ڀارت جو جنگي جنون ڪٿي دنگ ٿيندو..؟؟؟: غلام مصطفي جمالي

انڊيا جي ميڊيا اڙي واقعي کي وٺِي ڪري  اهڙو ته اچي شور ڪيو آهي ڄڻ جهنگ ۾ ڪنهن شينهن ڪا اچي مارا ماري شروع  ڪئي هجي.جنهن کي ڏسي ڪري ٻين جهنگل جي جانورن اچي رڙيون ڪرڻ شروع ڪيو هجن،ڀارتي ميڊيا به اهڙيون ئي جانورن واريون رڙيون ڪري رهي آهي.انڪري اهو خيال ذهن ۾ اچي ٿو ته ڀارت انهي رڙيون ڪندڙ ميڊيا جا منهن بند ڪرائڻ لاءِ ڇا پاڪستان تي لڪي ڪو حملو ڪري سگهي ٿو، ائين به آهي ته ٿي سگهي ٿو ته ڀارت پنهنجي پراڻي روايت کي برقرار رکندي پاڪستان اندر ڪو دهشتگردي جو واقعو ڪرائڻ ۾ ڪامياب نه وڃي.!!خاص طور تي تعليمي ادارن اندرن،ڇو ته مودي سرڪار افغانستان سان ملي ڪري پاڪستان اندر ڪو واقعو ڪرائي سگهي ٿو،ان ڪري هن وقت جهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي انهي مان ائين لڳي رهيو آهي ته ڀارت بزدلي واري روايت رکندي ڪٿي نه ڪٿي ڪو واقعو ڪرائڻ تي تاڻ ۾ ضرور هوندو انهي ڪري پاڪستان جي سڪيورٽي ادارن کي انهي ماحول اندر سخت انتظام وٺڻا پوندا،ڇو ته خدا نه ڪري جو آرمي پبلڪ اسڪول جهڙو واقعو ٻيهر پيش اچي،جڏهن ته هن وقت تعليمي ادارن اندر سڪيورٽي کي سخت ڪرڻ جي تمام گهڻي ضرروت آهي،جڏهن ته انهي سان گڏ انهن جو ٻيو ٽارگيٽ فوج يعني عسڪري قيادت به ٿي سگهي ٿو،جنهن اندر آرمي جا ميڊيڪل جا شعبا جهڙوڪ اسپتالون شفا خانه سرفهرت آهن،انهي ڪري ملٽري جي سڀني اسپالتن اندر  تمام گهڻي سڪيورِٽي ۽ نظرثاني جي ضرورت آهي،۽ پاڪستان آرمي کي پڻ چوڪس رهڻ گهرجي،ڇو ته اڙي واقعي اندر مرندڙ به ڀارتي فوجي آفيسر هئا انهي ڪري ڀارت به فوجي ادارن ۾ ٽارگيٽ ڪرڻ کي وڌيڪ ترجيع ڏيندو،جڏهن ته انکان پهرين به اسانجي رجمنٽل ٽرينگ سنٽر کي انڊيا نشانو بنائي چڪو آهي،

ڪراچي آپريشن دوران ماضي اندر جنهن جنهن ٺڪاڻن جي خبر پئجي چڪي آهي جن جا تفصيل به انٽيلجنس ادارن وٽ وجود آهن.انهن  تي به ڪڙي نظر رکي ڪري انهن کي سيل ڪيو وڃِي،ڇو ته پاڪستايني ادارن هٿان گرفتار ڪيل انڊين نيوي ڪمانڊر (ڪلوڀوشن ياديو) جيڪو پاڪستان اندر ويهي ڪري ڀارت جي خفيه ايجنسي را) لاءَ ڪم ڪري رهيو هو انهي انهن ٺڪاڻن جي مڪمل ڄاڻ ڀارت کي ضرور  ڏئي ڇڏي هوندي.جڏهن ته انڊِيا پنهنجي ڪولڊ سٽارٽ ڊاڪٽرن جي تحت پنهنجا عسڪري اثاثا خاص طور تي لانگ رينج آرٽلري(آئين آف ڪنٽرول يا ورڪنگ بائونڊري جي ويجهو اچي رکيا آهن انهن سان به پاڪستان کي خبردار ٿيڻ گهرجي.جڏهن ته ڀارتي ميڊيا هن وقت انتقام جي رٽ لڳائي ويٺو آهي انهي ڪري ڀارت پنهنجي ميڊيا ۽ ٻين ادارن کي خوش ڪرڻ لاءِ پاڪستان ۾ ڪجهه نه ڪجهه ڪرائڻ جي چڪر ۾ آهي،جڏهن ته اڙي واقعي کان پوءِ ڀارت آپي کان ٻاهر نڪري ويو آهي ۽ سندس ڪاوڙ بي صبري ٿي وئي آهي،۽ انهي بي صبري واري دهشگردي وارو رخ انهي واقعو کان پوءِ ٿيو آهي جنهن واقعو جو پاڪستان کي علم ئي ناهي،بطور انڊيا جي ته اڙِي واقعي اندر پاڪستان ملوٽ آهي انڪري جيڪڏهن پاڪستان ملوث آهي ته انهي جا ڀارت وٽ ڪهڙا ثبوت آهن.؟هن وقت مسئلو صرف اڙي واقعو جو ناهي جڏهن ته پاڪستان اندر به اهڙا ڪيترائي واقعا ٿي گذريا آهن پر پاڪستان ڪڏهن به انهن واقعن اندر ڀارت کي ملوث قرار ناهي ڏنو،

جڏهن ته انهن واقعن اندر ڀارت پڪو ٺڪو ملوث به هوندو آهن،انهن واقعن اندر آرمي پبلڪ اسڪول،باچا خان يونيورسٽي واقعو ۽ هر روز  ٿيندڙ  ورڪنگ بائونڊري جي گولا باري،،جڏهن ته پاڪستان وٽ انهي جا ثبوت به آهن ته انهن واقعن اندر ڀارت ملوث آهي پر ڪڏهن به پاڪستان آپي کان ٻاهر ناهي نڪتو ۽ ڪڏهن به انڊيا لاءِ اهڙو زهر ناهي اوڳاڙيو. جيڪو هن وقت ڀارت اوڳاڙي رهيو آهي،جڏهن ته پاڪستان وٽ هڪ وڏو ثبوت  ڪلوڀوشن ياديو جي صورت اندر انڊيا جي دهشتگردي جو موجو آهي پر انهي جي باجود به پاڪستان هميشه انڊيا سان امن  دوستي جو هٿ ملائڻ پئي چاهيو پر انڊيا هميشه پنهنجي “ڪتي واري پچ واري سوچ” اندر ۾ رکي ڪري پاڪستان سان ڪنهن نه ڪنهن بهاني تي مهاڏو اٽڪائيندو آيو آهي،جڏهن ته اڙي واقعي کان پوءِ ڀارت پاڪستان سان ته پهچي ناهي سگهيو.. پر ڀارت مظلوم ڪشمرين مٿان لظمن جا انبار ڪيترائي ڇڏيا آهن،جڏهن ته ڪشمير اندر معصوم ٻارن کي سندس والدين سامهون ذبع ڪندي به ڀارت جي فوجين کي رحم ڪون ٿو اچي،مان سمجهان ٿو ته بي جي پي هڪ اهڙي جماعت آهي جنهن جو سندو سئنون تعلق دهشتگردي سان آهي.ان ڪري ڀارت جو وزيراعظم نريندر مودي صرف ۽ صرف هن خطي اندر دهشتگردي پکيڙڻ چاهي ٿو ٻيو ڪجهه به نه،هن وقت جنگ جي حالتن کي ڏسي ڪري خد انڊيا جي عوام جو اهو چئي رهي آهي ته انڊيا جي عوام جنگ نه ٿي ڇاهي اها عوام چاهي ٿي ته پاڪستان ۽ هندستان ۾ وچ ۾ هيمشه تعلق دوستي وارا رهن. پر نيندر مودي کي جنگ جو ته الائي ڪهڙو جنون سوار آهي،جڏهن ته انڊيا ڀلي ته جنگ جو شوق پورو به ڪري پر کيس رسوائي جي سواءِ ٻيو ڪجهه نه نصيب نه ٿيندو،

ڇو ته انکان پهرين به ڀارت اهڙا شوق پورا ڪري چڪو آهي گهڻو ماضي ۾ وڃڻ کان پهرين ماضي جو ٿورو ويجهو اچي ڪري ڀارت تي نظر وجهون ته هوُ ڪيترو مظبوط آهي. جو اهڙي ماحول اندر هو جنگ ڪرڻ ٿو چاهي،اوهانکي ياد هوندو ته پٺاڻ ڪوٽ ائيربيس اندر ڪجهه دهشتگردن اندر گهڙي ڪري ڪيترائي ڀارت جا فوجي ماري وڌا جنهن کان پوءِ انهي دهشتگردن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ ڀارت جا سمورا ادارا زور لاهڻ لاءِ پهچا ويا پر پورا ڇهه ڏينهن لڳا انهن دهشتگردن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ جڏهن ته اهو به ٻڌايو پئي ويو ته دهشتگرد جي پهرين حملي اندر مري ويا هئا پر ڀارت جي فوج کي ايتري همت نه پئي ٿي جو اندر وڃِي انهي جو جائزو وٺِي پر جڏهن انهي واقعي کي اچي ميڊيا کنيو ته پوءِ ڀارتي فوج سوچيو ته هاڻي خلق پئي کلي ان ڪري وڃِي ڏسون،،ڪيڏي نه افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته اهڙي فوج ڪئين ته سوچي سگهي ته هوُ پاڪستان جي فوج سان مقابلو ڪندي،،جڏهن ته پاڪستان اندر فوج به دلير آهي ۽ انهي سان گڏ پاڪستان جي عوام ۾ به تمام گهڻو جذبو رکندڙ آهي،،جڏهن ته ان وقت اهڙيون به ڳاليهون سامهون اچي رهيون آهن ته انڊين آرمي اندر ڏهه کان پندرهن هزار درخواستون به اچي چڪيون آهن جن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته انهن کي موڪل ڏني وڃي،،انهي ڳالهه مان اهو به صاف ظاهر آهي ته جيڪي فوجي پنهنجي ملڪ جي حفاظت ڪرڻ بجاءِ ڀڄڻ ۾ پورا هجن اهي جنگ ته پري جي ڳالهه انهي جو ٻڌي ڪري به بيمار ٿي پوندا،،آخر ۾ صرف ايترو چوند ته سنڌطاس معاهدي طور ڀارت پاڪستان جو پاڻي ڪڏهن به بند نه ڪندو انهي ڪري پاڪستاني ميڊيا کي انهي جي حوالي اندر ڪجهه نرمي ضرور رکڻ گهرجي

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *