ڄامشوروجيڪو محبت امن ۽ سڪون جي سڃاڻپ هو،جنهن ۾سنڌ جا تما م وڏا نالي وارا اداراجِن ۾مهراڻ يونيورسٽي،لياقت ميڊيڪل هيلٿ ڪاليج ۽ سنڌ يونيورسٽي،سنڌي ادبي بورڊ،سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ،بيورو آف ڪريڪيولم، پڻ شامل آهن.اُن سان گڏ سنڌالاجي ميوزم،ماروي گرلس هاسٽِل،ايلسا گرلس هاسٽل،بينظير ڀٽو گرلس هاسٽل، آرٽس فيڪلٽِيءَ جا يوڪِلپٽس جا ڊ گها وڻ علامـ آءِ آءِ قاضي ۽ سندس ونيءَ جو مقبروڄامشوري جي سوُنهن هُئا.جِتي گهڻين ئي محبت جي ڪهاڻين جنم ورتو، جتان گهڻن ئي اديبن دانِشورن،سياسي توڙي سماجي وڏين وڏين شخصيتُن پنهنجي زند گِيُن کي نوان موڙ ڏنا.پر افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته اُنهن ڄامشورومان حاصل ته گهڻو ڪجهه ڪيو پر ڏئي ڪجهه نـ سگهيا.هراُن شخص جنهن ڄامشورومان گهڻو ڪجهه پرايو تِنهن کي رڳو پنهنجي عهدي،پنهنجي گهر ۽ پنهنجي زندگيءَ سا سروڪار رهيو.۽ اسان جو ڄامشوروهِڪ يتيم ٻار جيان تنها رُلي ويو. .هاڻي اچون ٿاڄامشوري جي حالتن تي، ڪالوني ۾ رهندڙ ماڻهن جي مسئلن تي ،جيڪي شايد گهٽ ماڻهن جي ڄاڻ ۾ هوندا. يونيورسٽِي ڪالوني ۾ رهندڙ اُهي ماڻهو جِن جو سنڌ يونورسٽِي سان ڪو به تعلق ناهي پر هو ڪئي سالن کان اِتي رهي رهيا آهن.ڪي پنهنجن چاچن جي ڪري ڪي پنهنجن مامن جي ۽ ڪي وري دوستيءَ ۾.۽ ڪجهه اِهڙا ماڻهو جيڪي سنڌ يونورسٽي ۾ ملازم هوندي به ٻين جي گهرن ۾ ڪئي سالن کان رهن پيا گهر نه ملڻ جي ڪري جِن کي ڪيترن ئي مسئلن کي مُنهن ڏيڻو ٿو پوي.اُنهن جي گهرن جون درخواستون يونيورسٽي انتظاميا جي آفيس ۾ رکيل الماريُن ۾ دزجي ويون آهن.پر ڇو ته سنڌ يونيورسٽي جي واڳ هاڻي ڪِنهن جي هٿ ۾ آهي اِها خبر اڄ تائين نـ پئجي سگهي آهي .سنڌ يونيورسٽي ۾ هلندڙ مختلف گروهن جا تضاد ئي ايترا آهن جو ڪو عام ڪالوني رهواسي سوءَ ڀيرا سوچي آخر چُپ ڪري ويهي ٿو رهي.ڇوتـ هر انتظاميا جو ماڻهو کيس اِهو چئي موٽائي ٿو ته ڏسون ٿا واڳ ڪِنهن کي ٿي مِلي تِنهن کان پوءِ اچجو.۽ ڪالوني رهواسي هميشه جيان نا اميدي پنهنجي اکين ۾ کڻي گهر موٽي ٿو.
وري اچون ٿا.ڄاشوري ۾ قائم ٿيل سيد پناهـ علي شاهـ(ماڊل اسڪول) جِنهن ۾ ڪئي سالن کان ملازمت ڪندڙ ماسترياڻين کي سينئر هئڻ کانپوءِ به گريڊ نـ ڏنا ويا آهن.جڏهن تـ ڪجهه مهينن ۾ ايندڙ نئيُن ماسترياڻيُن کي سڌو چوڏهين گريڊ ۾ ڀرتي ڪيو ويو آهي.جِن کي ٺيڪ طرح سان پاڻ کي پڙهڻ نٿو اچي اُنهن جي حوالي ايندڙ نئي نسل کي ڪيو ويو آهي.ڇا اِهو ظلم ناهي.اِن جي جوابداري ڪِنهن تي آهي؟۽ وري وڏي ۾ وڏو ظلم تـ اِهو آهي تـ جيڪي سينيئر ماسترياڻيون آهن تِن کي پنهنجي حق لاءَ ڳالهائڻ جي اجازت بـ ناهي ٻي صورت ۾ سندن نوڪري خطري ۾،يا وري اسڪول انتظاميا جي ٻـ اکائي،اُنهن جا بدلجندڙ رويا.هاڻي اچون ٿا تـ اسان جي ڄامشوري کي اڄ تائين شهر جي نالي سان نٿو سڃاتو وڃي اُن کي رڳو هِڪ علائقو سڏيو وڃي ٿو.۽ سڃاڻپ آهي.
ڄامشورو ڦاٽڪ ،جيڪو ايترن سالن کان پوءَ بـ اُهڙو ئي آهي جهڙو ڪئي سال پهرين هو.ڪِنهن وقت ۾ هِتي امُن هوندو هو پر هاڻي ڪو تحفظ ناهي رهيو،جنهن ڏانهن هاڻي لڳي ٿو ته ڪجهه نظر ڪئي وئي آهي، ڏينهن ڏٺي جو ڪالونيءَ مان موٽر سائيڪلُن جي ڦُر،گهرن مان ڦُر،۽ رستي ويندڙن کان موبائيلس جي ڦر عام ٿي وئي آهي. حيدرآباد کان پري رهندڙن جي دِلي خواهئش هوندي هُئي تـ پنهنجو گهرڄامشوري جي پُرسُڪوُن علائقي ۾ ٺهرائڻو آهي.ڇو تـ اُتي سموريون وڏيون يونيورسٽيون ويجهيون آهن، پر هاڻي اُنهن جا ڄامشورو ۾ رهندڙ مِٽ مائٽ ئي کين ڄامشوري ۾ رهڻ کان روڪين ٿا.اِهو چئي تـ هاڻِي ڄامشوري جا حالات پهرين جهڙا نـ رهيا آهن.ڇا اِهو الميو نـ آهي؟اُن ڄامشوري جنهن ۾ ماڻهن کي گهرن کي تالا يا در بند ڪرڻ جي سوچ ئي نـ هئي،رات جو سنڌالاجي ميوزم کان وٺي آرٽس فيڪلٽي تائين مرد توڙي عورتون ،يونيورسٽي جا شاگرد شاگردياڻيون،
واڪ ڪندا هئا بنا ڪِنهن ڊپ ڊاهه جي.۽ هاڻي ڄامشوري جا روڊ رستا رات جو اٺين کان پوءَ مڪليءَ جي قبرستان جو ڏيک ٿا ڏين سنسان ويران خاموش . اڄ اُن ڄامشوري ۾رات جو تـ ڇا پر ڏينهن جو بـ ماڻهو پنهنجي گهرن کي اندران بند رکن ٿا.۽ شام جو ڇهين وڳي کان پوءَ آرٽس فيڪلٽي جا روڊ رستا،ماري هاسٽل جا روڊ رستا سُنسان نظر ايندا.اِن جو ڇا سبب آهي؟ اِنهن سڀنين ڳالهين جو ذميوار ڪير آهي؟۽ جي جيڪڏهن ڪو آهي تـ اُن تائين پهچڻ ڪيئن ممڪن آهي؟اِهي اُهي سوال آهن جِن جا جواب ڪِنهن کان وٺجن؟