ڀارتي اداڪار سنجي دت 14 ڏينهن لاءِ جيل مان آزاد

پونا(شوبز نيوز): غيرقانوني هٿيار رکڻ جي الزام ۾ قيد ڀارتي فلم اسٽار سنجي دت کي 14 ڏينهن لاءِ آزاد ڪيو ويو آهي، ڀارتي ميڊيا مطابق سنجي دت ملڪي قانون تحت پوليس کي 14 ڏينهن جي آزادي جي درخواست ڏني هئي جنهن کي منظور ڪيو ويو آهي قانوني تقاضائن کي پورو ڪرڻ کانپوءِ ٻن هفتن لاءِ ان کي آزاد ڪيو ويندو ياد رهي ته سنجي دت کي مارچ 2013ع ۾ 1993 جي ممبئي بم ڌماڪن کانپوءِ غير قانوني هٿيار رکڻ جي ڏوهه ۾ ساڍا 5 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي جڏهن ته هينئر تائين هو پنهنجي قيد مان 118 ڏينهن پي رول تي جيل کان ٻاهر به گذاري چڪو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *