ڀارتي جارحيت ۽ پارليامينٽ اڳواڻن جو اجلاس…!!!: غلام مصطفيٰ جمالي

والاريل ڪشمير اندر ڀارتي جارحيت تمام گهڻي حد تائين وڌي وئي آهي جنهن اندر ڀارتي فوج مظلوم ڪشميرين مٿان ظلم ستم ڪري رهي آهي،ڪيترن ئي سالن کان آزادي لاءِ تحريڪ هلائيندڙ معصوم ڪشميرين جا هن وقت تائين ڪيترائي معصوم ٻار عورتون وڏا ۽ نوجوان شهيد ڪري چڪي آهي،پر هن وقت اڙِي واقعي  کانپوءِ والاريل ڪشمير اندر معصوم ڪشميرن مٿان ڀارت جي فوجين ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي،ڀارت حڪومت والايل ڪشمير اندر هن وقت قرفيو لاڳو ڪري ڇڏيو آهي پر انجي باجود به پنهنجي خطي جي آزادي لاءِ جهدوجهد ڪندڙ ڪشمير واسين جا حوصلا بلند آهن. ڀارتي جارحيت هر دور اندر معصوم ڪشميرن کي بيدردي سان شهيد ڪري سندس عورت جي عزت جي تذليل ڪري معصوم ڪشميرين کي پنهنجي آزادي واري مقصد تان هٽائڻ جي ڪيترائي ڀيرا ڪوشش ڪئي آهي پر ڀارت پنهنجي هر ڪوشش ۾ ناڪام ويو آهي،اڙِي واقعي کانپوءِ ڀارت پنهنجي جارحيت ۽ جنونيت جي ڪري مظلوم  ڪشميرن کي بي گناهه شهيد ڪري رهيو آهي تازو هلندڙ آزادي جي نئين تحريڪ اندر ڀارت 86ڏينهن ۾ 126مظلوم ڪشميرن کي شهيد ڪري چڪو آهي جنهن ۾ اڪثريت نوجوانن ۽ معصوم ٻارن جي آهي،پر پوءِ ڀارت پنهنجي جارحيت کام پاسو نه پيو ڪري ۽ پنهنجي بربيت ۽ جارحيت کي والاريل ڪشمير اندر عام ڪري رهيو آهي،ان ڪري ڀارت جي اهڙي ظلم تي ۽ ڪشميرن جي  بيگناهه شهيد ٿيندڙ عوام تي خاموش اقوامي متحده تي ويهي جيترو به افسوس ڪجي اوترو گڏ آهي.ڇو ته هڪ طرف اقوامي متحده انهي ڳالهه کي تسليم به ڪري رهي آهي ته ڪشيمر اندر معصوم ڪشميرن سان جيڪو ڀارت جي فوج ظلم ڪري رهي آهي اهو غلط آهي.ٻئي پاسي اها اقوامي متحد ڀارت کي انهي جارحيت تي تنبهه نه پئي ڪري ته هوُ ڇو معصوم ڪشميرن تي اهڙو ظلم ڪري رهي آهي،اها ڳالهه نهايت ئي افسوس جوڳي آهي ته هڪ طرف اقوامي متحده پوري دنيا اندر ٿيندڙ هر ملڪ جي ظلم جو آوازا دنيا تائين پهچائي رهي آهي نه رڳو آواز پهچائي رهي آهي پر انهي ملڪن جي عوام جي تحفظ لاءِ به پورو ڪم ڪري رهي آهي. پر قوامي متحده جو والاريل ڪشمير جي عوام سان اهڙو ورتاءُ جنهن تي صرف ۽ صرف افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو.اقوامي متحده کي اهو سوچڻ ۽ سمجهڻ گهرجي ته ڪشيمر اندر ڀارت جي جارحيت ڪا نئي ناهي جڏهن کان پاڪستان ۽ انڊِيا وجود ۾ آيا آهن انهي ڏينهن کان وٺي ڪشمير جي عوام مٿان ڀارت جي فوج ظلم ڪري رهي آهي جنهن جو انت جو ڪو ڇيڙو نظر نه پيو اچي ٻئي پاسي پاڪستاني پرڏيهي معاملن جي وزير سرتاج عزير چيو آهي ته جيستائين ڪشمير جو مسئلو حل نه ٿيندو ان وقت تائين ڪشمير اندر اها ڇڪتاڻ برقرار رهندي،

ڀارت ڪشميرن مٿان ظلم ڪري رهي آهي اها پوري دنيا ڄاڻي ٿي پر انهي ئي حل لاءِ پاڪستان کان سواءِ ڪو به اهڙو ملڪ ناهي جيڪو انهي معاملي ٿي سنجيدا نظر اچي پاڪستان جي ڪشميرن سان همدري کي ڏسي ڪري ڀارت ڀوکلائجي ويو آهي ان ڪري پاڪستان هڪ چال وڙهندِي ڪشمير اندر هٿ سان ٺاهيل اڙي ڊارمو پيش ڪيو جنهن اندر ڀارت جا 18 فوجي مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا،انهي هٿ سان ٺهيل ڊارمي جو سمورو ناٽڪ پاڪستان جي مٿان مڙِي ڪري پاڪستان خلاف اهڙا الزام لڳايا جيڪي بي بنياد ۽ هٿ ٺوڪيا هئا ڀارت پاڪستان مٿان اهو الزام لڳايو ته اڙي واقعي اندر پاڪستاني فوج ملوث آهي جنهن جو ڀارت وٽ ڪو ثبوت به موجود ناهي،انهي اڙي واقعي کي وٺِي ڪري ڀارت به رڳو پاڪستان خلاف الزام بازيون ڪيون پر سرجيڪل اسٽرائيڪ جهڙا بي بنياد الزام پڻ هنيا،پر انهن الزامن کي عالمي ميڊِيا پڻ رد ڪري انڊيا کي ڪوڙو ظاهر ڪيو،عالمي ميڊيا اها ڳالهه عام طور تي دنيا جي سامهون پيش ڪئي ته پاڪستاني سرحدن اندر ڪوبه سرجيڪل اسٽرائيڪ ناهي ٿيو ڀارت پاران جاري ڪيل  بيان بي بنياد ۽ ڪوڙو آهي نه رڳو ڀارت پاڪستان مٿان سرجيل اسٽرائيڪ جو ڪوڙو الزام لڳايو پر ٿوري وقت لاءِ سمجهوته ايڪسپريس جي اچ وڃ تي پڻ پابندي لڳائي ڇڏي ۽ پاڪستان جي بچاءُ واري وزير خواجه آصف پڻ انهي معاملي تي اهو بيان ڏنو آهي ته سمجهوته ايڪسپريس ۽ سرجيڪل اسٽرائيڪ ڀارت جو رچايل هڪ ڊارمو آهي جنهن ۾ ڪابه صداقت ناهي ڀارت جي ڳجها ادرا اهڙي طرف جي واقعن کي جنريٽ ڪندا رهندا آهن پر ڀارت پاران جاري ڪيل سمورا بيان بي بنياد آهن ڪوڙا آهن، پر ڀارت صرف اتي دنگ نه ڪيو ڀارت جي جنويت ۽ جارحيت ايتري حد تائين وڌي وئي جو هن مظلوم ڪشميرين مٿان ته ظلم ڪرايا ۽  سنڌطاس معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي پاڪستان جو پاڻي بند ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون جن مان ڪجهه ائين لڳي رهيو ته انڊيا  سنڌطاس معاهدي جي خلاف ورزي ڪندي پاڪستان کي ڪشميرين جو ساٿ نه ڏيڻ جو ساٿ نه جو ڊٻاءُ وجهڻ ٿو چاهي،جڏهن ته ڀارت پاڪستان جي خلاف جنگ جون ڌمڪيون پڻ ڏئي رهيو آهي ايتري حد تائين جو آلائين آف ڪنٽرول جي خلاف ورزي ڪندي ٻن پاڪستان آرمي جي جوانن کي شهيد ڪيو پر جواب ۾ پاڪستان آرمي به ڀارت جي ڇهن فوجين کي ماري  وڌو ۽ هڪ فوجي کي زندهه پڪڙِي ورتو پر ڀارت ۽ ڀارت جي ميڊيا پنهنجي ناڪامي کي لڪائڻ لاءِ نه انهن مارجي ويل فوجين جي وارث ٿيا ۽ نه قيد ڀارتي فوجي لاءِ ڪي ڳالهيون ڪيون، پر افسوس جي انهي ورڪنگ بائونڊري تي ٿيندڙ فائرنگ جي مارجي ويل ڀارتي فوجين کان ڀارت لاتعلق بڻيو،،پر اڃان به انڊيا کي ڪا مت ناهي آئي..انڊيا شايد اهو سوچي رهيو آهي ته پاڪستان سندس ڀڀڪين تي ڪشمير مسئلي کان پاسو ڪري ويندو پر انڊيا کي اها به خبر هجڻ گهرجي ته پاڪستان وٽ پاڪستاني دلير فوج موجود آهي جيڪا پاڪستاني جي ٻاڙي ٻاڙي جو تحفظ ڪرڻ ڄاڻي ٿي.۽ پاڪستاني عوام به پنهنجي ملڪ ۽ ديس لاءِ جانيون قربان ڪرڻ کان ڪٻائيندي ناهي،جڏهن ته پاڪستان آرمي هر وقت پنهنجي ملڪ جي تحفظ لاءِ تيار آهي،پر انهي سان پاڪستاني حڪومت به هڪ بهتر قدم کنيو آهي جيڪو هڪ بهترين عمل آهي

ميان نواز شريف پارليامينٽ جي سمورن ميمبرن جو اجلاس ڪوٺائي ڪري سياست کان پهرين ملڪ جي دفاع واري موضع تي جيڪي ڪجهه ڳالهيون اهو به واقعي ساراهه جوڳيون آهن،ڇو ته پاڻ ۾ ڀلي ڪيترائي اختلاف ڇو نه هجن پر  ڳالهه جڏهن پنهنجي ملڪ پنهنجي وطن پاڪستان جي سلامتي جي هجي ته انهي وقت سمورين پارٽين کي هڪ ٿيڻ جي ضرورت هوندي ،ڀارتي جارحيت ۽ ورڪنگ بائونڊي تي ڀارت پاران ڪيل فائرنگ کي نظر رکندي ميان نواز شريف پارليامنيٽ جي ميبمبرن جي اجلاس ڪوٺايو،جنهن ۾ پ پ پاران بلاول ڀٽو،تحريڪ انصاف پاران شاهه محمود قريشي،جعميت علماءِ اسلام پاران مولانا فضل الرحمان،ايم ڪيو ايم پاران فاروق ستار، اي ين پي پاران غلام احمد بلور،۽ ٻين ۾ خورِشيد شاهه ااعتراز احسن،قمرالزمان ڪائره،فرحت الله بابر ۽ شيري رحمان ۽ ٻين شرڪت ڪئي مان سمجهان ٿو ته انهي اجلاس مان ڀارت تمام گهڻو ڪجهه سکي ورتو هوندو ته هاڻ سندس پاڪستان ۾ ڪا به سازش ڪامياب نه ويندي پاڪستان سندس سمورين ناڪام ڪوششن جي پاڙ پٽي ڇڏي آهي،تنهن ڪري ڀارت کي پنهنجي ملڪ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي جيڪو ملڪ خد ڀارت لاءِ خطرو آهي ۽ اقوامي متحده کي گهرجي ڪشمير ۾ ٿيندڙ ڀارتي جارحيت کي بند ڪري ۽ انڊيا خلاف ڪاروائي ڪري

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *