ڀارتي پرڏيهي سيڪريٽريءَ جو دورو ڀارت کي هٺ ڌرمي ڇڏڻي پوندي ؛جاويد ابڙو

اها هڪ حقيقت آهي جنهن کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي ته پاڪستان جڏهن به عالمي سطح تي پاڻ کي اقتصادي، واپاري ۽ دفاعي قوت طور مڃائڻ چاهيو ته ان جي راهه ۾ روايتي مخالف پاڙيسري ملڪ ڀارت رڪاوٽون ۽ رنڊڪون وجهڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندي هزارين هيلا هلايا آهن ۽ دهشتگردي جي ڪاررواين جي آڙ ۾ پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جون سازشون ڪندو رهيو آهي. اهو رڳو ان ڪري ته ڀارت خطي ۾ پاڻ کي ئي امن جو وڏو حامي عقل جو وڏو اڪابر، جمهوريت جو وڏو چيمپين، انساني حقن جو وڏو علمبردار ۽ معيشت جو وڏو ماهر ملڪ سمجهي ٿو پر پنهنجون اوڻايون لڪائڻ لاءِ وڏا وس هلائڻ لاءِ گهڻا گس به ڳولي ٿو، هٺ، وڏائي ۽ انا جي سوچ ڀارت کي پنهنجي انهن مقصدن ۾ ڪامياب ٿيڻ ناهي ڏنو، جنهن سان هو خطي جي ٻين ملڪن مٿان حاوي ٿيڻ چاهي ٿو. ڀارت پنهنجي هٺ ڌرمي سبب 7 مهينا اڳ پاڪستان سان پنهنجي خواهش تحت سيڪريٽري سطح جون ڳالهيون ٻيهر بحال ڪرڻ لاءِ باضابطا طور بحال ڪرڻ جو اعلان ته ناهي ڪيو پر تنهن هوندي به هندوستان جو پرڏيهي سيڪريٽري بسرا منيم جي شنڪر اسلام آباد جي سرڪاري دوري تي پهچي چڪو آهي پر ڏسڻو اهو آهي ته ڀارتي پرڏيهي سيڪريٽري پنهنجي رواج طور پاڪستان جي دوري تي سنجيده ۽ جامع ڳالهين جي بحالي لاءِ پهتل آهي يا ساڳيا پير پوئتي ڪري اوڏانهن روانو ٿيندو، جتان کيس موڪليو ويو. ماضيِءَ جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪيترائي ڀيرا ٿيل ڳالهين ۾ ناڪامي ۽ مايوسي کانپوءِ هن ڀيري ڀارت جي پرڏيهي سيڪريٽري جي اسلام آباد جي دوري کي گهڻي اهميت ڏني پئي وڃي. ڀارت پاران پاڻمرادو ڳالهيون معطل ڪرڻ سبب پاڪستان جو اهو جائز مطالبو رهيو آهي ته هاڻي ڳالهين جي بحالي به ڀارت پاڻ ڪري. سارڪ ملڪن جي گذريل ڪانفرنس ۾ به ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جو اهو عڪس ياد آهي جڏهن هو وزيراعظم نواز شريف کان منهن موڙي ڪتاب پڙهڻ بهاني ساڻس ملڻ کان نٽائيندو رهيو. ان موقعي تي ٻين ملڪن جا سربراهه پاڪ ڀارت وزيراعظمن وچ ۾ ملاقات جا منتظر رهيا پر نيٺ هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ٿيڻ تي ٻنهي ملڪن جي سربراهن کي ملڻو پيو. ڇو ته ڳالهائڻ، هڪ ٻئي جا خيال جيتوڻيڪ اهي خدشا ڇو نه هجن، انهن کي پيش ڪرڻ کانسواءِ مسئلن کي سمجهي ۽ نبري نٿو سگهجي. موجوده ڀارتي پرڏيهي سيڪريٽري پاران پاڪستان جو دورو به سارڪ ملڪن جي رابطن جو نتيجو قرار ڏنو پيو وڃي. ڇو ته سارڪ ملڪن جي پڻ اها خواهش آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ اهي تڪرار حل ٿيڻ گهرجن جن سان ٻنهي ملڪن جو عوام متاثر ٿئي ٿو. گهڻي غور ويچار بعد ڀارت سمورن مسئلن تي اڻ اعلانيل طور ڳالهيون ڪرڻ جي حامي ڀري آهي پر اهو ان ڳالهه جو اعتراف نٿو ڪرڻ چاهي ته سندس پرڏيهي سيڪريٽري جو اهو دورو پاڪستان سان ڳالهين جي بحالي طرف هڪ وک آهي. ماضي تي نظر وجهجي ته ڪيترائي اهڙا دورا ٿي چڪا آهن جن ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪشمير، سياچن، سرڪريڪ، اقتصادي لنگهه، ويزا پاليسي ۾ نرمي ۽ ٻين معاملن تي ڳالهين جي ميز گهڻي قدر سرگرم نظر آئي پر ان جي باوجود اهي ڳالهيون فائديمند ثابت نه ٿيون. ٻنهي ملڪن جي اها بدقسمتي آهي ته قيادتن جي فيصلن سان ڳالهيون ڪيترائي مهينا ۽ سالن تائين پٺتي ڌڪجي وڃن ٿيون. گذريل سال آگسٽ ۾ ڀارت پاڪستاني هاءِ ڪمشنر عبدالباسط جي ڪشميري اڳواڻن سان ملاقات سبب ناراض ٿي سيڪريٽري سطح جون ڳالهيون ختم ڪري ڇڏيون هيون، اُتي اها ڳالهه سوچڻ اهم آهي ته ڳالهيون معطل ڪرڻ سان آخر فائدو ڪنهن کي پهتو؟

پاڪستان ۽ ڀارت تڪرار کي حل ڪرڻ لاءِ سنجيدگي نه ڏيکاريندا ته ٻنهي ملڪن جي تڪرارن ۾ پيسجندڙ عوام جو ڇا ٿيندو؟

ٻنهي ملڪن ۾ اعتماد بحال نه ٿيو ته ورهين کان وڇڙيل انهن ماڻهن جو ڇا ٿيندو، جيڪي پنهنجي پيارن سان ملڻ جا آتا آهن ۽ جن جا پاڻ ۾ خون جا رشتا آهن سي آزاد، خوش ماحول ۽ بنا خوف جي پاڻ ۾ ڪيئن ميل ملاقاتون ڪري سگهندا؟

رڳو ڀارت جا نه پر پاڪستان جا به ڪيترائي خدشا ۽ تحفظات آهن ڇا پاڪستان به ڀارت وانگر الزام بازي جو سلسلو شروع ڪري؟ پر ان سان به ته مسئلن جو حل ناهي.

ڀارت سمجهوتا ايڪسپريس جي حقيقي رپورٽ ڪيڏانهن ڪئي؟ جنهن سان مٿس ئي واقعي جي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي. ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن جي خرابي ۽ ڇڪتاڻ تي سڄي دنيا کي ڳڻتي آهي ڇو ته ٻئي ملڪ ائٽمي قوتون آهن.

ڀارت ڪيتري ئي عرصي کان لائين آف ڪنٽرول جي ڀڃڪڙي ڪري پاڪستان سان ڇڪتاڻ جو جواز پيدا ڪندو رهيو آهي جنهن خلاف پاڪستان عالمي سطح تي به آواز اٿاريو آهي پر ڀارت جي موڊ جي خبر ناهي ته هو ڇا ٿو چاهي، جيڪڏهن نريندر مودي پاڪستان سان رابطا بحال ڪرڻ تي راضي ٿيو آهي ته ان جو سبب نه اقتصادي آهي. ڇو ته سندس حڪومت تي اقتصادي ترقي لاءِ دٻاءُ وڌي رهيو آهي ڏسڻو آهي ته هاڻي ڀارت جا ظاهري طور تي اقتصادي مفاد ۽ پاڪستان جي لاڳاپن جي بهتري جي ضرورت ڳالهين جي ميز کي ڪنهن حد تائين وٺي وڃي ٿي. ٻنهي ملڪن جا مفاد صرف عوام، امن جي بحالي ۽ خطي جي استحڪام لاءِ هجڻ گهرجن. ڀارت ڀلي پنهنجي سڄي بجيٽ دفاعي سامان لاءِ مختص ڪري ڇڏي پر سندس اهڙي عمل سان خطي ۾ استحڪام ۽ امن امان ممڪن ناهي. ڀارت کي پنهنجي ٻين پاڙيسري ملڪن وانگر پاڪستان سان به لاڳاپا بهتر ۽ معمول تي آڻڻا پوندا. عوام ۾ خوشحالي ڏسڻي آهي ته ٻنهي ملڪن کي هڪ ٻئي تي اعتماد ڪرڻو پوندو، ڇڪتاڻ کان بچڻ لاءِ الزام بازي جو سلسلو بند ڪري ايل او سي تي ڀارت کي لڳاتار ٿيندڙ ڀڃڪڙين تي ضابطو آڻڻو پوندو. پاڪ ڀارت سيڪريٽرين ۾ جيڪي به تڪرار حل ڪرڻ لاءِ ڳالهيون طئي ٿين، انهن تي مڪمل ۽ سنجيدگي سان عمل ڪرڻو پوندو. ٻي صورت ۾ پاڪ ڀارت پرڏيهي سيڪريٽري تبديل ٿيندا رهندا پر ڪشمير، سرڪريڪ ۽ سياچن سميت ٻيا عوامي مسئلا اُتي جو اتي رهجي ويندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *