ٿر ۾ فوت ٿيندڙ ٻارڙن جي موت جو ذميوار ڪير؟: غلام حسين خاصخيلي

سنڌ جي ٿرپارڪر ضلعي ۾ گرمي توڙي سياري جي موسم ۾ هر سال ٻارڙن جي مرڻ جون خبرون ميڊيا جو مرڪز بڻجي وڃن ٿيون، صحت کاتي جا ڊاڪٽر ٿرپارڪر ۾ غذائي کوٽ ۽ مائرن طرفان پيدا ٿيندڙ ٻارڙن جي ڪمزور هجڻ جو وڏو سبب ڄاڻائين ٿا. ٿرپارڪر ۾ مائرن کي صحتمند رکڻ واسطي ٻن سماجي تنظيمن وٽ اهڙو پروگرام به موجود آهي، جن جي مٿان اها ذميواري ڏنل آهي ته اُهي مائرن کي سٺي خوراڪ پهچائين. ان سماجي تنظيمن بابت ٿرپارڪر ۾ ايِ ڊي او هيلٿ طرفان هڪ انڪشاف سامهون آيو آهي، اِي ڊي او هيلٿ جو چٽن لفظن ۾ اهو چوڻ آهي ته انهن سماجي تنظيمن کان ته ميڊيا پڇي ئي نٿي ته انهن ٿر ۾ غذائي کوٽ جي حوالي سان جيڪو پروجيڪٽ هنن کي مليل آهي، اُن تي انهن سماجي تنظيمن ڪيتري حد تائين ڪم ڪيو آهي ۽ ٿر جي ڪهڙن ڪهڙن علائقن ۾ مائرن طرفان خوراڪ پهچائي وئي آهي. صحت کاتي طرفان اهو پڻ انڪشاف سامهون آيو آهي ته ٿر جي مختلف علائقن ۾ ڊسپينسريون جيڪي موجود آهن، انهن ۾ ٻارن جا ماهر ڊاڪٽر موجود نه آهن، جنهن ڪري شروعاتي طور ٻارڙن جو علاج صحيح طريقي سان نٿو ٿئي، جيڪڏهن انهن ڊسپينسرين ۾ ٻارڙن جا ماهر ڊاڪٽر موجود هجن ۽ ٻارڙن جي مائرن کي سٺي خوراڪ ملي ته ٿرپارڪر ۾ ٻارڙن جي مرڻ وارو معاملو ختم ٿي سگهي ٿو.

ٿرپارڪر ۾ مٺي اسپتال ٿر جي علائقي جي اُها واحد اسپتال آهي، جتي ٻارن جا ڊاڪٽر موجود آهن پر اُتي اسپتال ۾ بيڊن جي اڃان تائين کوٽ موجود آهي. ٿرپارڪر جي پري وارن علائقن کان جڏهن ٻارڙا مٺي اسپتال تائين پهچن ٿا ته انهن جي صورتحال انتهائي خراب بڻجي وڃي ٿي ۽ انهن ۾ اوتري سگهه موجود نه ٿي رهي جو انهن جي زندگي بچي سگهي. ٿرپارڪر ۾ ٻارڙن کي علاج ڪرائڻ واسطي مائٽ کڻي اچن ٿا ۽ واپسيءَ ۾ اُهي پنهنجي گلن جهڙن ٻارڙن جا لاش کڻي پنهنجي گهرن ڏانهن روانا ٿين ٿا. مٺي اسپتال ۾ ٻارڙن جو علاج ڪرڻ دوران ڪجهه ٻارڙن کي مٺي اسپتال کان ميرپورخاص، حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي اسپتالن ڏانهن به موڪليو وڃي ٿو. سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته انهن ٻارڙن کي مٺي کان سنڌ جي ٻين اسپتالن ڏانهن موڪلڻ جو جواز ڇو پيش اچي رهيو آهي؟ سنڌ جي صحت کاتي وٽ تمام ٻارڙن جا ماهر ڊاڪٽر موجود آهن ۽ انهن ماهر ڊاڪٽرن کي جيڪڏهن ڏيپلو، ننگرپارڪر، ڇاڇرو، اسلام ڪوٽ ۽ ٿرپارڪر جي ٻين پري وارن علائقن ڏانهن موڪلي ٻارڙن جي علاج لاءِ سمورا بندوبست ڪيا وڃن ته وڏي پئماني تي ٻارڙن جون زندگيون بچي سگهن ٿيون.

سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت عوام جون چونڊيل جمهوري حڪومتون آهن. جمهوري حڪومتن مٿان اهو فرض بڻجي ٿو ته اُهي عوام جي جان، مال، صحت جي حفاظت ڪن. ٻنهي حڪومتن طرفان جڏهن ميڊيا ٿرپارڪر ۾ ٻارڙن جي مرڻ جون خبرون سامهون آڻي ٿي ته پوءِ هر سال اهي حڪومتون حرڪت ۾ اچن ٿيون. سنڌ حڪومت سان لاڳاپيل ڪجهه وزيرن ته ايتري تائين اُهي جملا به چئي ڇڏيا آهن ته جيڪڏهن ٻار مرن ٿا ته اُن ۾ سنڌ حڪومت جو ڏوهه نه آهي. هر جڳهه تي هر ٻار جي سار سنڀال سنڌ حڪومت نه ٿي لهي سگهي. وزيرن جي اهڙي بيان سان گهٽ ۾ گهٽ ٻارڙن جي والدين جون دليون ڏک سان ضرور رنج ٿيون هونديون ۽ سندن اکين ۾ لڙڪ ضرور آيا هوندا. اکين ۾ لڙڪ اچڻ ۽ دل ۾ رنج پهچڻ به زندگيءَ جو هڪ انوکو احتجاج آهي، ڇو ته جيڪڏهن غريب ماڻهو طاقتور حڪومت سان پڄي نٿو سگهي ته گهٽ ۾ گهٽ اهڙي نموني سان دلي طور ڏک جو اظهار ته ڪري سگهجي ٿو. اهڙن وزيرن کي گهرجي ته گهٽ ۾ گهٽ جيڪڏهن اهي ٻارڙن جي علاج واسطي ڪجهه نٿا ڪري سگهن ته انهن والدين جون دليون ته نه ڏکائين. سنڌ حڪومت جا چونڊيل ايم اين ايز، ايم پي ايز کان وٺي صلاحڪارن تائين اهي لکين روپين جون پگهارون کڻن ٿا ۽ اُهي هڪ مهيني جي پگهار ٿرپارڪر جي ٻارڙن لاءِ وقف ڪري ڇڏين ته وڏي پئماني تي ٿرپارڪر ۾ ٻارڙن جو بهترين علاج ٿي سگهي ٿو ۽ ٿر جي مائرن کي بهترين خوراڪ ملي سگهي ٿي. ٿرپارڪر ۾ جيتري ذميواري سنڌ حڪومت جي آهي، اوتري ئي ذميواري وفاقي حڪومت جي به بڻجي ٿي. وفاقي حڪومت جي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ ويٺلن کي به گهرجي ته اُهي به گهٽ ۾ گهٽ هڪ مهيني جي پگهار ٿرپارڪر لاءِ وقف ڪري ڇڏين ته ٿر ۾ گلن جهڙن معصوم ٻارڙن جي مرڻ وارو مسئلو گهٽجي سگهي ٿو. وفاقي توڙي سنڌ حڪومت ٻارڙن جي ماهر ڊاڪٽرن کان وٺي مختلف بيمارين جي اسپيشلسٽ ڊاڪٽرن جي هڪ مهيني تائين سڄي سنڌ مان ڊاڪٽرن جون ڊيوٽيون لڳائي ته بهتر نموني سان ٿر جي ٻارڙن جو علاج ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن حڪومت پابندي سان انهن ڊاڪٽرن کي پابند بڻائيندي ته ڪو به ڊاڪٽر ٿر وڃڻ کان انڪار نٿو ڪري سگهي. حڪومت وٽ قانون تي عمل ڪرائڻ لاءِ هر رستو موجود آهي، ان ڪري ٿرپارڪر جي مسئلي تي سياست ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ کپي. اپوزيشن هجي يا حڪومت ۾ ويٺل ميمبر هجن، انهن سمورن جي اها ذميواري بڻجي ٿي ته اُهي ٻارڙن جي علاج واسطي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن. سنڌ توڙي پاڪستان ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون فلاحي تنظيمون به موجود آهن، جيڪي وڏن شهرن ۾ ته وڏيون آفيسون، اسپتالون ۽ ادارا قائم ڪيو ويٺيون آهن، انهن کي به گهرجي ته اُهي به گهٽ ۾ گهٽ ٿرپارڪر لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. انهن ادارن جي طرفان ٻارڙن جي علاج لاءِ اڃان تائين ڪو به ڪردار ادا نه ڪيو آهي. ٿرپارڪر ۾ ڏڪار واري صورتحال به ماڻهن کي پريشان ڪري ڇڏي ٿي. ڏڪار بابت اُتان جي لاڳاپيل اختيارين طرفان سنڌ حڪومت کي ڪافي ڀيرا لکت ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٿر جي صورتحال ڏڪار واري آهي، ان ڪري ٿر جي ماڻهن جي ڀرپور نموني سان مدد ڪئي وڃي. ٿرپارڪر ۾ ڪڻڪ جي ورهاست به صحيح طريقي سان نه ٿي ڪئي وڃي، ان جي ورهاست به سياسي بنيادن تي ٿئي ٿي جنهن ڪري ٿر جي اندر ڪيترائي غريب ماڻهو ڪڻڪ ملڻ کان محروم رهن ٿا. ٿرپارڪر ۾ پيئڻ جي پاڻي لاءِ مختلف پلانٽ قائم ڪيا ويا هئا، انهن پلانٽن مان ڪجهه پلانٽ ٺهڻ جي ڪجهه وقت کانپوءِ خراب ٿي ويا، جنهن ڪري صاف پاڻي وارو مسئلو اڌ ۾ رهجي ويو، صاف پاڻي لاءِ لڳايل فلٽر پلانٽ به ڪافي هنڌن تي سياسي بنيادن تي لڳايا ويا آهن، سياسي بنيادن تي ٿر ۾ ڪنهن به ڪم جي ورهاست ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي، جيڪڏهن ٿر جي ماڻهن جو ٿورو به حڪومت، اپوزيشن ۽ سماجي تنظيمن کي دل ۾ درد آهي ته اُهي پنهنجي وس آهر دل سان ٿر جي ماڻهن جي مدد ڪن ته ٿر جا ماڻهو خوشحال بڻجي سگهن ٿا، ٿرپارڪر ۾ ٻارڙن جي موت کي روڪڻ لاءِ جيڪڏهن سنجيدگيءَ سان صحت کاتو عملي طور قدم کڻي ته وڏي پئماني تي ٻارڙن جي مرڻ جي واقعن ۾ گهٽتائي اچي سگهي ٿي.

ghkhaskhelii@gmail.com

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *