سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ چنگ چي رڪشائن کي ”کلي عام“ روڊن تي هلڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. ڪراچي جون شاهرائون هڪ ڀيرو وري چنگ چي رڪشائن سان ڀرجي وينديون. موٽرسائيڪل جو منهن ۽ رڪشا جي ڌڙ واري ان عجيب الخلقت سواري کي عوام پنهنجي لاءِ غنيمت سمجهي رهيو آهي. دنيا چنڊ ۽ مريخ کانپوءِ ٻين سيارن تي وڃڻ جي تياري ڪري رهي آهي پر اسان اڃا تائين چنگ چي رڪشا جي روڊن تي هلڻ يا نه هلڻ جي بحث ۾ پورا آهيون. جسٽس دوست محمد پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته ”ڪراچي ۾ 1995ع ماڊل جون بسون هلي رهيون آهن پر ڪو پڇڻ وارو ناهي. ڪراچي جي معاملن تي پڇڻ وارا ضرور آهن پر اهي رڳو ”ٽيڪس“ ۽ ”آمدني“ جو پڇندا آهن. عوام جيئي يا مري ان سان سندن ڪو غرض ناهي. هتي ته وي آءِ پي پروٽوڪول سبب بسما مري وڃي ٿي پر هڪ وزير صاحب ”ڀٽو زنده“ آهي جو فلسفو سمجهائڻ ۾ پورو هو.
دنيا جي هر ملڪ ۽ شهر جي سڃاڻپ ان جي ٽرانسپورٽ هوندي آهي. صاف سٿري ۽ هڪ دلڪش بس اڄ جي دنيا ۾ انساني زندگي جي معيار ۽ تهذيب يافتا معاشري جو هڪ مثالي نمونو پيش ڪندي آهي. تازو جاپان ”بلٽ ٽرين“ کي 220 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلائڻ جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي. لنڊن ۾ زير زمين ٽيوب سروس پنهنجو مثال پاڻ آهي. نيويارڪ ۽ واشنگٽن ۾ چمڪندڙ ٽيڪسيون ۽ تيز رفتار ٽرينون اتان جي شهرين لاءِ وڏي ۽ بنيادي سهولت آهي پر جڏهن ڳالهه ڪراچي جي هجي ته پوءِ دنيا جون رد ٿيل ۽ رٽائر بسون هاڻي به هتي ”نوڪريون“ ڪندي ملنديون. ٽرانسپورٽ کاتي جي پنهنجي حالت به کنڊر بسن کان گهڻو مختلف ناهي. جڏهن 50 سال پراڻي بس کي ٻن چئن سئو رپين ۾ فٽ ٿيڻ جو سرٽيفڪيٽ ملي سگهي ٿو ته چنگ چي رڪشائن کي به فٽنس ماڻڻ کان ڪير روڪي نٿو سگهي. هڪ ڳالهه ياد رکڻ جهڙي ضرور آهي ته ”چانهه پاڻي“ جو هڪ وڏو ”هوٽل“ کُلي ويو آهي، هاڻي ”ڌنڌو“ خوب هلندو. سپريم ڪورٽ جڏهن اهو چئي ڇڏي ته ”ڪراچي ۾ ٽرانسپورٽ مافيا جو قبضو آهي جيڪا نيون بسون هلڻ نه ٿي ڏئي ته باقي ڇا ٿو بچي.
سنڌ ۾ گڊ گورننس جو حال اهو آهي جو هڪ نوجوان جڏهن گٽرن تي ڍڪڻ نه هئڻ سبب وڏي وزير جي تصوير ٺاهي ان جو ڌيان ڇڪرايو ته سائينءَ نوٽيس ورتو پر ٻه ڏينهن گذرڻ باوجود گٽرن کي ڍڪڻ ته نه لڳا، ايترو ضرور ٿيو جو نوجوان خلاف ڪيس داخل ٿي ويو ۽ آخرڪار عالمگير نالي انهيءَ نوجوان پنهنجي مدد پاڻ تحت گٽرن کي ڍڪڻ شروع ڪيو. ڪراچيءَ جا شهري ته پريشان آهن ته قائم علي شاهه اڍائي سالن کان تعمير ٿيندڙ ملير 15 واري فلاءِ اوور (پُل) جو ڪم 15 جنوريءَ تي مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، جنهن وڏي وزير جي چوڻ تي گٽر جا ڍڪڻ نه لڳن، فلاءِ اوور جو ڪم ڪهڙو مڪمل ٿيندو؟
ڪراچيءَ ۾ ٽرانسپورٽ جو مسئلو حل ڪرڻ جي ڪوشش ئي ناهي ڪئي وئي. مورڳو اهو سوچيو ويو ته ”رئس گُلو“ ڪٿان نڪرندو ۽ ذاتي گهرج ڪٿان پوري ٿيندي؟ سنڌ جي حڪمرانن جي به ڇا ڳالهه ڪجي، حڪومت ڪندي عرصو ٿيو اٿن پر عوام لاءِ ڪا ڊگهي نظر واري پاليسي ناهن ٺاهي سگهيا. ڪراچيءَ سان محبت ڪندڙ هڪ پراڻي شهريءَ جو چوڻ آهي ته ”20 سالن کان بسن ۽ ويگنن ۾ سفر ڪري رهيو آهيان، حڪومت هڪ به نئون روٽ ناهي ٺاهيو. مورڳو اٺ نوان رستا بند ڪري ڇڏيا، جن ۾ مشهور روٽ 8A هو، جيڪو آءِ آءِ چندريگر جهري پاڪستاني وال اسٽريٽ کان ٿيندو ويندو هو. 8A بابت اردوءَ جي پهرين صف جي مزاح نگار مشتاق احمد يوسفي پنهنجي ڪتاب ”سرگزشت“ ۾ دلچسپ ذڪر ڪيو آهي، هو پاڻ ان روٽ/رستي جو مسافر هو، ۽ 8A ذريعي هو بينڪ جي هيڊ آفيس کان پنهنجي گهر پي آءِ بي ڪالوني ويندو هو. حڪومت پنهنجي ڪمائيءَ جا ايترا رستا ٺاهيا آهن جو اڌ انچ واري نلڪيءَ ۾ ڦڙو ڦڙو پاڻيءَ جو به نه ٿو اچي پر ٽينڪرن مان چئن انچن جو ڦوهارو ايئن ٿو نڪري جو جي ٽريبائن لڳايو وڃي ته ان کان ڏهه واٽ بجلي ضرور پيدا ٿي سگهي ٿي.
چنگ چي رڪشا ڪراچيءَ جي پراڻي ٽرانسپورٽ مسئلي جو حل ناهي، هي ٻڏنديءَ کي ڪناري لڳائڻ برابر آهن. دنيا ۾ ٽرانسپورٽ جي مسئلي تي وڏا وڏا سيمينار ٿين ٿا. ان کي سائنس قرار ڏئي جديد طريقن سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. ڪراچيءَ ۾ ٽرانسپورٽ جو مسئلو حل ڪرڻ ۾ حڪومت جو ڪو ڪردار ڪونهي، مورڳو سمورو شهر اڻ پڙهين ڊرائيورن جي رحم ڪرم تي آهي ۽ اهي هن کي انساني مسئلو نه ٿا سمجهن ۽ ڪمرشل طريقي سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.
ڪراچيءَ جي تباهيءَ تي خوش ٿيندڙ وفاقي ۽ صوبائي اهلڪار هڪ ڳالهه ذهن ۾ رکن ته ڪراچي تباهه ٿي ته سمورو ملڪ تباهه ٿيندو. ۽ اها ڳالهه گذريل ڏينهن ۾ وزيراعظم نواز شريف به چئي چڪو آهي. ڪراچي 70 سيڪڙو ٽئڪس ڏئي ٿي ۽ سڀ کان وڌيڪ ٽئڪس ڏيندڙ به هن شهر ۾ رهن ٿا. ڪراچيءَ جي معيشت جو جنازو نڪتو ته سموري ملڪ کي روئڻو پوندو. پاڪستان ۾ ٽئڪس ڪلچر ڪراچيءَ ۾ ايجاد ٿيو. ٽيڪس ڏيندڙ ساڍن ٽن لک ماڻهن منجهان اڍائي لک ڪراچيءَ ۾ رهن ٿا. ڪراچيءَ سڄي پاڪستان جي تعمير ڪئي آهي، سڄي ملڪ جي معيشت جو ڦيٿو هلايو آهي، پر ڪراچيءَ جي ٽرانسپورٽ جي ڦيٿي بابت سپريم ڪورٽ جا ريمارڪس ڪافي آهن ته 1955ع8 واري ماڊل جون بسون ڪراچيءَ ۾ هلي رهيون آهن. سپريم ڪورٽ حقيقتون ٻڌائي ملڪي عوام تي وڏي مهرباني ڪئي آهي. هاڻي اسان جو ڪم آهي ته انهيءَ مسئلي کي حل ڪريون.