پنهنجي ماڻهن ۽ ٻي دنيا کي ’سڀ ٺيڪ آهي‘ جي رپورٽ ڏيڻ جي لاءِ اُن کان سُٺو طريقو ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو ته چيني سرمائيڪاري پاڪستان آندي وڃي؟

پاڪستان جا چين سان ناتا طويل عرصي کان مُلڪ جي لاءِ قابل فخر آهن. اهي ناتا هڪ ئي وقت ۾ معاشي ترقي، اولهه تي ڀاڙڻ واري خوف کان نجات ۽ هندستان سان توازن برقرار رکڻ ۾ ڪردار ادا ڪندا آهن. اُن کان علاوه هي اهڙو ٻه طرفو ناتو آهي، جيڪو پاڪستان جي اسلامي سڃاڻپ، چين جي سرڪاري طور تي لادين هجڻ يا مسلم اقليتن سان اُنهن جي بُري سلوڪ سبب ڇڪتاڻ جو شڪار ناهن ٿيندا.

پر ائين لڳي ٿو ته پاڪستاني زخمن تي چيني مرهم جا ڏينهن گذري ويا آهن. پهرين ڳالهه اها آهي ته خطي ۾ چين جي سخاوت مان فائدو کڻڻ وارن ۾ هاڻ صرف اسلام آباد ئي شامل ناهي، پر سيپٽمبر ۾ هندستاني دوري دوران چيني صدر اعلان ڪيو هو ته چين ايندڙ پنجن سالن دوران هندستان جي ريلوي، صنعتي پارڪس ۽ ايٽمي توانائي جي لاءِ پراجيڪٽس ۾ 20 ارب ڊالر جي سرمائيڪاري ڪندو. اها سرمائيڪاري دهليءَ جي اميدن کان گهٽ آهي، پر اُن کي ڪنهن به نموني ادنيٰ يا حقير قرار نٿو ڏئي سگهجي.

افغانستان جي نئين صدر اشرف غني به آڪٽوبر ۾ بيجنگ مان سُٺي خبر پنهنجي وطن کڻي ويو هو ته چين افغانستان کي ٽن سالن ۾ 30 ڪروڙ ڊالر جي گرانٽ ڏيندو. امداد 2001 کان وٺي هينئر تائين بيجنگ جي طرفان ڪابل کي ڏني ويندڙ سموري امداد کان وڌيڪ آهي.

پاڪستان جي سول سوسائٽي به هاڻ گهڻي سمجهدار ۽ بااختيار ٿيندي پئي وڃي ۽ اُها چيني سرمائيڪاري جي فائدن تي سوال اُٿاري رهي آهي. گذريل مهيني سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ چيني فنڊن سان ايٽمي پاور پلانٽ جي تعمير تي ماحولياتي نقصانن جو حوالو ڏيندي اسٽي آرڊر جاري ڪيو. اهو حڪم هڪ صحافي، هڪ آرڪيٽيڪٽ ۽ ڪجهه استادن جي طرفان فائل ڪيل پٽيشن تي جاري ڪيو ويو. جڏهن ته نالي وارن سائنسدانن طرفان ميڊيا ۾ مهم پڻ هلائي وئي. جنهن ۾ انهيءَ ڳالهه جي نشاندهي ڪئي وئي ته ايٽمي پاور پلانٽ جي لاءِ ڄاڻايل ڊزائين (اي پي سي 1000) پهريان ڪٿي به جوڙيو يا ٽيسٽ ناهي ڪيو ويو. ايستائين جو چين ۾ به نه.

پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ صحيح ڪيل معاهدن ۾ ڪوئلي جي مائننگ به شامل آهي. اهو اڃائي ٻيو مسئلو آهي، جيڪو فڪرمند شهرين پاران اُٿاريل امڪان آهي، خاص طور تي اُنهن ماڻهن جي طرفان جيڪي ورلڊ بينڪ جي فيصلي تحت ڪوئلي سان هلندڙ پراجيڪٽس جي ماحولياتي اثرن سبب ٿر پراجيڪٽس مان پنهنجا پيسا ڪڍڻ ۾ آزاد آهن.

گوادر پورٽ ۾ چين جي سرمائيڪاري صوبي ۾ سيڪيورٽي صورتحال ۽ بلوچ بغاوت سبب تعطل جو شڪار آهي. اسان جي رياست جو رويو هي آهي جو بلوچ بغاوت کي چٿي چيني پراجيڪٽس جو ڄار وڇايو وڃي. پر سول سوسائٽي جي مداخلت، خاص طور تي قانوني ذريعن وٽان ٿيندڙ مداخلت ۽ چيني سرمائيڪاري جي خلاف عوامي مزاحمت کي ڪُچلڻ شايد ايترو آسان نه هجي.

پاڪستان ۾ سرمائيڪاري ڪرڻ جي باري ۾ چيني خدشا به نوٽ ڪرڻ گهرجن. صرف هڪ مثال جي طور تي، ٿر پاور پراجيڪٽ ۾ ٿيندڙ دير کي ڏسو، جيڪا صرف ان ڪري آهي جو چيني بينڪ گارنٽيون قبول ڪرڻ ۽ مالياتي رسڪ کڻڻ لاءِ تيار ناهي.

اُن کان علاوه پاڪستان اوئغور عسڪري پسندي کي مُنهن ڏيڻ جي لاءِ چين پاران وڌندڙ پريشر جي لاءِ به تيار رهي. سڄي خطي ۾ دهشتگردن جي تربيت، نيٽ ورڪ، منصوبه بندي ۽ مالي مدد جي لاءِ اسان جو مُلڪ بيس ڪيمپ جو ڪم ڏيندو آهي ۽ جيئن جيئن اوئغور ماڻهن تي چيني جبر وڌندو ويندو، اسان جي پنهنجي ئي علائقي ۾ ماڻهن جو وڌيڪ انتهاپسنديءَ طرف مائل ٿيڻ جو خطرو آهي. چين پاڪستان کي هڪ مسئلي تي پهريان ئي ڪيترا ڀيرا خبردار ڪري چُڪو آهي ۽ چين ۾ عسڪريت پسندن جي وڌيڪ حملن کان ٻه طرفه تعلقات ڇڪتاڻ جو شڪار ٿي سگهن ٿا.

ڪابل به اوئغور مسئلي تي بيجنگ سان ناتن جي مضبوطي ۽ پاڪ چين تعلقات کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪيو آهي. گذريل سال افغان انٽيليجنس ايجنسين ڪيترن ئي اوئغور جنگجوئن کي گرفتار ڪري بيجنگ تائين خصوصي رپورٽون موڪليون، جن ۾ ان ڳالهه جو ثبوت فراهم ڪيو ويو ته اهي جنگجو پاڪستان ۾ موجود ٽريننگ ڪيمپن مان تربيت حاصل ڪري چُڪا آهن. ان ۾ حيرت جي ڳالهه ناهي ته اشرف غني پنهنجي بيجنگ واري دوري دوران اوئغور عسڪريت پسندي کي مُنهن ڏيڻ ۾ چين جي مدد ڪرڻ جو واعدو ڪري چُڪو آهي.

چين سان پنهنجن ناتن ۾ احتياط جو مظاهرو ڪرڻ ڪا غلط ڳالهه ناهي. هڪ آزاد، معاشي طور مستحڪم مُلڪ بڻجڻ پاڪستان جو حق آهي ۽ ائين نه ٿيڻ گهرجي ته اولهندي امداد تي ڀاڙڻ جي بدلي پاڪستان چيني ميگا پراجيڪٽس تي بنا تنقيد جي مڪمل انحصار ڪرڻ لڳي. اميد آهي ته ٻه- طرفن تعلقاتن ۾ ٿورڙي سختي پاڪستان جي اقتصادي ۽ خارجه پاليسين جي پختگي ۾ ڪردار ادا ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *