ٿر جي ڏڪار بابت ڪميشن رپورٽ ۽ بي رحم ذميوار حڪمران!: جاويد ابڙو

بدقسمتي سان غربت پاڪستان جو سڀ کان وڏو ۽ سنگين مسئلو بڻيل آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ غربت جي حوالي سان هڪ رپورٽ جاري ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو هو ته پاڪستان ۾ تقريبن 6 ڪروڙ ماڻهو غربت جي لڪير کان به هيٺ پنهنجي زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، انهن 6 ڪروڙ متاثر ماڻهن ۾ ٿر واسي به يقيني طور تي شامل آهن، ان ۾ به شڪ ناهي ته ڪو غريب ماڻهو پنهنجي ئي ملڪ ۾ فوٽ پاٿن ۽ فلاءِ اوور هيٺان رستن تي زندگي گهاريندي پنهنجي خوشين کي هميشه هميشه لاءِ وساري ڇڏي ٿو ۽ جڏهن سندس نظرون شاندار ۽ بلند عمارتن، مهانگين گاڏين، آسائشن سان ڀريل پارليامينٽ، وزيراعظم هائوس ۽ ايوان صدر تي پون ٿيون ته هن جي دل مان جيڪي آهون ۽ دانهون نڪرن ٿيون، تن کي اهو ئي محسوس ڪري سگهي ٿو، جيڪو هن وانگر ئي غربت واري زندگي گذاريندڙ هجي، ان وقت به هر غريب شخص جي دل رت جا ڳوڙها ڳاڙي ٿي، جڏهن اسان جي ملڪ جا حڪمران پرڏيهي دورن تي روانا ٿين ٿا، جن تي هر سال اربين رپيا خرچ ٿي وڃن ٿا. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان جي دل مان انسانيت مري چڪي آهي، اسان سڀ بيوس ۽ لاچار ٿي چڪا آهيون، ان وقت هر باضمير شخص جو ڪنڌ شرم کان جهڪي وڃي ٿو، جڏهن ڪنهن غريب جا ٻار بک تي گذارو ڪري رهيا هجن ۽ ساڳئي وقت شاندار نموني جوڙايل محلن ۽ فارم هائوسز جا مالڪ پنهنجي  رهائشگاهن ۾ پلجندڙ پالتو جانورن کي روزانو جي بنياد تي قيمتي کاڌا نوش ڪرائيندا هجن، پر ان مان ڪنهن غريب جي هڪ ويلي جي ماني لاءِ انتظام ڪرڻ کي هُو عيب سمجهن ٿا.

سنڌ حڪومت ٿر جي ماروئڙن جي ڏکن ڏاکڙن ۽ تڪليفن کي ڄاڻڻ لاءِ اعليٰ سطح تي جيڪا ڪميشن جوڙي هئي، ان جي سفارشن ۾ تمام وڏن ۽ بنيادي مسئلن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ۽ جيڪڏهن انهن تي سنجيدگي سان عمل ڪيو وڃي ته ٿر جا مسئلا مڪمل طرح شايد ختم ته نه ٿي سگهن، پر اهي ڪنهن حد تائين حل ضرور ٿي سگهن ٿا. چوڻ جو مقصد اهو به ناهي ته سنڌ حڪومت ٿر ۾ ڄاڻي واڻي ڏڪار پيدا ڪيو آهي، پر جيڪڏهن ڪا قدرتي آفت اچي ٿي ته ان کان عوام کي بچائڻ حڪومت جي ئي ذميواري آهي، جيڪي کاتا انساني خدمت لاءِ قائم ڪيا ويا آهن، بدقسمتي سان انهن اهڙو ڪوبه ڪردار ادا ناهي ڪيو، جنهن سان هر نئين سج اڀرندڙ نون مسئلن تي ڪنٽرول ڪري انهن کي حل ڪري سگهجي.

اسان جي ملڪ ۾ اهڙا ٻار به موجود آهن، جيڪي اسڪول نٿا وڃن، پر اهي ڪچري جي ڍيرن تي گند ميڙيندي ضرور ڏسجن ٿا، پاڪستان کي تبديل ڪرڻ جا نعرا ته لڳايا وڃن ٿا، پر آخر اهي نعرا رڳو نعرن تائين ئي ڇو قيد آهن؟ جيڪڏهن اسان کي ملڪ ۾ تبديلي آڻڻي آهي ته پوءِ پٺتي پيل علائقن کي ترقي يافته علائقن جي برابر ڪرڻو پوندو، غربت کي ختم ڪرڻو پوندو، ماڻهن کي پيئڻ لاءِ صاف پاڻي، صحت، تعليم سميت ٻيون بنيادي گهرجون فراهم ڪرڻيون پونديون، بيروزگارن لاءِ روزگار جا دروازا کولڻا پوندا، جيڪا سئو سيڪڙو حڪومت جي ذميواري آهي. بهرحال، سنڌ حڪومت طرفان ٿر ۾ ڏڪار ۽ ٻارن جي موت جو ذميوار سنڌ سرڪار کي قرار ڏنو ويو آهي، حقيقتن تي ٻڌل اهڙي رپورٽ لاءِ جوڙيل ڪميشن پنهنجي رپورٽ چيف سيڪريٽري سنڌ حوالي ڪري ڇڏي آهي، اڳوڻي ايڊووڪيٽ جنرل عبدالفتاح ملڪ جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪميشن پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته ٿر ۾ موت جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي، سرڪاري کاتن جي نااهلي جا ڪارڻ به رپورٽ ۾ ٻڌايا ويا آهن، ڪميشن شادي جي قانون تي عملدرآمد جي پڻ سفارش ڪئي آهي، جڏهن ته صحت، زراعت، روينيو، سياحت، جهنگلي جيوت، لائيو اسٽاڪ، صحت، تعليم ۽ ٻين کاتن تي ٿر جي ڏڪار جي ذميواري لاڳو ڪئي وئي آهي. ڏٺو وڃي ته اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ آهي ۽ جيڪي ڊاڪٽر اتي موجود آهن، انهن جو پگهار به تمام گهٽ آهي، ان ڪري ڪميشن پنهنجي رپورٽ ۾ ڊاڪٽر جو پگهار ساڍا ٽي لک کان به وڌيڪ مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي، تعليم جي حالت به انتهائي خراب آهي، زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ ڪوبه ڪم ناهي ڪيو، ٿر ۾ ڏڪار سبب پيئڻ جو پاڻي ميسر ناهي، آر او پلانٽن تي ڪروڙين رپيا خرچ ته ڪيا ويا آهن، پر اهي به ٿر واسين لاءِ ايترا فائديمند نه رهيا آهن، جيتري حڪمران دعويٰ ڪن پيا. رپورٽ ۾ ٿر کي آفت سٽيل قرار ڏيڻ ۽ ٿر ڊولپمينٽ اٿارٽي قائم ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ظلم هوندو ته ٿر جي ماڻهن لاءِ ڪڻڪ ۽ ٻي خوراڪ ته موڪلي وئي، پر اها به انهن تائين نه پهچائي وئي، سنڌ حڪومت جيڪڏهن واقعي ٿر جي عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي خواهش رکي ٿي ته ان کي ٿر ۾ زندگي جي بنيادي گهرجن کي پورو ڪرڻ لاءِ ايمانداري سان مخلص انداز ۾ فلاحي رٿائن جي نگراني لاءِ ڪرپشن کان پاڪ ۽ بي داغ ذميوار ماڻهن کي مقرر ڪرڻو پوندو، ٿر ۾ ٻيون به گهڻيون ئي غير سرڪاري تنظيمون آهن، جيڪي ماروئڙن جي انساني خدمت ڪرڻ ۾ مصروف آهن.

مٺي ۾ قائم ڪيل اسپتال سڄي ٿر جون طبي ضرورتون پوريون ڪرڻ جي واحد اسپتال آهي، پهرين ڳالهه اها آهي ته ٿر جي ڏورانهن علائقن مان مٺي اسپتال پهچڻ ايترو سولو ناهي، جيترو سمجهيو وڃي ٿو، جيڪڏهن ڪير جان جوکي ۾ وجهي مشڪلاتن جو سفر طئي ڪري مٺي اسپتال پهچي به وڃي ٿو ته اتي اڪثر ڪري ڊاڪٽر موجود ناهن هوندا، ڇوته ڊاڪٽر ٻهراڙي ۽ پٺتي پيل علائقن ۾ فرض سرانجام ڏيڻ لاءِ تيار ئي ناهن، ان ڪري شهري سهولتن کي ڇڏي ڪري ڪهڙو ڊاڪٽر مٺي ويندو، مٺي اسپتال ڊاڪٽرن جي راهه ئي تڪيندي رهي ٿي ته ڪهڙو ڊاڪٽر ان کي قبول ڪري ماروئڙن جي اهنجن کي دور ڪندو. جڏهن ته نجي اسپتالن ۾ غريب ماڻهن پاران پنهنجو ۽ پنهنجي ٻارن ٻچن جو علاج ڪرائڻ وس جي ڳالهه ناهي، حيرت آهي ته اهي ڊاڪٽر به ٿر ۾ وڃڻ پسند نٿا ڪن، جن ٿر جا رهاڪو هجڻ ڪري رعايت جي بنياد تي ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا ورتي، اهڙين حالتن ۾ ئي جيڪڏهن ڪميشن ڊاڪٽرن جو پگهار وڌائڻ جي سفارش ڪئي آهي، پر ان جي باوجود ڊاڪٽر پاڻ کي تڪليف ۾ وجهڻ نٿا چاهين.

ڪميشن پنهنجي رپورٽ ۾ مختلف مسئلن جي درست طريقي سان نشاندهي ڪئي آهي، پر ٿرين جا ڏک ختم ڪرڻ لاءِ جنهن دردمندي جي ضرورت آهي، اهو احساس حڪمرانن جي من ۾ ڪيئن پيدا ٿيندو. جيڪڏهن سنڌ حڪومت ٿرين جون مشڪلاتون حل ڪرڻ ۾ سنجيده آهي ته ٿر ۾ ڏڪار ۾ شدت اچڻ کان اڳ ئي اهڙا قدم کڻڻا پوندا، جن سان ماروئڙن تي ايندڙ مصيبتون روڪي سگهجن. پهرين جڏهن ٿر ۾ مقرر وقت تي برساتون نه پونديون هيون ته انتظاميا اڳواٽ ئي اهڙيون رٿائون جوڙي ڇڏيندي هئي، جن سان ٿر واسين جي تڪليفن کان بچائي سگهبو هو، پر هاڻوڪي وقت ۾ ته حڪومت پاڻ کي ان اهم ذميواري کان آجو سمجهي ٿي، اهو ئي سبب آهي جو ڪميشن جي رپورٽ ۾ سنڌ سرڪار کي ئي ٿر ۾ ماڻهن جي موت ۽ بدحالي جو ذميوار قرار ڏنو ويو آهي، ائين ناهي ته ٿر ۾ آيل ڏڪار جي ذميوار سنڌ سرڪار آهي، پر چوڻ جو مقصد اهو آهي ته جيڪڏهن قدرت جي طرفان ٿر ۾ ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿئي ٿي ته ان امتحان جي تياري ڪرڻ ۽ ان ۾ سٺن نمبرن سان پاس ٿيڻ سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي، جيڪڏهن ان ذميواري کان سنڌ سرڪار ڪن لاٽار ڪندي ته يقينن صوبائي حڪمران جماعت پيپلزپارٽي جي ئي عوامي مينڊيٽ کي نقصان رسندو ۽ جهڙي ريت پ پ تي ڪرپشن جا الزام لڳندا رهيا آهن، ان جي ڪري ئي پيپلزپارٽي جي حڪومت تان عوام جو ويساهه کڄندو ويو آهي. اڃا به وقت ويو ناهي، پيپلزپارٽي سميت سنڌ جي ٿر سان محبت ڪندڙ هر تنظيم ۽ مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙن لاءِ هي سُنهري موقعو آهي ته هو ٿر جي غريب ماروئڙن جي مٿان ڇپر ۽ ڇانو بڻجي کين ڏکن ۽ تڪليفن مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ ڪردار ادا ڪن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *