ڀيل قوم ۾ سجاڳي آڻڻ وارو ڀيل قوم جو پهريون اڳواڻ، گهمن سنگهه ( 1922 کان 1970) : تحرير: تنيراج گهمن سنگهه

سنڌ ماتا ڌرتي انيڪ سورما ۽ جوڌا جوان پنهنجي وطن لاءِ شهيد ٿيندڙ جوان پنهنجي ڪُک مان پيدا ڪيا آهن. گهمن سنگهه ڀيل به انهن مان هڪ سچو سپاهي هو. هن 1922ع ۾ موتيرام ڀيل جي گهر هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ جنم ورتو. موتيرام واپاري ۽ ذميندار هو. ان وقت پڙهائيءَ جو انتظام تعلقه شهر ۾ هوندو هو. گهمن سنگهه کي ڌرم شالا ڪانگريس اسڪول ننگرپارڪر ۾ پڙهڻ لاءِ ڇڏيائين، ان وقت گهمن سنگهه جا ڪلاسي، مسڪين جهان خان کوسو، سردار خان کوسو، امر سنگهه ڀيل، عالم چند ڪولهي، ساڙچند ميگهواڙ، امر سنگهه ڀيل، پنهون مل ميگهواڙ، رئيس ڪاپڙي خان کوسو۽ ٻيا ٻهراڙي سان تعلق رکندڙ، هندي، گجراتي پڙهندا هئا. بمبئي ايڪٽ موجب 37-1936ع ۾ ڌرم شالا ۾ سنڌي پڙهائڻ شروع ڪئي. 41-1940ع ۾ گهمن سنگهه، امرسنگهه، مسڪين جهان خان کوسو فائينل ۾ پڙهندا هئا. ان وقت جي … راءِ بهادر ڌرم شالا جو وزٽ ڪيو، انهن کي قدآور ۽ هوشيار ڏسي پوليس ۾ ڀرتي ڪيو. ضلعي هيڊڪوارٽر ٿرپارڪر ايٽ ميرپورخاص هو.

1947ع ۾ گهمن سنگهه شريمتي مروان، فائينل پاس ڪانهو ڀيل جي نياڻي سان ٻاکاسر مان شادي ڪيائين. سندس سالو ڀائجي ڀيل قوم جو پهريون فرد تپيدار جي نوڪري ۾ هو. گهمن سنگهه نوڪري دوران غريب ٿرين جي خذمت ڪرڻ جو جذبو پيدا ٿيو. ڀيلن ڪولهين، ميگهواڙن ۽ ٻين غريب ۽ لاچار انسانن جا ڪم ضلعي آفيس مان ڪرائي ڏيندو هو ۽ پنهنجي ڪوارٽر تي ترسائيندو هو. پنهنجي حق وٺڻ جي ۽ تعليم پرائڻ جي پرچار ڪندو هو. اها ڳالهه وڏيرن کي پسند ڪونه آئي. گهمن سنگهه ۽ امر سنگهه مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو، جو ان وقت جي سياسي شخصيت حاجي مير محمد بخش ٽالپر چيئرمين ضلعه ڪائونسل ٿرپارڪر ختم ڪرايو.

1953 ۾ نوڪري تان رٽائر ٿي شيڊول ڪاسٽ کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ، ٻارن کي تعليم ڏيارڻ ۽ بي ڊي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ لڳو. پاڻ 100/150 گهوڙن ۽ اُٺن جي جلوس/ريلي جي صورت ۾ ٿر ۾ ورڪ ڪندو رهيو. ان وقت لکيل پڙهيل ڀيلن، ڪولهين ۽ ميگهواڙن کي گڏ ڪري ضلعه ڪائونسل جي چيئرمين حاجي محمد بخش ٽالپر ۽ پير غلام رسول شاهه جيلاني اڳوڻو ايم اين اي ( والد ايم اين اي پير آفتاب حسين شاهه جيلاني) جي مهربانين سان نوڪريون وٺي ڏنيون ۽ اسڪول ڳوٺن ۾ کولايا. اها ڳالهه قابل تعريف آهي ته مير صاحب ۽ پير صاحب ذات پات، مذهب کان مٿانهون ٿي غريبن جي خدمت ڪئي. انهن جا نالا شيڊول ڪاسٽ وارن جي دلين ۾ سونهري اکرن سان لکيل آهن ۽ واهه واهه ڪندا رهندا. 1956 کان 1962 جي بي ڊي اليڪشن ۾ ڀيلن، ڪولهين، ميگهواڙن کي ميمبر بيهڻ جو شعور ڏنو ۽ ووٽ جي اهميت کي اجاڳر ڪيو. اها حقيقت آهي ته هن کان اڳ ۾ ڪوبه ڀيل، ڪولهي، ميگهواڙ ڪنهن وڏيري جي سامهون ميمبر اليڪشن ۾ نه بيهندا هئا ۽ انهن جي چوڻ تي ٺپا هڻندا هئا.

گهمن سنگهه پنهنجي چونڊيل ميمبرن جا ووٽ پاڪستان جي وارث قائداعظم محمد علي جناح جي ڀيڻ مادر ملت فاطمه جناح صاحبه کي ڏنا، انهيءَ جي عيوض گهمن سنگهه کي جيل ياترا ڪرڻي پئي. گهمن سنگهه هڪ سچو سپاهي ۽ جفاڪش، خذمت خلق انسان هو، آخر ۾ دماغ جي ڪينسر ٿي پيس. پير غلام رسول شاهه جيلاني ۽ مير حاجي محمد بخش ٽالپر لنڊن مان علاج ڪرائڻ لاءِ پاسپورٽ ٺهرايس مگر حياتيءَ ساٿ نه ڏنو 8 مارچ 1970 تي دم پروان ٿيو. ان وقت ٿر ۾ ڏڪار هو مگر گهمن سنگهه جي موت جي خبر باهه وانگر ٿر ۾ پکڙجي وئي ۽ سوين دوست آخري ديدار ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا. ٿر جي عوام واهه گهمن سنگهه واهه چوندا رهيا.

1992 ۾ ڀيل شاگرد اتحاد گهمن سنگهه جي ورسي ملهائي جنهن ۾ هزارين ڀيل گڏ ٿيا هئا ان وقت ڀيل شاگرد اتحاد تحريڪ جي اڳواڻ موجوده ايم پي اي ڊاڪٽر پرتاب سنگهه، سومرو ڀيل موجوده ميمبر ضلعه ڪائونسل جن گهمن سنگهه جي خدمتن عيوض ڀيٽا ڏيندي بابا ڀيل قوم جو لقب ڏنو. گهمن سنگهه جو بي وقتو موت ڀيل قوم جو نقصان ثابت ٿيو آهي. ڊاڪٽر هرجي ڀيل جي ڪيل سروي موجب ضلعي ٿرپارڪر ۾ 16/18 سيڪڙو ڀيل آباد آهن ۽ تعلقي اسلام ڪوٽ ۾ 40 سيڪڙو ڀيل آهن. ٿرپارڪر جي تازو لوڪل باڊيز اليڪشن ۾ ڀيل قوم مان 4 يوسي چيئرمين، 10 وائيس چيئرمين ۽ 4 لوڪل بورڊ جا ميمبر ۽ ڪافي تعداد ۾ ڪائونسلر چونڊجي آيا آهن. ٿرپارڪر ۾ ڪل 64 يوسيز آهن جيڪڏهن ڀيل قوم متفق ٿين ۽ گهمن سنگهه جي ڏنل واٽ تي هلن ته 16/20 يوسيز مان چيئرمين ۽ ضلعه ڪائونسل جا ميمبر منتخب ٿي سگهن ٿا ۽ سياسي پارٽيون آئينده ايم پي اي ۽ ايم اين اي جون ٽڪيٽون ڀيل فردن کي ڏيڻ لاءِ مجبور ٿي سگهن ٿيون.

ٿر جي سياسي ڀوتارن ڀيلن جيالن کي خوش ڪرڻ لاءِ پٽيوالي، سپاهي ۽ هڪ اڌ ڪلارڪي ۽ ڊسپينسر ٽيڪنيڪل پوسٽون ڏنيون آهن ۽ سڻڀيون پوسٽون پنهنجن چاهيندڙن کي ڏنيون آهن ۽ ڪٿي ڪٿي بلڊنگون ۽ آر او پلانٽ پڻ ڏنا آهن. جيڪي ڀيل آبادي جي حساب سان گهٽ آهن. مان بحيثيت فرزند گهمن سنگهه ڀيل قوم کي گذارش آهي ته متحد ٿيو ۽ گهمن سنگهه جي ڏنل واٽ تي هلي پنهنجو مستقبل روشن ڪريو ۽ قوم ۽ ملڪ جي ترقيءَ لاءِ ڪوشش ڪريو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *